• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پ پ سنڌ ۾ وڌيڪ 2 قومي ۽ 4 صوبائي سيٽون کٽي وئي، ارباب گروپ ۽ شاهه محمود قريشي کي شڪست

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
395187_472869192789293_624504498_n.jpg
چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ نور محمد شاهه جيلاني، فقير شير محمد بلالاڻي، مخدوم خليل الزمان، دوست علي راهمون ،مقيم کوسو ۽ عابد سندراڻي​

پ پ سنڌ ۾ وڌيڪ 2 قومي ۽ 4 صوبائي سيٽون کٽي وئي، ارباب گروپ ۽ شاهه محمود قريشي کي شڪست

سنڌ ۾ قومي اسيمبليءَ جي ٻن ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ٽن تڪن تي چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ جيڪب آباد واري هڪ سيٽ تي ٻيهر ڳڻپ سبب پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جون سنڌ اسيمبليءَ ۾ سيٽون 90 ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ 41 ٿي ويون آهن. ڪالهه ٿر جي ٻن تڪن جي رهيل پولنگ اسٽيشنز تي ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾پي ايس 62 تان مخدوم خليل الزمان، پي ايس 63 تان دوست محمد راهمون، پي ايس 17 ڪشمور تان غلام عابد سندراڻي جي ڪاميابي ۽ جيڪب آباد جي پي ايس 14 تي ٻيهر ڳڻپ ۾ پ پ پ جي سردار مقيم کوسي جي ڪاميابي سان پ پ پ جون سنڌ اسيمبليءَ ۾ سيٽون 90 ٿي ويون آهن، ٻئي پاسي اين اي 229 تي پ پ پ جي اميدوار فقير شير محمد بلالاڻي ۽ اين اي 230 تي پير نورمحمد شاهه جيلانيءَ جي ڪاميابيءَ کانپوءِ قومي اسيمبليءَ ۾ پ پ پ جون سيٽون 39 مان وڌي 41 ٿي ويون آهن. ٿرپارڪر ضلعي جي ٻن قومي ۽ ٻن قومي ۽ ٻن صوبائي تڪن جي 43 پولنگن اسٽيشنن تي آرمي، رينجرس ۽ پوليس جي سخت سيڪيورٽي انتظامن ۾ پولنگن اسٽيشنن تي پرامن ماحول ۾ ٻيهر چونڊ ٿي. غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب اين اي 229 ڏيپلو جي 4 پولنگن تي پ پ اميدوار فقير شير محمد بلالاڻي کي 1774 ووٽ مليا ۽ ارباب گروپ جي ارباب توڳاچي کي 731 ووٽ مليا. اهڙي ريت فقير شير محمد بلالاڻي 86992 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي ۽ ارباب توڳاچي 84922 ووٽ کنيا آهن. اين اي 230 تي 43 پولنگن تي غير حتمي نتيجن موجب پ پ جي اميدوار پير نور محمد جيلاني 59528 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ۽ آزاد اميدوار مخدوم شاهه محمود قريشي 58296 ووٽ کڻي هارائي ويو. پي ايس 62 ننگر پارڪر تي پ پ جي مخدوم نعمت الله عرف خليل الزمان 36448 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ ارباب گروپ جي ارباب انور 28416 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي. پي ايس 63 ڇاڇرو تي پ پ جي دوست علي راهمون کي 28 پولنگن تي 10935 ووٽ کڻي سرسي حاصل آهي ۽ ارباب گروپ جي غلام حيدر سميجو 6575 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي. جڏهن ته غير حتمي نتيجن موجب پ پ اميدوارن کي سرسي حاصل آهي.​
 
آواز پيا اچن ته شاهه محمود جي تڪ ۽ ارباب توڳچي واري تڪ ۾ ٻيهر ڳڻپ ڪئي وڃي۔۔۔ جو فرق گهٽ آهي۔۔
 
ڀلي ٻيهر ڳڻپ ڪن سائين ۔۔۔۔ جنهن کٽيو هجي ان کي ئي کٽڻ گهرجي۔

جيڪڏهن شاهه محمود قريشي کٽيو به سهي ته هو اڳوڻي وزير اعظم شوڪت عزيز وانگر ٿر جي ئي سيٽ خالي ڪندو ۽ ٻيهر اليڪشن ٿيندي۔

پ پ پ ته جيڪي پٽڪا ٻڌرائيندي سا خبر آهي ۔۔۔۔ پر ٻاهرين ماڻهو جي هارائڻ ۽ اربابن جي شڪست تي گهٽ ۾ گهٽ مونکي خوشي ٿي آهي۔
 
Back
Top