پنجين موسم
مان تمام تيزيءَ سان ڊوڙندو پئي ويس. اوچتو ڪنهن جي روئڻ جو آواز ٻڌي بيهر رهيس.
ان وقت مان مارگله جي ٽڪرين جي هنج ۾ گھاٽي جھنگ مان ڊوڙندو پئي ويس. مان ان ڪري پئي ڊوڙيس جو موت منهنجو پيڇو ڪري رهيو هيو. ڊاڪٽرن چيو هو، جيستائين ڊوڙندو رهندين، جيئرو رهندين. ڊوڙندين نه ته وقت کان اڳ مري ويندين. مان وقت کان اڳ مرڻ نٿو چاهيان. مان مرڻ کان اڳ کليل اکين سان جاڳندين هڪ خواب ڏسڻ جو خواهشمند آهيان. اصل ۾ هڪ خواب خاطر مان گھاٽي، اونداهي جهنگ ۾ ڊوڙندو رهندو آهيان. اسلام آباد هڪ گڙنگ ڪامورن، سرمائيدارن ۽ اڇن ڪارن سفارتڪارن جو شهر آهي. ان قسم جا ماڻهو گھڻو ڪري دل جي بيمارين، مٺن پيشابن ۽ ٿولهه جي مرض ۾ مبتلا هوندا آهن. هو به موت جي ڊپ کان ڊوڙندا رهندا آهن. سندن ڊوڙڻ لاءِ خاص رستا ۽ جهنگ مان گذرندڙ پيچرا ٺاهيا ويا آهن. شام ٿيندي ئي سنهڙن ٽنگن ۽ پخال جهڙن پيٽن وارا گنجا انهن پيچرن تي ڊوڙندي ۽ سهڪندي نظر ايندا آهن. مان نه ڪامورو آهيان، نه سرمائيدار آهيان، ۽ نه ئي سفارتڪار آهيان. مان تنهن هوندي به ڊوڙندو رهندو آهيان. مان سمهي نه سگھندو آهيان، مان جاڳندو رهندو آهيان. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته مون جهڙا سودائي وقت کان اڳ مري ويندا آهن. مان وقت کان اڳ مرڻ نه ٿو چاهيان. وقت کان اڳ مرڻ وارا هميشه نه مرندا آهن. هو عارضي طرح مري ويندا آهن. کليل اکين سان هڪ خواب ڏسڻ جي آرزوءَ ۾ هو ٻيهر جنم وٺندا آهن. مان ٻيهر جنم وٺڻ جي حق ۾ نه آهيان. خواب منهنجو نرواڻ آهي. مان هن جنم ۾ ئي کليل اکين سان هڪ خواب ڏسڻ جو خواهشمند آهيان. هڪ خواب خاطر مان ڪامورن جي امير پرور شهر اسلام آباد ۾ ڊوڙندو رهندو آهيان.
هيءَ گذريل هفتي جي ڳالهه آهي. مارگله ٽڪرين جي هنج ۾ گھاٽي جھنگ مان گذرندڙ پيچرن تان مان ڊوڙندو پئي ويس. وچ جهنگ ۾ جتي بڙن جا قديم وڻ آهن، ۽ بڙن جي سڪل ٽارين تي سج لٿي مهل چٻرا اچي ويهندا آهن، مون ڪنهن جي روئڻ جو آواز ٻڌو. ڊوڙندي ڊوڙندي مان بيهي رهيس. ۽ روئڻ جو آواز ٻڌڻ لڳس. ڪو هنجون هاري روئي رهيو هيو، سڏڪي رهيو هيو. مون هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو، پر روئڻ وارو شخص مونکي نظر نه آيو. مون دل ۾ الله سائينءَ جا لک ٿورا مڃيا ته روئڻ جو آواز ڪنهن مرد جو هيو، عورت جو نه هيو. عورت جو آواز هجي ها ته پوءَ مان جيڪر هڪ کن لاءِ اتي نه ترسان ها، ۽ کيس ڏائڻ سمجھي اتان ڀڄي وڃان ها. مان ڏائڻ کان ڏاڍو ڊڄندو آهيان. اسلام آباد ۾ آدمخورن کان سواءِ ڏائڻيون به چڱي چوکي تعداد ۾ آباد آهن. جڏهن به مان ڪنهن ڏائڻ کي بيوٽي پارلر ۾ داخل ٿيندي يا بيوٽي پالر مان ٺهي ٺڪي ٻاهر ايندو ڏسندو آهيان، تڏهن منهنجو ساهه وڃي پيرن ۾ پوندو آهي، ۽ پير وڃي ساهه ۾ پوندا آهن. مون جھنگ ۾ اڪثر چٻرن کي موت جي خوف کان ڊوڙڻ وارن جي حال تي کلندي ڏٺو آهي، جھنگ ۾ روئڻ جو آواز ٻڌي سوچيم، ضرور ڪو دانشور چٻرو آهي ۽ ماڻهن جي حال تي کلڻ جي بدران روئي رهيو آهي، ۽ اهڙي طرح چٻرن جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪري رهيو آهي.
مون ڪنڌ مٿي ڪري بڙ جي ٽارين تي ويٺل چٻرن ڏانهن ڏٺو. چٻرا هميشه وانگر کلي رهيا هئا. ڪوبه چٻرو مونکي روئندي نظر نه آيو.
مون وڏي واڪي چيو، ”ابا روئڻا، تون ڪٿي آهين؟ مون کي نظر ڇو نه ٿو اچين؟“
سڏڪن هاڻو آواز آيو، ”افسوس، اي رحمدل انسان تون مونکي ڏسي نه سگهندين.“
”ڇونه ڏسي سگهندس؟“ پڇيم، ”تون جن ، يا ٻي غيبات آهين ڇا؟“
”نه، مان جن وغيره نه آهيان،“ هن روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو، ”تون جنهن وڻ جي ٿڙ وٽ بيٺو آهين، مان ان ٿڙ جي ٻئي پاسي ويٺو آهيان.“
هڪڙي چٻري زور سان ٽهڪ ڏنو.
مون روئڻي کي چيو، ”تنهنجو ڏک سور معلوم ڪرڻ ۽ توکي ڏسڻ لاءِ مان ٿڙ جي ٻئي پاسي اچي رهيو آهيان. تنهنجي روئڻ مونکي به روئڻهارڪو ڪري وڌو آهي.“
مان ڦيرو کائي ٿڙ جي ٻئي پاسي کان وڃي بيٺس. مون کي تعجب ٿيو. ٿڙ جي ٻئي پاسي ڪوبه نه هو. روئڻ جو آواز بدستور اچي رهيو هيو. مونکي ڪجھه ڪجھه ڪاوڙ لڳي. چيم، ”اجايو چرچا نه ڪر، تون ته هتي به موجود نه آهين.“
جواب آيو، ”هينئر مان ٿڙ جي ٻئي پاسي وڃي بيٺو آهيان. مان جھڙي حال ۾ آهيان. تنهنجي سامهون نه ايندس. مان نه ٿو چاهيان ته تون مونکي ڏسين.“
”توکي ڇونه ڏسان!“ کانئس پڇيم، ”يار، تون اگهاڙو ته ناهين!“
”نه ــ“ هن روئندي چيو، ”مونکي ڏسي تون ڊڄي ويندين ــ“
”ڇو ڊڄي ويندس!“ کانئس پڇيم، ”ٻن بدران چار ٽنگون اٿئي ڇا؟“
هٻڪندي هٻڪندي چيائين، ”ها“
پڇيومانس، ”تون ڪٿي ڪو جانور، يا جانورن جو مائٽ مٽ ته نه آهين؟“
هن روئيندي چيو، ”مان هڪ خونخوار جانور آهيان.“
”ته پوءِ مڙئي خير آهي“ چيم، ”ٽيليويزن تي روزانا قسمين قسمين جانور ڏسڻ کان پوءِ اسان جانورن کان ڊڄڻ ڇڏي ڏنو آهي. توکي ڏسڻ لاءِ مان ٿڙ جي ٻئي پاسي اچي رهيو آهيان. خدا جي واسطي مونکي گوءِ نه ڏجانءِ.“
مان هڪدم ڦيرو کائي ٿڙ جي ٻئي پاسي کان وڃي بيٺس. ڏٺم ته، هڪ شينهن ٿڙ کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو هو، ۽ هنجون هاري روئي رهيو هيو. مون زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڪنهن شينهن کي روئيندي ڏٺو هو. مونکي پنهنجين اکين تي اعتبار نه آيو. هونءَ به مون پنهنجين اکين تي اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. هڪ دفعي اسلام آباد ۾ مون هڪ بي انتها سهڻي ڇوڪري گھمندي ڦرندي ڏٺي هئي. هوءَ هميشه پنهنجين ڀينرين سان سير سپاٽا ڪندي هئي، ۽ هونڊا سوڪ ڪار ۾ گھمندي رهندي هئي. هوءَ ڇهن ئي ڀينرين کان تمام ننڍي لڳندي هئي. مان مٿس اڪن ڇڪن ٿي پيس. سوچيم، ۡڪجھه به ٿي پوي، مان ساڻس شادي ضرور ڪندس! جڏهن پڇا ڳاڇا ڪيم ته خبر پئي ته هوءَ ڇهن ڇوڪرين جي ننڍي ڀيڻ نه هئي. هوءَ ڇهن ڇوڪرين جي وڏي ڀيڻ به نه هئي. هوءَ ڇهن ڇوڪرين جي ماءُ به نه هئي. ڇوڪرين جي ماءُ مري ويئي هئي. هوءَ ڇهن ئي ڇوڪرين جي ناني هئي. پر پريان ڇهن ئي ڇوڪرين جي ننڍي ڀيڻ لڳندي هئي. مان سوچيان ٿو ته اهو سمورو ڏوهه ويچارين اکين جو به نه آهي. جڏهن پنجين موسم ماحول تي ڇانئجي ويندي آهي، تڏهن اسين جيڪي ڪجھه ڏسندا آهيون. سو اصل ۾ اهو نه هوندو آهي، جيڪي اسان کي نظر ايندو آهي؛ ۽ اصل ۾ جيڪي ڪجھه هوندو آهي سو اسان کي نظر نه ايندو آهي.
مونکي شينهن جي هئڻ تي شڪ ٿيڻ لڳو. سوچيم، هي ضرور ڪو ٻڪر آهي، ٻڪر جو پٽ آهي، يا ٻڪر جو پيءُ آهي، ۽ شِينهن جي کل پائي ڪاسائين کان بچڻ جي اٽڪل ڪري رهيو آهي. مان سوچ ۾ گم سم هيس، جو شينهن چيو، ”توکي چيو هوم نه، ته مونکي ڏسي ڊڄي ويندين!“
”اهڙِي ڳالهه ڪونهي.“ چيم، ”اصل ۾ مان تنهنجي باري ۾ سوچي رهيو هوس.“
پڇيائين، ”منهنجي باري ۾ ڇا پئي سوچيئه؟“
چيم، ”سوچيم پئي ته ، بظاهر ته تون ڏسڻ ۾ هوبهو ببر شينهن جهڙو آهين، پر اصل ۾ ڪير آهين؟“
گجگوڙ ڪندي چيائين، ”مطلب جي ڳالهه ڪر.“
چيم، ”سمجهان پيو ته تون سچ پچ ۾ شينهن آهين، يا شينهن جي کل ۾ ٻڪر آهين، ٻڪر جو پيءُ آهين يا گدڙ آهين!“
”اجائي يخي نه هڻ“ شينهن ناراض ٿيندي چيو، ”مان اصلي ۽ خالص شينهن آهيان. منهنجي کل ڇڪي ڏس.“
”معاف ڪجانءِ يار اصلي شينهن.“چيم، ”ڏوهه منهنجو به ڪونهي! اصلي شينهن کي مون هميشه پڃرن ۾ بند ڏٺو آهي. تون پهريون شينهن آهين ، جنهن کي مون آزاد گھمندي بلڪ روئندي ڏٺو آهي“
”مونکي خبر آهي، مون کي خبر آهي.“ شينهن گجگوڙ سان روئڻ لڳو. چٻرا بڙ جي ٽارين تان اڏامي ويا.
چيم، ”تنهنجي روڄ راڙي مان ڪجھ هڙ حاصل نه ٿيندو. تون جيڪڏهن سچو پچو شينهن آهين ته هڪ ڏينهن پڃري ۾ بند ڪيو ويندين. تون وڌيڪ عرصي تائين آزاد گھمي ڦري، بلڪه روئي به نه سگھندين.“
”مان پڃرن کان نه ٿو ڊڄان.“ شينهن پنهنجي چنبي سان نڪ اگهندي چيو، ”بس، مان سرڪس وارن کان، بلڪه سرڪس وارن جي رنگ ماسٽر کان ڊنل آهيان.“
چيم، ”ڏاڍي عجيب ڳالهه ڪئي اٿئي!“
شينهن گجگوڙ واري نوع ۾ روئيندي چيو، ”مان رنگ ماسٽر جي اشاري تي ڪرتب ڏيکاري نه سگھندس. مان خودڪشي ڪندس.“