انقلاب جي سرحد

'شمشير الحيدري' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    انقلاب جي سرحد

    سدائيـــن ڪـــوڙ کٽيـــو جبر جــي سهارن تي،
    دٻــائــي ســچ کـــي تقديــــر جـــي حوالن سان،
    رکـــي سيـــاهيءَ جـــو الـــزام چنـــڊ تــارن تي،
    عجـــب مـــذاق انـــڌيــرن ڪيـــو اجـالن ســان.

    ڳـــلي جــا طوق بـــدلجن پيـــا سـدا، هـر ســـو،
    ڏکــي نه آهــي صدين جـي حساب جي صورت،
    صليب مـــان ٿي اچـي اڄ بهـارن جي خوشبو،
    عجيـــب آهـــي اهــا انقـــلاب جـــي صــــورت.

    گهڙيءَ گهڙيءَ کي زماني جي زندگي حاصل،
    هـــزارين سال بــه تــــاريخ ۾ ويــــا گــــم ٿــي،
    جتــــي جتـي به جهڪيو حق جي اڳيان باطل
    شفــــق ٿي چمـــڪي اتـي انقلاب جي سرخي
    شمشير الحيدري​


     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جتــــي جتـي به جهڪيو حق جي اڳيان باطل
    شفــــق ٿي چمـــڪي اتـي انقلاب جي سرخي

    ۽ ان ئي انقلاب جي اسان کي ضرورت آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو