• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وات ته مئي نه ته پئي؛

نثارابڙو

نائب منتظم
945805_10151625776288948_168065141_n.jpg

وات ته مئي نه ته پئي؛​
ڪن عورتن، پاڻ ۾ ويٺي، سينگار جو ذڪر ڪيو،
ڪنهن چيو ته ؛ “ وار ته ڦڻي نه ته ڪوڙاءِ کڻي”،
ڪنهن چيو ته؛ “ اک ته ڪجل، نه ته خجل” ،
ڪنهن چيو ته؛ “عورت ته چوٽو، نه ته مٿو ڄڻ لوٽو”،
هڪڙيءَ ٻڍڙيءَ چيو ته ؛ “ وات ته مئي نه ته پئي”​

مطلب جهڙي نموني، ٿانون کي ملڻ لاءِ، مئي هڻبي آهي، اهڙي نموني وات کي صفا رکڻ لاءِ به مئي (مساڳ/ڏندڙن وغيره) ضروري آهي، جيڪڏهن وات جي صفائي نه ڪبي ته پئي (پائخانه) جهڙي ڌپ پئي ايندي.

حوالو؛ پهاڪن جي پاڙ​

عبدالڪريم سنديلو​
 
ها اها ڳالهه ته سئو سيڪڙو سچ آهي ۔۔۔۔۔

مان پاڻ سان اڪثر ڪجهه مِنٽ واريون ٽافيون رکندو آهيان ته ماني کائڻ کانپوء هڪ کائي ڇڏجي۔۔۔۔ جيئن سلاد يا ٻيا کاڌا کائڻ کانپوء وات ۾ بوء جو احساس نه ٿئي۔۔۔۔
 
سائين جيڪڏهن پنج ڀيرا نه به پر ٻه ڀيرا نم جو ڏندڻ ڏجي ۽ صبح جو پنهنجي وقت تي ڪنهن سٺي ٽوٿ پيسٽ سان برش ڪجي ته بد بوءِ نه رهندي، پر پوءِ به اسين اهڙا کاڌا کائون ٿا جن سان بوءِ رهجي وڃي ٿي، پر جڏهن به وقت ملي ته نم جي ڏندڻ کي ضرور استعمال ۾ آڻجي۔۔
 
Back
Top