لاڏو۔۔

باغي عليم

سينيئر رڪن
۔
سائين نياز هُمايوني۔۔
منهنجي اُونداهين جا اور۔ منهنجي اڱڻ اچجان
ٽلي ٽانڊاڻي جي ٽور۔ منهنجي اڱڻ اچجان

منهنجي اڱڻ اچجان ۔منهنجي دل رکجان
منهنجي ماڙيء سندا مور۔ منهنجي اڱڻ اڇجان

منهنجي اڱڻ اچجان ۔منهنجي ڳالهه ٻڌجان
منهنجي چانڊوڪين جا چور۔ منهنجي اڱڻ اچجان

منهنجي اڱڻ اچجان ۔منهجي سار لهجان
منهنجي زاري تنهنجو زور۔ منهنجي اڱڻ اچجان

منهنجي اڱڻ اچجان منهنجا حال ڏسجان
تنهنجي گولي تو تان گهور۔ منهنجي اڱڻ اچجان
 
لاڏو اسان وٽ عورتون ڳائينديون آهن ۽ گهڻو ڪري خوشيء جي موقعي تي ڳائين ٿيون۔

سهڻي شيئرنگ
 
Back
Top