اڄوڪو ڏينهن 31 مئي تاريخ جي دريءَ مان

'مئي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 31 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    31 مئي 1816ع بزرگ سيد علي گوهر شاهه بنگلي ڌڻي (پيرڳوٺ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    31 مئي 1825ع انگريز ليکڪ ۽ لسانيات جي ماهر ايڇ جي راورٽي (مهراڻ آف سنڌ جو ليکڪ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    31 مئي 1902ع موسيقار ۽ شاعر احمد چاڳلا (قومي تراني جي ڌن جو خالق) جو جنم ڏينهن آهي.
    31 مئي 1909ع صحافي عبد العلي قلباڻي (روهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    31 مئي 1921ع ليکڪ سورت هنگواڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    31 مئي 1937ع ليکڪ ڪِشن پنجابي (شڪارپور / الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    31 مئي 1942ع تعليمدان ۽ شاعر آغا روشن علي پٺاڻ (درٻيلو) جو جنم ڏينهن آهي.
    31 مئي 1946ع براڊڪاسٽر نثار ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
    31 مئي 1968ع صحافي رحيم بخش جمالي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:

    31 مئي 1903ع خيرپور رياست جي اڳوڻي وزير قادر داد خان جو لاڏاڻو ٿيو.
    31 مئي 1950ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا هدايت الله عارفاڻي (ڪنڊيارو) جي وفات ٿي.
    31 مئي 1968ع اسڪالر رائچند راٺوڙ (چيلهيار) ديهانت ڪري ويو.
    31 مئي 1978ع شاعر عارف المولا جي وفات ٿي.
    31 مئي 1999ع گلوڪار، موسيقار، اداڪار ۽ هدايتڪار عنايت حسين ڀٽي جو انقال ٿيو.
    31 مئي 2005ع بزرگ سيد شهباز علي جهانيان جو لاڏاڻو ٿيو.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 31 مئي جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    _______
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو