• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪاش ڪاش

عابد بلوچ

سينيئر رڪن
ڪاش تون ڏسين ها
هن ٽٽل دل کي
هن اڪيلائپ کي
ڪاش تون پڙهين ها
منهنجي هٿن جي لڪيرن کي
خوابن جي تعبيرن کي
دل جي افسانن کي
ڪاش تون دمجهين ها
منهنجي لفظن جي گهرائي کي
دل جي سچائي کي
ڪاش تون جوڙي(ڳنڍي) سگهين ها
هن دل کي
هن رشتي کي
هن واعدي کي
پر هي سوچي ڪر
خاموش ٿي ويندو آهيان
ڪاش تون ڄاڻي سگهين ها
منهنجي محبت کي
 
Back
Top