
هڪ استاد هڪ وڏو ڪاغذ جو کڻي ان تي مارڪر سان هڪ ٽٻڪو ٺاهيو... ان کانپوءِ ڪاغذ کي بورڊ تي چنبڙايو ۽ شاگردن ڏانهن منهن ڪندي پڇيو... ”توهان کي ڇا پيو نظر اچي..؟“
سڀني هڪ زبان ۾ چيو ته ”هڪ ڪارو ٽٻڪو..“
استاد حيران ٿيندي سڀني کان پڇيو ... ”توهان سڀ ڪمال ٿا ڪريو.. ! هيترو وڏو ڪاغذ پنهنجي چمڪ دمڪ سان موجود آهي ۽ اهو توهان جي اکين اڳيان اوجهل ٿو لڳي... پر هڪ ننڍو ڪارو ٽٻڪو توهان کي صاف پيو نظر اچي...“
جي جناب ! هتي ماڻهن جو اهو ئي حال آهي.. توهان جي سموري زندگيءَ جي سٺاين جي مقابلي ۾ توهان جو هڪ ڪوتاهي ۽ خامي وارو ڪارو ٽٻڪو وڌيڪ واضح ۽ صاف نظر ايندو آهي...