• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ملڪ ۾ سوشل ميڊيا جو رجحان

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ملڪ ۾ هن وقت ڪل آبادي جو لڳ ڀڳ 10 کان 15 سيڪڙو تعداد انٽرنيٽ استعمال ڪري رهيو آهي ۽ رڳو 2 سيڪڙو يا ان کان گهٽ تيز رفتار براڊ بينڊ انٽرنيٽ سان ڳنڍيل آهن۔ ان باوجود اها حقيقت آهي ته 2012 جي مقابلي ۾ هن سال هيئنر تائين 50 سيڪڙو اضافي ٿي چڪو آهي۔۔ ۽ ڪارپوريشن طرفان ڊجيٽل مارڪيٽنگ تي 45 سيڪڙو اضافي خرچ جا اشتهار ڏيکاريا ويا آهن۔۔
مٿيان انگ اکر ڏسن ٿا ته اڳتي هلي سوشل ميڊيا جي استعمال ۾ ڏينهون ڏينهون تيز رفتار اضافو ٿيندو ڇو ته وڌ کان وڌ ماڻهون سوشلائيزنگ ۾ مصروف ٿيندا۔ فيس بوڪ اڃان تائين پهريون نمبر پليٽ فارم آهي جتي ملڪ جي 27 سيڪڙو آن لائين آبادي موجود آهي۔ مطلب نون ايندڙن لاءِ اڃان به کوڙ جاءِ موجود آهي۔۔
جيڪڏهن هلندڙ سال ٿري جي سسٽم ملڪ ۾ اچي ٿو وڃي ته 120 ملين موبائيل فون استعمال ڪندڙن لاءِ ملڪ ۾ صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي۔ ۽ هر سال سوشل ميڊيا جي استعمال ۾ 100 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو نوٽ ڪيو ويندو۔۔

ان حوالي سان انٽرنيٽ تي هڪ انفوگرافڪ ڦرندي نظر آيو ۔۔۔ سوچيوسين دوستن کي به ڏيکارجي۔۔۔​

iH8t3IODkAJtS.png
 
همممم مطلب ته اسان به وڌ کان وڌ استعما ڪندڙ فيسبو جا ئي فيملي ميمبر آهيون۔۔۔۔ سٺي ڄاڻ
 
Back
Top