هڪ استاد هڪ وڏو ڪاغذ جو کڻي ان تي مارڪر سان هڪ ٽٻڪو ٺاهيو... ان کانپوءِ ڪاغذ کي بورڊ تي چنبڙايو ۽ شاگردن ڏانهن منهن ڪندي پڇيو... ”توهان کي ڇا پيو نظر اچي..؟“ سڀني هڪ زبان ۾ چيو ته ”هڪ ڪارو ٽٻڪو..“ استاد حيران ٿيندي سڀني کان پڇيو ... ”توهان سڀ ڪمال ٿا ڪريو.. ! هيترو وڏو ڪاغذ پنهنجي چمڪ دمڪ سان موجود آهي ۽ اهو توهان جي اکين اڳيان اوجهل ٿو لڳي... پر هڪ ننڍو ڪارو ٽٻڪو توهان کي صاف پيو نظر اچي...“ جي جناب ! هتي ماڻهن جو اهو ئي حال آهي.. توهان جي سموري زندگيءَ جي سٺاين جي مقابلي ۾ توهان جو هڪ ڪوتاهي ۽ خامي وارو ڪارو ٽٻڪو وڌيڪ واضح ۽ صاف نظر ايندو آهي...
واه ادا واه زبردست سبق ڏئي ڇڏيو اٿوَ، ٿورا لفظ وڏو سبق اهيا بلڪل حقيقت آهي ته اسان جي زندگي ان مثال برابر آهي، پر هن دجالي دور ۾ ائين به ڏسڻ ۾ اچي پيو ته سڄو ڪاغذ ڪارو ۽ هڪ ٽٻڪو اڇو آهي ته اهو وري نيڪن ۾ لکيو ٿو وڃي، اٍڄ جي دور جو قاتل سفاڪ ۽ ظالم الله رسول جي حڪمن کان مٿاهون مقام ٿو رکي،دينا داستي الله جي مخلوق کي قتل ڪرڻ ۽ اذيتون ڏيڻ وارو سفاڪ قاتل الطاف مهاجر،کي جيڪا مڃتا آهي سا الله۽ رسول پاڪ جي احڪامن کي ڪانهي ۽ وقت جا حاڪم به ان جو احترام ڪن ٿا،انهن جا سفاڪ خوني قاتل وڏن مرتبن تي مقرر ڪري انهن جي تعبيداري ڪرائي وڃي ٿي،۽ دنيا کي ان جو احترام ڪرايو ٿو وڃي،انهن سمورن کي ڪو به داغدار نه ٿو چئي سگهي، مگر شل نه مون مسڪين کان ڪا خطا ٿئي ابا پو ڏس ويٺو مزو ،هل شهر ۾ هُلَ،گهٽين ۾ دهل،سنگت ساٿ اوڙو پاڙو هڻي اهڙو ته حشر ڪندا جو همراه مري جان ڇڏائي، ادا زيشان اوهان جي ڳاله ۾ وزن آهي ،اسان کي پنهجي زندگي وري به سوچي سمجهي گزارڻ کپي، اسان جي زندگي جا داغ آقائي دوجهان صلي الله عليه وسلم جي ڪرم نگاه ۽ ان جي شفقت ۽ ڏسيل واٽ ئي ڌوئي مِٽائي صاف ڪري سگهي ٿي،دعا ڪيو ته الله پاڪ اهڙي زندگي عطا فرمائي آمين
ازل کان اها روايت رهي آهي ته غلط ڳالهين جو اثر انسان تمام جلدي وٺندو آهي۔ غلط ڪم، غلط خيال انسان لا وڏي ڪشش رکندا آهن۔ انسان جي فطرت به عجيب آهي۔ نيڪ ڪم، نيڪ ڳالهيون تمام مشڪل سان سمجهه ۾ اينديون اٿس۔ اگر ڪو سڄي زندگي نيڪ ڪمن ۾ گُذاري ۽ آخر ۾ سندس کان ڪا غلطي ٿي وڃي ته سمجهو هڙَ وئي۔۔اسان کي گهرجي ته انهن ڪارن ٽٻڪن جي هوندي به انسانن جو قدر ڪريون۔ هر ماڻهو مڪمل اڇو اجرو نه هوندو آهي۔ ٿوريون گهڻيون خرابيون هر ڪنهن ۾ ٿين ٿيون۔ انهن کي در گُذر ڪرڻ گهرجي۔ رشتا، دوستيون، هڪ ٻئي سان واسطه تڏهن سلامت رهندا جڏهن هڪ ٻئي کي اوڻاين سميت قبول ڪيو وڃي۔
اوهان جي مٿين ليک مان ٻه ڳالهيون نڪرن ٿيون، هڪ ته اهو واضح آهي ته اسين ٻين جي داغدار دامن کي جلد ئي پڪڙي ٿا وجهون ۽ ان تي تهمتن جا انبار ٿا لڳائي وجهون پر ان جي باقي صاف دامن تي نظر ئي نه ٿا وجهون۔۔جئين هڪ هنڌ پڙهيو هيم، شايد حديث يا ڪنهن قول جو مفهوم آهي ته ۔۔جيڪو انسان ڪنهن جي برائي تي تنقيد ڪري ٿو ان جو مثال هڪ مک جهڙو آهي جيڪو سمورو جسم ڇڏي ان ڪني ڦرڻي واري گند تي ويهندي آهي۔۔ان ڪري ڪنهن جي به ٽبڪي جيتري توڙي سموري داغدار دامن تي نظر وجهڻ کان پهريان پنهنجو دامن ضرور پسي۔۔
تمام وڏي ڳالهه ۔۔۔۔ ڪاش فورم جا ميمبر ۽ اوهان جا لنگوٽيا يار به اها ڳالهه سمجهي سگهن۔۔۔ انسان به ڪمال جو ٺهيل آهي جو سوين نيڪيون ۽ سٺايون هڪ ننڍي ڳالهه جي ڪري وساري ويهندو آهي۔۔۔
اسان وٽ اهو رجحان عام آهي ته سدائين اڌ کالي گلاس نظر ايندو آهي ۽ اڌ ڀريل گلاس کي سدائين نظر انداز ڪبو آهي، تمام ڀلو ميسيج ڏنو اٿئو