يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن
پاڪستان زرعي ملڪ آهي جتي جي رهواسين جو گذر سفر ٻني ٻاري تي ٿيندو آهي، هتي هر قسم جا فصل به ٿيندا آهن جڏهن ته ٻينون به انتهائي ڀليون ۽ سون ورنيون آهن جنهن جي ڪري هتان جا ماڻهو ٻني ٻاري کان سواءِ ڪو ٻيو ڌنڌو سوچين به نٿا. اسان جي صوبي سنڌ جو به ساڳيو حال آهي، اُتر هجي يا وچولو، لاڙ هجي يا بئراج هجي هتي جون زمينون ڀليون آهن جتي انتهائي ڀلا فصل ٿين ٿا وچولي سنڌ جي زمين لاءِ ته مشهور آهي ته جيڪر ان زمين تي رت جو ڦڙو ڪري ته ان زمين ۾ ماڻهو ڦٽي پئي. زرعي ملڪ هجڻ جي ناتي اسان وٽ زراعت هميشه پهرين ۽ اهم ترجيح هجڻ گهرجي پر افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته اسان وٽ زراعت جهڙي اهم فيلڊ هميشه کان آخري ترجيح تي به مس مس اچي ٿي اهو ئي سبب آهي جو اڄ سڄي سنڌ ۾ ڀليون ۽ سون ورنيون زمينون غير آباد ۽ ويران نظر اچي رهيون آهن ۽ ويرانين جو اهو سلسلو ڏينهن کان ڏينهن وڌندو پيو وڃي. زمينن جي ڀڙڀانگ ٿيڻ جي ڪيترن ئي سببن مان سڀ کان اهم سبب پاڻي جي مناسب نموني ورڇ نه ڪرڻ به آهي، ورڇ جو جيڪو اسان وٽ مطلب ڪڍيو ويندو آهي ان مان مراد پنجاب پاران سنڌ کي پاڻي نه ڏيڻ آهي پر هتي پاڻي جي مناسب ورڇ نه ڪرڻ مان مراد سنڌ جي زمينن لاءِ دستياب پاڻي جي درست نموني ورهاست نه ڪرڻ آهي جنهن جي ڪري پئسي وارا ۽ زورآور آبادگار ته پنهنجون زمينون 100 سيڪڙو آباد ڪيو ويٺا آهن پر ننڍا زميندار خاص طور تي پوڇڙ جا زميندار ته ويچارا پيئڻ جي پاڻي لاءِ به حيران آهن ۽ انهن زميندارن جو رڙيون اڪثر اخبارن توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي زينت بڻجنديون رهنديون آهن پر لڳي ٿو پوڇڙ جا اهي زميندار ۽ هاري رڍن اڳيان رباب وڄائي رهيا آهن ۽ سندن دانهن ڪوڪ ٻڌڻ وارو ڪوبه ناهي. جيئين سنڌ ۾ سکر بئراج جي پوڇڙ جي خيرپور گمبو سب ڊويزن جا آبادگار پنهنجي حصي جي پاڻي لاءِ گذريل چئن ڏهاڪن کان مسلسل رڙيون ڪري رهيا آهن پر اڃان تائين کين سکڻن دلاسن ۽ سياسي واعدن کان سواءِ ڪجهه به ناهي ملي سگهيو.
1932ع ۾ انگريزن جي مهرباني سان ٺهندڙ سکر بئراج مان نڪرندڙ روهڙي ڪينال مان اڏيرو لعل وٽان نڪرندڙ نصير واهه جي ايريگيشن سرڪل جي پوڇڙ ۾ خيرپور گمبوه سب ڊويزن آهي. خيرپور گمبوه سب ڊويزن ڪُل 36 شاخن تي مشتمل آهي جتي زرعي پاڻي جي کوٽ جو مسئلو سنگين صورتحال اختيار ڪري ويو آهي علائقي جا هزارين آبادگار سراپا احتجاج آهن پر مجال آهي جو سندن ڪو دانهن ڪوڪ ٻڌي انهن تي ڪهل ڪري ۽ کين سندن حصي جو پاڻي پهچائي. هڪ طرح سان ايريگيشن سب ڊويزن خيرپور گمبوه سکر بئراج جي ايريگيشن سسٽم جي آخري سب ڊويزن آهي ۽ سڄي سنڌ جي پاڻي جي سسٽم جو دنگ به اچي هتي ٿيندو آهي سکر بئراج جي اريگيشن سسٽم جي آخري شاخ ٻنگار شاخ آهي جنهن جي پوڇڙ ۾ گذريل 25 سالن کان پاڻي جي لپ به ناهي پهتي ٻنگار شاخ جو علائقو پنگريو يونين ڪائونسل جي حد ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جي آباد شهر “محراب شهر” وٽ ختم ٿئي ٿي، محراب شهر ڪنهن وقت ۾ هڪ وڏو ڪاروباري مرڪز هو هتي واڻيا، سک ۽ ميمڻ آباد هئا پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ هن شهر کي ميمڻن آباد رکيو ۽ شهر جي ساڳئي اوج برقرار هئي پر بعد ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ رهڻ لڳي جنهن جي ڪري هي شهر ڦٽڻ شروع ٿي ويو ۽ آهستي شهر صفا اجڙي ويو ڇوته هتي پيئڻ جو پاڻي به نه پهچندو هو اڄ صورتحال هي آهي ته هن وسندڙ ۽ آباد شهر جا ميلن تائين صرف پٿر ۽ ٺڪر نظر ايندا آهن ماڻهو ۽ سندن آبادين جو پري پري تائين ڪو نالو نشان ئي ناهي ۽ اهو سمورو ظلم پاڻي جي مسلسل کوٽ جي ڪري ٿيو آهي ٻي طرف ٻنگار شاخ جنهن شاخ مان نڪرندي آهي اها شاخ جرڪس شاخ آهي جنهن جو به هي حال آهي ته ان جي پوڇڙ ۾ مهينن جا مهينا پاڻي ناهي پهچي سگهندو جرڪس شاخ جي پوڇڙ ۾ سمن سرڪار جي درگاهه آهي جتي جرڪس شاخ تي اباد ٿيندڙ سموريون زمينون غير آباد ويران آهن پوڇڙ جي آباد وسندي زنگيجا موري جا 100 ايڪڙ جا آبادگار اڄ پاڻي جي کوٽ سبب پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ جي لاءِ ڪاٺيون وڍي گذارو ڪري رهيا آهن. جرڪس شاخ، کوسڪي شاخ، سانگي شاخ، آئلپور شاخ، ٻنگار شاخ، بصران ٽو شاخ، خيرپور مائنر، باگو مائنر ۽ ٻين شاخن جي حالت هي آهي ته مسلسل پاڻي جي کوٽ جي ڪري زرعي پاڻي ته هڪ طرف پر پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ آهي جنهن جي ڪري هن علائقي مان وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ٿي رهي آهي پاڻي کوٽ ۽ ان جي خراب اثرن تي اڪثر رپورٽون اينديون رهنديون آهن پر ڪنهن به اداري هن صورتحال تي دلچسپي ناهي ورتي جنهن جي ڪري حالتون ويتر خراب ٿي رهيون آهن.
سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ڪا نئين ڳالهه ناهي، سنڌ مسلسل پاڻي جي کوٽ جو شڪار رهي آهن پر سب ڊويزن خيرپور گمبوه ۾ پاڻي جي کوٽ جا سبب سنڌ جي روايتي پاڻي جي کوٽ کان گهڻا مختلف آهن هتي جي پاڻي جي کوٽ 100 سيڪڙو هٿرادو ۽ انتظامي لاپرواهي جي ڪري آهي. روهڙي ڪينال جي منڍ ۾ انتهائي بااثر زميندار آهن جيڪي پاڻي ڏاڍ سان استعمال ڪري رهيا آهن انهن ڪينال ۽ واهه مان پئسي ۽ سياسي زور تي ڊائريڪٽ واٽر ڪورس ڪڍرايا آهن ڊائريڪٽ واٽر ڪورس ڪڍرائڻ جو ظلم ڪرڻ سان گڏ انهن هي به ظلم ڪيو آهي ته انهن واٽر ڪورسن جي مقرر ماپ کان ڪٿي 500 ته ڪٿي وري 1100 ڀيرا وڌيڪ پاڻي واپرائي رهيا آهن انهن تي نه ته ڪو ايريگيشن قانون لاڳو ٿيندو آهي نه ئي وري انهن تي ڪنهن اخلاقي قانون جو اطلاق ٿيندو آهي. 2007ع ۾ سنڌ جي ايريگيشن کاتي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جا سبب ڄاڻڻ ۽ اها کوٽ ختم ڪرائڻ لاءِ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ کان راءِ ورتي، سنڌ حڪومت جو خيال هو ته هو پاڻي جي نظام جي سڌاري لاءِ ايشين بينڪ کان وڏي ماليت وارو قرض حاصل ڪندي پر بينڪ سنڌ حڪومت جي ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجا ماهر موڪلي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جا سبب ڄاڻڻ بابت رپورٽ تيار ڪرائي، پاڻي جا اهي پرڏيهي ماهر سڄي سنڌ مان گهمندا اچي سب ڊويزن خيرپور گمبوه نڪتا جتي هنن ٻنگار شاخ جي پوڇڙ به ڏٺي بعد ۾ هنن جيڪا رپورٽ تيار ڪئي اها في الحال ته سنڌ حڪومت لڪائي ڇڏي پر بعد ۾ جڏهن ظاهر ڪئي وئي ته ان رپورٽ ۾ انتهائي ڏکوئيندڙ حقيقتون بيان ڪيل هيون جنهن موجب سنڌ ۾ پاڻي جي اصل کوٽ آهي ئي ڪانه، کوٽ جو سبب بااثر زميندارن پاران پنهنجي حصي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ پاڻي واپرائڻ آهي رپورٽ ۾ پرڏيهي ماهرن پاڻي چورن جا نالا به شامل ڪيا جن ۾ حڪومت ۾ شامل وزيرن، مشيرن، ايم اين اي ۽ ايم پي ايز کان سواءِ پاڪستان جي صدر جو نالو به شامل هو جيڪو پنهنجي مقرر حصي کان 300 ڀيرا وڌيڪ حصي جيترو پاڻي چوري ڪري رهيو هو. پرڏيهي ماهرن جي سفارش هئي ته سنڌ جي ايريگيشن سسٽم جي سڌاري جي لاءِ وڌيڪ قرض ڏيڻ بجاءِ انهن پاڻي چورن کي مقرر حصي جيترو پاڻي کڻڻ جو پابند ڪيو وڃي ته سنڌ مان پاڻي جي کوٽ ختم ٿي ويندي ۽ پوڇڙ تائين به پاڻي آرام سان پهچندو، پرڏيهي ماهرن جي اهڙي حقيقيتن تي مبني رپورٽ کي سنڌ حڪومت جانبدار رپورٽ ڄاڻائي رد ڪري ڇڏيو ۽ انهن ماهرن جي رپورٽ تي ڪوبه عمل نه ڪيو ويو.
روهڙي ڪينال ۽ نصير واهه مان نڪرندڙ ڊائريڪٽ ائوٽ ليٽ واٽر ڪورس ئي اصل مسئلي جو جڙ آهن، جيڪي بااثرن جا آهن ۽ اهي بااثر ڪنهن به قانون کي نٿا مڃين، پوڇڙ جا آبادگار انهن ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽ واٽر ڪورسن خلاف مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن، لکين ماڻهن جي دانهن ٻڌڻ بجاءِ گذريل حڪومت انهن واٽر ڪورسن کي رد ڪرڻ يا انهن کي ڪنهن ضابطي ۾ آڻڻ جي بجاءِ ويتر 15 بااثرن کي نوان واٽر ڪورس جاري ڪيا آهن جنهن سا پوڇڙ جي آبادگارن جي پريشانين ۾ ويتر اضافو ٿي ويو آهي ۽ آبادگار ان خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن، هن وقت صورتحال هي آهي ته ايريگيشن سب ڊويزن خيرپور گمبوه جي پوڇڙ ۾ پيئڻ جيترو به پاڻي نه پهچي رهيو آهي سب ڊويزن جي مرڪزي شهر ملڪاڻي شريف ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت اڻهوند آهي ڪجهه وقت اڳ ۾ پوڇڙ جي هزارين زميندارن پاڻي جي کوٽ خلاف حيدرآباد ۾ ريلوي لائين تي ڌرڻو هنيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه ڏينهن پاڻي هليو ۽ آبادگارن وڏا خرچ ڪري زمينون تيار ڪري مرچ، ڪپهه، سورج مکي ۽ ٻيا فصل پوکيا پر احتجاج ختم ٿيو ته پاڻي به غائب ٿي ويو پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب پوکيل ٻيجارو سڙي ويو ۽ آبادگارن جي لکين روپيا ٻڏي ويا، هاڻي ته پوکي جو وقت به ناهي پر زميندارن جو احتجاج جاري آهي آبادگارن جو چوڻ آهي ته اسان وٽ پيئڻ جو پاڻي ته هڪ طرف پر مُردن کي غسل ڏيڻ جو به پاڻي ناهي جنهن جي ڪري لڏپلاڻ ڪري رهيا آهيون آبادگارن جو مطالبو آهي ته آزاد عدالتي ڪميشن جوڙي سندن هيستائين ٿيل نقصان جو هرجانو ڀري ڏنو وڃي ۽ ڊائريڪٽ واٽر ڪورس بند ڪري کين پنهنجي حصي جو پاڻي پهچايو وڃي.