علامه سيد بديع الدين شاهه راشدي رحمة الله عليه جي حياتيءَ جو مختصر خاڪو نالو: سيد بديع الدين شاهه ڪنيت: ابو محمد ذات: سيد تاريخ پيدائش: 18 ذوالحجة 1343هه مطابق 10 جولاءِ 1925ع جاءِ پيدائش: ڳوٺ سيد فضل الله شاهه (پراڻو پير جھنڊو) نزد نئين سعيد آباد، ضلع مٽياري (سابقه ضلع حيدرآباد)، سنڌ. مادري زبان: سنڌي خانداني پس منظر: علامه سيد بديع الدين شاهه الراشدي رحمة الله عليہ جو سلسله نسب هن طرح آهي ”سيد بديع الدين شاهه بن سيد احسان الله شاهه بن سيد رشد الله شاهه بن سيد رشيد الدين شاهه بن سيد محمد ياسين شاهه بن سيد راشد شاهه الحسيني. قاضي فتح محمد نظاماڻي تفسير مفتاح رشد الله ( 1 / 24 – 27 ) ۾ سيد راشد شاهه رحمة الله عليه جو شجره نسب جناب امام حسين بن علي بن ابي طالب رضي الله عنهما سان ملايو آهي. اهڙي طرح علامه سيد بديع الدين شاهه الراشدي پنهنجي چاليهن پشت ۾ جناب امام حسين رضي الله عنه سان ملن ٿا. جناب سيد راشد شاهه جي اولاد کي راشدي حسيني سڏيو وڃي ٿو، سيد راشد شاهه رحمة الله عليه جي وڏن مان سيد علي مڪي رحمة الله عليه عراق جي شهر ڪاظمين مان هجرت ڪري موجوده ضلع دادو ۾ لڪي شاهه صدر وٽ اچي رهيو، ان جي اولاد کي لڪياري سادات سڏيو وڃي ٿو. راشدي لڪياري سادات مان آهن. سيد راشد شاهه رحمة الله عليه جي خانداني ۽ ديني جانشيني جي لحاظ کان سندس اولاد ۾ ٻه سلسلا هليا. (1) پير پاڳارو خاندان، (2) پير جھنڊو خاندان. علامه سيد بديع الدين شاهه پير جھنڊو خاندان مان هئا. پير جھنڊو خاندان جو علمي مقام بلند رهيو آهي، سيد رشيد الدين شاهه الراشدي رحمة الله عليه کي چوڏهين صدي هجريءَ جو مجدد چيو ويو آهي جنهن سڀ کان پهرين عمل بالحديث کي ترجيح ڏني ۽ تصوف جي بعض غلط مسائل جو رد ڪيو، ان جو فرزند سيد رشدالله شاهه سيد نذير حسين دهلوي ۽ امام شوڪانيءَ جي تلميذ رشيد علامه حسين بن محسن الانصاري اليماني جو شاگرد هو، پاڻ حديث جي خدمت ڪئي آهي ۽ مسلڪ اهل حديث جي تائيد ۾ مخالفين جي رد ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. تعليم وتربيت: علامه سيد بديع الدين شاهه الراشدي رحمة الله عليه پنهنجي خانداني مدرسه ”دار الارشاد“ ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ شروع ۾ پنهنجي سيد احسان الله شاهه جي تربيت هيٺ رهيا، سندن والد ماجد تمام محب السنة ۽ متصلب سلفي العقيدة عالم دين هئا. 1938ع ۾ سيد احسان الله الرشدي رحمة الله عليه جن وفات ڪئي ان وقت علامه السيد بديع الدين شاهه رحمة الله عليه جي عمر 14، 15 سال هئي. اساتذه: علامه سيد محب الله شاهه الراشدي رحمة الله عليه ، شيخ محمد اسماعيل بن عبدالخالق سنڌي، شيخ ولي محمد بن محمد عامر ڪيريو، شيخ محمد نور عيسى خيل، شيخ بهاؤ الدين جلال آبادي، شيخ محمد مدني، شيخ عبدالله بن عمر بن عبدالغني کڏهري، شيخ محمد خليل بن محمد سليم. سند اجازه: تعليم حاصل ڪرڻ بعد علامه سيد بديع الدين شاهه الراشدي رحمة الله عليه هيٺين عالمن کان سند اجازه حاصل ڪئي. علامه ابو الوفاء ثناءُ الله امرتسري. شيخ حافظ عبدالله روپڙي امرتسري. محدث ابو سعيد شرف الدين الدهلوي. شيخ محدث ابو اسحاق نيڪ محمد. شيخ محدث ابو محمد عبدالحق بهاول پوري، رحمة الله عليهم اجمعين. قوت حافظه: الله تعالى شاهه صاحب رحمة الله عليه کي وڏي قوت حافظي سان نوازيو هو، پاڻ ٽن مهينن ۾ قرآن مجيد حفظ ڪيائون ۽ بي شمار حديثن جو حافظ ۽ لاتعداد ڪتب جا صفحات تحت استحضار هئا، ڪاتبن کي املاء ڪرائڻ وقت لڳندو هو ته ڄڻ پاڻ مڪتبة راشدية جا حافظ آهن. ان وقت جا سنڌ جا سياسي ۽ مذهبي حالات: شاهه صاحب جي ابتدائي دور ۾ برصغير ۾ برطانوي تسلط هو. انگريز استعمار جي معروف نسخه وڙهايو ۽ حڪومت ڪريو ان جي ڪري سنڌ تي انگريزن جا نمڪ خوار پير ۽ جاگيردار مسلط هئا. شرڪ، تصوف ۽ تقليد جو راڄ هو، عمل بالقرآن والحديث ۽ سلفيت جو پري پري تائين نالو ۽ نشان ئي نه هو. عقيده توحيد ۽ عمل بالحديث جي دعوت ڏيڻ ۽ شرڪ ۽ تقليد جو رد ڪرڻ موت کي للڪارڻ جي برابر هو. علامه سيد بديع الدين شاهه راشدي رحمة الله عليه جا ڪارناما دعوت توحيد ورد شرڪ وبدعت مٿي ذڪر ڪيل ماحول ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليه سنڌ ۾ ڪم شروع ڪيو. اهو وقت هو جڏهن سنڌ ۾ جماعت اهل حديث جي هڪ به مسجد نه هئي جڏهن ته وفات وقت سنڌ جي زير نظم 800 مساجد جماعت اهل حديث جو هيون. اهو سڀ ڪجھ الله تعالى جي فضل وڪرم ۽ پوءِ شاهه صاحب رحمة الله عليه جي جدوجهد جو نتيجو هو. شاهه صاحب رحمة الله عليه توحيد وسنت جي دعوت وتبليغ لاءِ درج ذيل طريقا اختيار ڪيا. (1) خطابت: شاهه صاحب رحمة الله عليه تمام ڪامياب خطيب هئا، سنڌي اردو ۽ عربي زبان ۾ کين خطابت تي برابر قدرت حاصل هئي، شاهه صاحب رحمة الله عليه جي تقرير جو اهم موضوع توحيد ۽ رد شرڪ وبدعت ۽ اتباع السنة ۽ رد تقليد هئا. پنهنجي ڀرپور جوانيءَ جي دور ۾ شاهه صاحب رحمة الله عليه 3 کان 4 ڪلاڪن تائين تقرير ڪندا هئا ۽ قرآن کي تمام مٺي ۽ سوز وگذار واري انداز سان پڙهندا هئا. سندن تقرير تي به استدلال ومناظر جو انداز غالب هو، ماڻهون ڪڏهن به سندن تقرير مان بيزار نه ٿيندا هئا، شاهه صاحب رحمة الله عليه جن حرمين شريفين ۾ ڪيترائي سال رهيا، بيت الله شريف ۾ روزانه درس ڏيندا هئا، اتي اردو ۽ سنڌيءَ ۾ به تقريرون ٿينديون هيون. (2) مناظره: شاهه صاحب رحمة الله عليه جنهن ماحول ۾ سنڌ ۾ ڪم شروع ڪيو اتي مخالفت ۽ مناظره ٿيڻ لازمي امر هيو. شاهه صاحب رحمة الله عليه اثبات حق ۽ رد باطل لاءِ ڪيترائي مناظره ڪيا رموز راشديه ۾ شاهه صاحب جي ڪيترن ئي مناظرن جو تفصيل آيل آهي، ان کان سواءِ شاهه صاحب رحمة الله عليه جن تحريري مناظره به ڪيا جن مان ڪي ڇپيل ته ڪي اڻ ڇپيل آهن. (3) تاليف وتصنيف: توحيد وسنت جي دعوت عام ڪرڻ لاءِ شاهه صاحب رحمة الله عليه جن سنڌي، اردو ۽ عربي زبان ۾ 150 جي قريب ڪتاب لکيا آهن سندن تصانيف مان قرآن مجيد جو تفسير ”بديع التفاسير“ هڪ عظيم خدمت آهي، هي تفسير قرآن مجيد جي سورة الحجر جي ابتدائي آيتن تائين لکجي سگھيو آهي. بديع التفاسير ۾ عقيده سلف ۽ اتباع السنة جي دعوت ۽ دفاع جو بهترين ڪارنامو آهي، مسئلہ استواء علي العرش جي موضوع تي اردو زبان ۾ توحيد خالص جي نالي سان هڪ زبردست تصنيف آهي، مسئلہ استواء تي اهڙي انداز سان شايد تاريخ اسلام ۾ ڪو ڪتاب نه لکيو ويو هجي. عربي زبان ۾ قرآن مجيد جي هر آيت مان توحيد باري تعالى لاءِ استدلال ڪندي تفسير جلالين واري انداز تي مختصر تفسير لکڻ شروع ڪيو هئائون جيڪو ابتدائي سورتن تائين ٿي سگهيو، سنڌي زبان ۾ ”توحيد رباني يعني سچي مسلماني“ جي نالي سان عقيده توحيد کي عام فهم انداز سان سمجهائڻ لاءِ ڪتاب لکيو اٿن. (4) تدريس: شاهه صاحب رحمة الله عليه ابتداء ۾ پنهنجي مدرسي ”مدرسه محمديه“ ۾ پڙهايو 1974ع کان 1978ع تائين مڪة المڪرمه ۾ قيام ڪيائون اتي حرم شريف ۾ حديث ۽ تفسير جا ڪتاب پڙهائيندا هئا جتي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان بي شمار طلبه وعلماء اچي کائنس استفاده ڪيو، ان سان گڏ ڪجھ وقت اتي پاڻ ”دار الحديث الخيرية“ ۾ مدرس رهيا، پاڪستان واپس اچڻ بعد به ملڪ ۽ ٻاهر ملڪ مان بي شمار طالب علمن اچي استفادو ڪيو ان ڪري کين ”شيخ العرب والعجم“ جي لقب سان سڏيو وڃي ٿو. سندن شاگردن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ توحيد وسنت جي دعوت عام ڪئي، سندن شاگردن جو تعداد شمار کان مٿي آهي، علامه مقبل بن هادي الوادعي، شيخ عاصم عبدالله القريوتي، شيخ حسن حيدر يمني، شيخ حمدي عبدالمجيد السلفي، شيخ ربيع بن هادي المدخلي، شيخ وصي الله عباس الهندي، شيخ شمس الدين اٖفغاني، شيخ ارشاد الحق الاثري، شيخ حافظ زبير علي زئي، شيخ صلاح الدين مقبول احمد، شيخ عبدالله ناصر، حافظ مطيع الرحمٰن، شيخ يعقوب هوساوي، شيخ محمد حسين ظاهري، جن شاهه صاحب رحمة الله عليه جن جي شاگردن مان آهن. شاهه صاحب رحمة الله عليه اهل علم جي نظر ۾: ”عرب وعجم جناب علامه شاهه صاحب رحمة الله عليه جي علمي ثقاهت وفقاهت ۽ منهج سليم جا متعرف هئا، بلاشڪ پاڻ پنهنجي وقت جي سلفيت جا امام هئا، سندس معاصرين مان بعض علماء جا تاثرات نقل ڪجن ٿا. (1) امام ابو القاسم سيف بنارسي چوي ٿو: راس المحقيقن العلامة. (2) دڪتور عبدالمحسن المنيف چئي ٿو: العلامة المحدث المفسر. (3) شيخ عاصم القريوتي چوي ٿو: شيخنا العلامة. (4) امام شمس الدين افغاني: الشيخ الاجل الوالد العزيز المحدث البديع ابو السلفيين قاطع اعناق اهل الشرك والبدع. (5) شيخ عطاء الله ثاقب مترجم فتح المجيد شرح ڪتاب التوحيد کين هيٺين القابن سان ياد ڪري ٿو. ناصر السنة النبوية والعقيدة السلفية قامع البدعة، المجاهد لاعلاءکلمة الله الصلب في السنة، الملازم للعبادة العالم الفاضل المحدث الفقيه رئيس المحققين العلامة الشيخ ( هداية المستفيد اردو ترجمه فتح المجيد ج/1 ) مڪتبة راشدية جو قيام: شاهه صاحب رحمة الله عليه کي مطالعه ڪتب جو شوق ته ورثي ۾ ئي مليو هو، سندن ڏاڏي علامه سيد رشدالله شاهه راشدي رحمة الله عليه باقاعده مڪتبه جو بنياد وڌو هو جنهن ۾ بي شمار نادر وناياب قلمي ڪتب موجود هئا، مذڪوره مڪتبه جو هڪ حصو نيشنل ميوزيم ڪراچي کي هٿ لڳو جنهن ۾ قلمي نسخا 1200 جي تعداد ۾ هئا. شاهه صاحب رحمة الله عليه جي والد ماجد علامه سيد احسان الله شاهه رحمة الله عليه کي ڪتب جمع ڪرڻ جو وڏو شوق هو ۽ پاڻ به بي شمار مخطوط ۽ مطبوع ڪتب جمع ڪيا، شاهه صاحب رحمة الله عليه کي پنهنجي خانداني مڪتبه مان ڪجھ ڪتاب مليا هئا، ان کان پوءِ شاهه صاحب رحمة الله عليه سڄي زندگي پيٽ تي پٿر ٻڌي به ڪتاب جمع ڪيا ۽ سندن زندگيءَ جي اها ئي پونجي آهي، مڪتبه پاڻ وقف ڪري ويا جنهن ۾ مختلف علوم وفنون تي هزارن جي تعداد ۾ مخطوط ومطبوع جو ذخيرو موجود آهي. مڪتبہ راشديہ جي جديد تعمير بحمد الله تعاليٰ مڪتبہ جي نئين بلڊنگ مڪمل تيار ٿي رهي آهي. ان شاءَ الله جنهن ۾ جديد طرز تي سيٽنگ ڪئي ويندي ۽ ڪمپيوٽرائزڊ به ڪيو ويندو. مستقبل جا پروگرام مدرسہ جي از سر تعمير نو، مدرسہ اللبنات ۽ جامع راشديہ Rashdia Universty به زير غور آهي.ان شاءَ الله تعاليٰ. سلفي منهنج (اهل حديث ، اهل سنت ) سان محبت شاهه صاحب رحمة الله عليه کي جماعت سلفي منهج سان وڏي محبت هئي، پاڻ پنهنجو مال ۽ عمر راه دين ۾ خرچ ڪري ڇڏيائون، جماعت جي هر فرد جا زبردست خيرخواه هوندا هئا، هر شخص سمجھندو هو ته شاهه صاحب رحمة الله عليه ٻين کان وڌيڪ مون سان محبت ڪن ٿا، وڏا مهمان نواز هئا، جماعت جي ڏک سک ۾ هميشه گڏ هوندا هئا. وفات: شاهه صاحب رحمة الله عليه کي آخر ۾ هڪ دفعو سخت بخار آيو جيڪو ٿورو وقت هليو پر ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته بچڻ مشڪل آهي پر رب تعالى شفا ڏني ۽ ڊاڪٽر حيران رهجي ويا، ان کان ڪجھ عرصو پوءِ کاٻي ٻانهن ۾ سور پيدا ٿيو، جنهن جو ڪيترن ئي ماهر ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو ويو پر صحيح تشخيص نه ٿي سگھي ۽ نه فائدو ٿيو، آخر 8 جنوري 1996ع جي رات جو عشاء نماز بعد موسى لين لياري ڪراچي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائون، 9 جنوري قريه پير جھنڊو لڳ نيو سعيد آباد ۾ سندن والد ماجد ۽ برادر اڪبر علامه محب الله شاهه راشدي عليهما جي ڀر ۾ دفن ڪيا ويا. اللهم اغفر له وارحمه وعافه واعف عنه. آمين بشڪريه : مرڪزالاسلامي للبحوث العلميه
جواب: علامه سيد بديع الدين شاهه راشدي رحمة الله عليه ادا بشير احمد اهڙي معلومات سنگت سان ونڊ ڪرڻ تي توهان جس لهڻو سائين بابت اهڙي معلومات پڙهي ڪري خوشي ٿئي سدائين گڏ
جواب: علامه سيد بديع الدين شاهه راشدي رحمة الله عليه سائين بشير احمد راشدي خاندان سنڌ جي علمي خاندانن ۾ مشهور خاندان آهي پير آف جهنڊو جي لائبريري به مشهور لائبريري آهي ان ۾ ڪيترن ئي قيمتي املهه خطي نسخن جو ڏس پوي ٿو اسان جي عزيز ڊاڪٽر غلام محمد ڏاهري موجوده پرنسپال گورنمينٽ مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو جن به پي ايڇ ڊي لاء ٿيسز ۾ هڪ ڪتاب سراج المصلي مخدوم ابوالحسن ڏاهري جي تصنيف جو قلمي نسخه ان لائبريري مان هٿ ڪيو. سائين بهتر ٿيندو جيڪڏهن ان لائبريري جو ڪيٽالاگ پيش ڪيو وڃي ۔
جواب: علامه سيد بديع الدين شاهه راشدي رحمة الله عليه سُبحان الله وقت جو سچو عالم، مُفڪر، مُحدث، ڪوڙ کي قرآن ۽ حديثن سان رد ڪندڙ. الله سائين ان اجر ۾ کين جنت جي بهترين جاءِ تي رکي آمين.
جواب: علامه سيد بديع الدين شاهه راشدي رحمة الله عليه جزاڪ الله ڪافي ڏينهن کان پوءِ ادا بشير جو موضوع سنڌ سلامت فورم تي آيو۔۔۔ ۽ اهو به هڪ ڀرپور علمي ۽ ادبي شخصيت بابت۔۔۔ مهرباني سائين بشير احمد ۔۔ اميد ته اهڙن ايمان افروز ليکن سان فورم کي سجائيندا رهندا۔۔۔
جواب: علامه سيد بديع الدين شاهه راشدي رحمة الله عليه ياد اچي ٿو ته هي ليک شايد ڪافي اڳ جو موڪليل آهي ۔۔۔ لطيف سڳوري چواڻي ته؛ ماڻهون سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج ڪنهن ڪنهن ماڻهون منجه اچي بو بهار جي۔ بيشڪ سنڌ ۾ اهڙا ديندار ۽ دين جا مبلغ انسان پئدا ٿيا آهن، جن جي خوشبو سان اڄ به ديني زمين تي بهارون قائم آهن ۔۔۔