چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ نور محمد شاهه جيلاني، فقير شير محمد بلالاڻي، مخدوم خليل الزمان، دوست علي راهمون ،مقيم کوسو ۽ عابد سندراڻي
پ پ سنڌ ۾ وڌيڪ 2 قومي ۽ 4 صوبائي سيٽون کٽي وئي، ارباب گروپ ۽ شاهه محمود قريشي کي شڪست
سنڌ ۾ قومي اسيمبليءَ جي ٻن ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ٽن تڪن تي چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ جيڪب آباد واري هڪ سيٽ تي ٻيهر ڳڻپ سبب پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جون سنڌ اسيمبليءَ ۾ سيٽون 90 ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ 41 ٿي ويون آهن. ڪالهه ٿر جي ٻن تڪن جي رهيل پولنگ اسٽيشنز تي ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾پي ايس 62 تان مخدوم خليل الزمان، پي ايس 63 تان دوست محمد راهمون، پي ايس 17 ڪشمور تان غلام عابد سندراڻي جي ڪاميابي ۽ جيڪب آباد جي پي ايس 14 تي ٻيهر ڳڻپ ۾ پ پ پ جي سردار مقيم کوسي جي ڪاميابي سان پ پ پ جون سنڌ اسيمبليءَ ۾ سيٽون 90 ٿي ويون آهن، ٻئي پاسي اين اي 229 تي پ پ پ جي اميدوار فقير شير محمد بلالاڻي ۽ اين اي 230 تي پير نورمحمد شاهه جيلانيءَ جي ڪاميابيءَ کانپوءِ قومي اسيمبليءَ ۾ پ پ پ جون سيٽون 39 مان وڌي 41 ٿي ويون آهن. ٿرپارڪر ضلعي جي ٻن قومي ۽ ٻن قومي ۽ ٻن صوبائي تڪن جي 43 پولنگن اسٽيشنن تي آرمي، رينجرس ۽ پوليس جي سخت سيڪيورٽي انتظامن ۾ پولنگن اسٽيشنن تي پرامن ماحول ۾ ٻيهر چونڊ ٿي. غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب اين اي 229 ڏيپلو جي 4 پولنگن تي پ پ اميدوار فقير شير محمد بلالاڻي کي 1774 ووٽ مليا ۽ ارباب گروپ جي ارباب توڳاچي کي 731 ووٽ مليا. اهڙي ريت فقير شير محمد بلالاڻي 86992 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي ۽ ارباب توڳاچي 84922 ووٽ کنيا آهن. اين اي 230 تي 43 پولنگن تي غير حتمي نتيجن موجب پ پ جي اميدوار پير نور محمد جيلاني 59528 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ۽ آزاد اميدوار مخدوم شاهه محمود قريشي 58296 ووٽ کڻي هارائي ويو. پي ايس 62 ننگر پارڪر تي پ پ جي مخدوم نعمت الله عرف خليل الزمان 36448 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو ۽ ارباب گروپ جي ارباب انور 28416 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي. پي ايس 63 ڇاڇرو تي پ پ جي دوست علي راهمون کي 28 پولنگن تي 10935 ووٽ کڻي سرسي حاصل آهي ۽ ارباب گروپ جي غلام حيدر سميجو 6575 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي. جڏهن ته غير حتمي نتيجن موجب پ پ اميدوارن کي سرسي حاصل آهي.