ماحول جو عالمي ڏهاڙو

'مقالا' فورم ۾ نذير احمد لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏5 جون 2013۔

  1. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    [​IMG]


    ماحول جو عالمي ڏهاڙو
    (انجنيئر نذير احمد لغاري)

    5 جون جي ڏينهن کي بين الاقوامي طور تي سموري دنيا ۾ هر سال ماحول جو عالمي ڏهاڙو ڪري ملهايو ويندو آهي. هي ڏهاڙو گڏجي ملهائڻ جو مقصد اهو هوندو آهي ته جيئن پوري دنيا وارن کي ماحول جي متعلق معلومات ملي سگهي ۽ انهن کي پنهنجي ماحول جي ٿيندڙ تباه ڪارين تي سوچ ويچار لاءِ ياد گيرو اچڻ گهرجي ته ڪهڙي طرح سان اسان جي پنهنجي ڪيل ڪمن ڪارين جي ڪري اسان جوپنهنجو خوبصورت ماحول تباه ٿيندو پيو وڃي، ۽ هر طرف گندگي وڌندي پئي وڃي، اسان جون گهٽيون، رستا ۽ ميدان گندگي جا ڍير لڳا پيا آهن هر طرف ڌپ ئي ڌپ آهي. پاڻي گندو ٿيندو پيو وڃي، جنهن جي ڪري پيٽ جون، جگر جون ۽ ٻيون بيماريون روز بروز وڌنديون پيون وڃن. دز ۽ دونهي جي ڪري هوا تي گندگي جا اثرات وڌن پيا ۽ ساه جون بيماريون عام ٿي پيون آهن. انسانن ۾ ڪنن جي گهٻراهٽ جو مرض وڌندو پيو وڃي ان لاءِ جو اسان اليڪٽرانڪ جي سامان جو استعمال وڌائي ڇڏيو آهي ۽ وڏي آواز کي پنهنجي فيشن جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي.

    اسان جي ماحول جي خراب ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب اهو پڻ آهي ته اسان قدرتي نعمتن جو بي جا استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي پر انهن جو زيان ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ڪڏهن به ان ڳالهه جو ڌيان نه رکيو ويو ته هر شئي جي هڪ حد مقرر آهي ان کانپوءِ اها ختم ٿيندي، اسان کي پنهنجي روزمره جي زندگي ۾ ان ڳالهه جو جائزو وٺڻو پوندو ته اسان ڪهڙي طريقي سان پنهنجي شين کي وري وري سنڀالي سگهون ٿا مثال طور ڪاٺي جو استعمال اسان جي ضرورت آهي ۽ روزانو مڻن جي حساب سان استعمال ۾ آڻيون ٿا ان کان سواءِ گذارو مشڪل آهي، پر ڇا اسان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته اڄ جيڪا ڪاٺي اسان استعمال پيا ڪريون اها اڳتي هلي کٽي ته نه ويندي پوءِ اسان ڇاڪنداسون، ڇا ان ڪاٺي کي کٽڻ کان بچائڻ لاءِ ڪجهه سوچيو آهي، ڇا ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ جيترن وڻن جي ضرورت آهي اوترا وڻ لڳايون پيا، ڇا ڪٿي غير ضروري وڻن جي واڍي ته نه پيا ڪريون، ڇا اسان پنهنجي پوکيل وڻن جي مناسب حفاظت ڪريون پيا ته جيئن اهي وڌي ويجهي وري اسان لاءِ فائدي مند بڻجي سگهن.

    قدرت جي نعمتن مان پاڻي، هوا، بدلجندڙ موسم، ٻيلا، درياءَ، نديون، جبل، ڍنڍون، سمنڊ ۽ هي سڀ پکي پکڻ ۽ جيت جانور شامل آهن، ۽ هر هڪ جي پنهنجي ضرورت ۽ افاديت آهي. اچو ته اڄوڪي ڏينهن اهو عهد ڪريون ته اسان هر ممڪن ڪوشش ڪري پنهنجي هن ماحول کي بچائيندا سون، خوبصورت بڻائينداسون ۽ اها خوبصورتي پنهنجي ايندڙ نسلن تائين پهچائنداسون ۽ انهن کي پڻ اهو احساس ۽ ڄاڻ ڏينداسون ته قدرت واري هي سڀ نعمتون اسان لاءِ پيدا ڪيون آهن، اسان ئي انهن مان فائدو حاصل ڪرڻ وارا آهيون ۽ وري اسان ئي انهن جي حفاظت ڪرڻ جا ذميوار پڻ آهيون.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دنيا جي اصل خوبصورتي ته آهي ئي قدرتي حسن سان ۔۔۔۔ پر افسوس جو انسان بناوٽي ۽ نقلي حسن ۽ خوبصورتي جي احساسن ۽ آسائشن جي ڄار ۾ ڦاسي اصل خوبصورتي کي پنهنجو پاڻ ئي برباد ڪري رهيو آهي۔

    ضرورت آهي وري اصليت ڏانهن واپسي جي ۔۔۔ اڇو ته گڏجي ماحول دوست معاشري طرف وک وڌايون۔

    اوهان جي خوبصورت لکڻي۔
     
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    گهڻي مان گهڻا وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا پوکجن۔۔اڄ ڪلهه جڳهه جڳهه تي نرسريون قائم ٿيل آهن، هر مهيني ۾ هڪڙو ئي ٻوٽو خريد ڪري لڳائجي ته به ماحول تمام گهڻو بهترين بڻجي سگهي ٿو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو