ڪڏهن ڪڏهن پڙهڻ لاءِ ننڍيون پر سوچ جي گهرائي تائين وٺي ويندڙ ڳالهيون سنڌ سلامت تي پڙهڻ لاءِ ملنديون آهن پر اهي اڪثر سنڌ سلامت جي گهڻي سائيز جي موضوع ۾ ننڍيون هجڻ ڪري نظر انداز ٿيو وڃن۔۔۔ هتي دوستن جي سهولت لاءِ هڪ سلسلو شروع ڪندي رڪنن کي دعوت ڏجي ٿي ته توهان کي دل سان لڳندڙ ڪنهن جملي، سٽ يا حڪايت کي ان سان ملندڙ تصوير سان لڳائيندي هن موضوع ۾ ونڊ ڪن ته جئين هڪ ئي هنڌ سهيڙي موضوع کي جاندار به بنائي سگهجي ۽ پڙهندڙ پڻ لاڀ حاصل ڪري سگهن۔۔۔۔ سلسلي جو آغاز مان پنهنجي پسنديده حڪايتن سان ڪريان ٿو۔۔۔ ******** هڪ دفعي سون، لوهه کي چيو ته ”اسان ٻنهي مٿان هٿوڙو ته لوهه جو ئي ٿو لڳي .. پوءِ تون ايتريون رڙيون ڇو ٿو ڪرين...؟“ لوهه جواب ڏنو ته.. ”جڏهن پنهنجو تڪليف ڏيندو آهي ته سور ڪجهه سوايو ٿيندو آهي...“
جڏهن ڪو شخص الجهيل ڏور جي ڍير مان ان جو هڪ ڇيڙو ڳولي وٺندو آهي... ته پوءِ هرڪو کيس الجهيل ڏور سلجهائڻ جي مدد ڪرڻ لاءِ اچي پهچندو آهي... حالانڪه ان وقت کيس مدد جي باقي ضرورت نه رهندي آهي.. ڏور سلجهائڻ کان پوءِ هرڪو ان جو ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي...
پاڙيسري بکيو رهيو ۽ توهان پيٽ ڀري سمهي رهيا...!!ائين ته اهي به ڪندا آهن جن وٽ شعور ناهي.. پوءِ اسان ۾ ۽ انهن ۾ ڪهڙو فرق..؟؟انسانيت کي نه شرمايو...پنهنجي پاڙيسرين جي حالتن کان باخبر رهو...!ٿي سگهي ٿو انهن کي توهان جي مدد ۽ همدردي جي سخت ضرورت هجي...!!
ننڍيون ننڍيون نيڪيون توهان جي پلڙي کي وزني بڻائي سگهن ٿيون... ٻين جو خيال رکو... رب پاڪ توهان جو رکندو...
ايئر ڪنڊيشنڊ آفيس ۾ ويهي هڪ لعنت پنهنجي باس کي ۽ ٻي لعنت پنهنجي نوڪري کي ڏيندڙن منهنجي دوستن ڪڏهن سوچيو آ ته ٻاهر مزدوري ڪرڻ ڪيڏي ڏکي آهي... هن تحرير ۾ سليمان وساڻ کي ٽيگ ڪجي ٿو۔۔
اسان منجهان محنت ڪرڻ جي عادت بلڪل گهٽجي ويئي آهي، جيڪي ماڻهو ڪم ڪرڻ کان نٽائين ٿا اهي ڪڏهن به آزاد ڪو نه ٿيندا. توڙي جو سندن هٿن ۾ آزاديءَ جو پروانو ڇو نه هجي، محنت ئي انسان کي انسانيت بخشي ٿي. (مولوي عبدالحق)
آءٌ ڪم ڪرڻ ۾ يقين رکان ٿو، محنت ڪرڻ ۽ گهڻو وقت ڪم ۾ مصروف رهڻ، ماڻهو گهڻي ڪم ڪرڻ کان ٽٽي نه پوندو آهي، مگر گهڻي فڪرن ۽ پريشانين کان ڊهي پوندو آهي. (چارلس هگس)
زندگي تمام ننڍي آ ... ڳري (گذري) ته رهي آهي.. پوءِ ڇو نه پنهنجي خلاف نفرتن بجاءِ محبتون حاصل ڪري گذاريون... ! ڇو نه ڪجهه سٺو ڪندي گذاريون...! سمجهو ڪي سمجهن....!!
لفظ انسان جا غلام هوندا آهن.. پر صرف ڳالهائڻ کان پهريان... ڳالهائڻ کان پوءِ انسان... پنهنجي لفظن جو غلام بڻجي ويندو آهي...
پنهنجي سوچن کي پاڻي جي قطرن وانگر صاف ۽ شفاف رکو... ڇو ته جهڙي طرح قطرن سان درياء بڻجي ٿو.. ائين سوچن سان ايمان بڻجي ٿو...