نثارابڙو
نائب منتظم
وات ته مئي نه ته پئي؛
ڪن عورتن، پاڻ ۾ ويٺي، سينگار جو ذڪر ڪيو،
ڪنهن چيو ته ؛ “ وار ته ڦڻي نه ته ڪوڙاءِ کڻي”،
ڪنهن چيو ته؛ “ اک ته ڪجل، نه ته خجل” ،
ڪنهن چيو ته؛ “عورت ته چوٽو، نه ته مٿو ڄڻ لوٽو”،
هڪڙيءَ ٻڍڙيءَ چيو ته ؛ “ وات ته مئي نه ته پئي”
ڪنهن چيو ته ؛ “ وار ته ڦڻي نه ته ڪوڙاءِ کڻي”،
ڪنهن چيو ته؛ “ اک ته ڪجل، نه ته خجل” ،
ڪنهن چيو ته؛ “عورت ته چوٽو، نه ته مٿو ڄڻ لوٽو”،
هڪڙيءَ ٻڍڙيءَ چيو ته ؛ “ وات ته مئي نه ته پئي”
مطلب جهڙي نموني، ٿانون کي ملڻ لاءِ، مئي هڻبي آهي، اهڙي نموني وات کي صفا رکڻ لاءِ به مئي (مساڳ/ڏندڙن وغيره) ضروري آهي، جيڪڏهن وات جي صفائي نه ڪبي ته پئي (پائخانه) جهڙي ڌپ پئي ايندي.
حوالو؛ پهاڪن جي پاڙ
عبدالڪريم سنديلو