پنجين موسم

'ڪهاڻيون' فورم ۾ علي ظفر طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2009۔

  1. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    پنجين موسم


    مان تمام تيزيءَ سان ڊوڙندو پئي ويس. اوچتو ڪنهن جي روئڻ جو آواز ٻڌي بيهر رهيس.

    ان وقت مان مارگله جي ٽڪرين جي هنج ۾ گھاٽي جھنگ مان ڊوڙندو پئي ويس. مان ان ڪري پئي ڊوڙيس جو موت منهنجو پيڇو ڪري رهيو هيو. ڊاڪٽرن چيو هو، جيستائين ڊوڙندو رهندين، جيئرو رهندين. ڊوڙندين نه ته وقت کان اڳ مري ويندين. مان وقت کان اڳ مرڻ نٿو چاهيان. مان مرڻ کان اڳ کليل اکين سان جاڳندين هڪ خواب ڏسڻ جو خواهشمند آهيان. اصل ۾ هڪ خواب خاطر مان گھاٽي، اونداهي جهنگ ۾ ڊوڙندو رهندو آهيان. اسلام آباد هڪ گڙنگ ڪامورن، سرمائيدارن ۽ اڇن ڪارن سفارتڪارن جو شهر آهي. ان قسم جا ماڻهو گھڻو ڪري دل جي بيمارين، مٺن پيشابن ۽ ٿولهه جي مرض ۾ مبتلا هوندا آهن. هو به موت جي ڊپ کان ڊوڙندا رهندا آهن. سندن ڊوڙڻ لاءِ خاص رستا ۽ جهنگ مان گذرندڙ پيچرا ٺاهيا ويا آهن. شام ٿيندي ئي سنهڙن ٽنگن ۽ پخال جهڙن پيٽن وارا گنجا انهن پيچرن تي ڊوڙندي ۽ سهڪندي نظر ايندا آهن. مان نه ڪامورو آهيان، نه سرمائيدار آهيان، ۽ نه ئي سفارتڪار آهيان. مان تنهن هوندي به ڊوڙندو رهندو آهيان. مان سمهي نه سگھندو آهيان، مان جاڳندو رهندو آهيان. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته مون جهڙا سودائي وقت کان اڳ مري ويندا آهن. مان وقت کان اڳ مرڻ نه ٿو چاهيان. وقت کان اڳ مرڻ وارا هميشه نه مرندا آهن. هو عارضي طرح مري ويندا آهن. کليل اکين سان هڪ خواب ڏسڻ جي آرزوءَ ۾ هو ٻيهر جنم وٺندا آهن. مان ٻيهر جنم وٺڻ جي حق ۾ نه آهيان. خواب منهنجو نرواڻ آهي. مان هن جنم ۾ ئي کليل اکين سان هڪ خواب ڏسڻ جو خواهشمند آهيان. هڪ خواب خاطر مان ڪامورن جي امير پرور شهر اسلام آباد ۾ ڊوڙندو رهندو آهيان.

    هيءَ گذريل هفتي جي ڳالهه آهي. مارگله ٽڪرين جي هنج ۾ گھاٽي جھنگ مان گذرندڙ پيچرن تان مان ڊوڙندو پئي ويس. وچ جهنگ ۾ جتي بڙن جا قديم وڻ آهن، ۽ بڙن جي سڪل ٽارين تي سج لٿي مهل چٻرا اچي ويهندا آهن، مون ڪنهن جي روئڻ جو آواز ٻڌو. ڊوڙندي ڊوڙندي مان بيهي رهيس. ۽ روئڻ جو آواز ٻڌڻ لڳس. ڪو هنجون هاري روئي رهيو هيو، سڏڪي رهيو هيو. مون هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو، پر روئڻ وارو شخص مونکي نظر نه آيو. مون دل ۾ الله سائينءَ جا لک ٿورا مڃيا ته روئڻ جو آواز ڪنهن مرد جو هيو، عورت جو نه هيو. عورت جو آواز هجي ها ته پوءَ مان جيڪر هڪ کن لاءِ اتي نه ترسان ها، ۽ کيس ڏائڻ سمجھي اتان ڀڄي وڃان ها. مان ڏائڻ کان ڏاڍو ڊڄندو آهيان. اسلام آباد ۾ آدمخورن کان سواءِ ڏائڻيون به چڱي چوکي تعداد ۾ آباد آهن. جڏهن به مان ڪنهن ڏائڻ کي بيوٽي پارلر ۾ داخل ٿيندي يا بيوٽي پالر مان ٺهي ٺڪي ٻاهر ايندو ڏسندو آهيان، تڏهن منهنجو ساهه وڃي پيرن ۾ پوندو آهي، ۽ پير وڃي ساهه ۾ پوندا آهن. مون جھنگ ۾ اڪثر چٻرن کي موت جي خوف کان ڊوڙڻ وارن جي حال تي کلندي ڏٺو آهي، جھنگ ۾ روئڻ جو آواز ٻڌي سوچيم، ضرور ڪو دانشور چٻرو آهي ۽ ماڻهن جي حال تي کلڻ جي بدران روئي رهيو آهي، ۽ اهڙي طرح چٻرن جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪري رهيو آهي.

    مون ڪنڌ مٿي ڪري بڙ جي ٽارين تي ويٺل چٻرن ڏانهن ڏٺو. چٻرا هميشه وانگر کلي رهيا هئا. ڪوبه چٻرو مونکي روئندي نظر نه آيو.

    مون وڏي واڪي چيو، ”ابا روئڻا، تون ڪٿي آهين؟ مون کي نظر ڇو نه ٿو اچين؟“

    سڏڪن هاڻو آواز آيو، ”افسوس، اي رحمدل انسان تون مونکي ڏسي نه سگهندين.“

    ”ڇونه ڏسي سگهندس؟“ پڇيم، ”تون جن ، يا ٻي غيبات آهين ڇا؟“

    ”نه، مان جن وغيره نه آهيان،“ هن روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو، ”تون جنهن وڻ جي ٿڙ وٽ بيٺو آهين، مان ان ٿڙ جي ٻئي پاسي ويٺو آهيان.“

    هڪڙي چٻري زور سان ٽهڪ ڏنو.

    مون روئڻي کي چيو، ”تنهنجو ڏک سور معلوم ڪرڻ ۽ توکي ڏسڻ لاءِ مان ٿڙ جي ٻئي پاسي اچي رهيو آهيان. تنهنجي روئڻ مونکي به روئڻهارڪو ڪري وڌو آهي.“

    مان ڦيرو کائي ٿڙ جي ٻئي پاسي کان وڃي بيٺس. مون کي تعجب ٿيو. ٿڙ جي ٻئي پاسي ڪوبه نه هو. روئڻ جو آواز بدستور اچي رهيو هيو. مونکي ڪجھه ڪجھه ڪاوڙ لڳي. چيم، ”اجايو چرچا نه ڪر، تون ته هتي به موجود نه آهين.“

    جواب آيو، ”هينئر مان ٿڙ جي ٻئي پاسي وڃي بيٺو آهيان. مان جھڙي حال ۾ آهيان. تنهنجي سامهون نه ايندس. مان نه ٿو چاهيان ته تون مونکي ڏسين.“

    ”توکي ڇونه ڏسان!“ کانئس پڇيم، ”يار، تون اگهاڙو ته ناهين!“

    ”نه ــ“ هن روئندي چيو، ”مونکي ڏسي تون ڊڄي ويندين ــ“

    ”ڇو ڊڄي ويندس!“ کانئس پڇيم، ”ٻن بدران چار ٽنگون اٿئي ڇا؟“

    هٻڪندي هٻڪندي چيائين، ”ها“

    پڇيومانس، ”تون ڪٿي ڪو جانور، يا جانورن جو مائٽ مٽ ته نه آهين؟“

    هن روئيندي چيو، ”مان هڪ خونخوار جانور آهيان.“

    ”ته پوءِ مڙئي خير آهي“ چيم، ”ٽيليويزن تي روزانا قسمين قسمين جانور ڏسڻ کان پوءِ اسان جانورن کان ڊڄڻ ڇڏي ڏنو آهي. توکي ڏسڻ لاءِ مان ٿڙ جي ٻئي پاسي اچي رهيو آهيان. خدا جي واسطي مونکي گوءِ نه ڏجانءِ.“

    مان هڪدم ڦيرو کائي ٿڙ جي ٻئي پاسي کان وڃي بيٺس. ڏٺم ته، هڪ شينهن ٿڙ کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو هو، ۽ هنجون هاري روئي رهيو هيو. مون زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڪنهن شينهن کي روئيندي ڏٺو هو. مونکي پنهنجين اکين تي اعتبار نه آيو. هونءَ به مون پنهنجين اکين تي اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. هڪ دفعي اسلام آباد ۾ مون هڪ بي انتها سهڻي ڇوڪري گھمندي ڦرندي ڏٺي هئي. هوءَ هميشه پنهنجين ڀينرين سان سير سپاٽا ڪندي هئي، ۽ هونڊا سوڪ ڪار ۾ گھمندي رهندي هئي. هوءَ ڇهن ئي ڀينرين کان تمام ننڍي لڳندي هئي. مان مٿس اڪن ڇڪن ٿي پيس. سوچيم، ۡڪجھه به ٿي پوي، مان ساڻس شادي ضرور ڪندس! جڏهن پڇا ڳاڇا ڪيم ته خبر پئي ته هوءَ ڇهن ڇوڪرين جي ننڍي ڀيڻ نه هئي. هوءَ ڇهن ڇوڪرين جي وڏي ڀيڻ به نه هئي. هوءَ ڇهن ڇوڪرين جي ماءُ به نه هئي. ڇوڪرين جي ماءُ مري ويئي هئي. هوءَ ڇهن ئي ڇوڪرين جي ناني هئي. پر پريان ڇهن ئي ڇوڪرين جي ننڍي ڀيڻ لڳندي هئي. مان سوچيان ٿو ته اهو سمورو ڏوهه ويچارين اکين جو به نه آهي. جڏهن پنجين موسم ماحول تي ڇانئجي ويندي آهي، تڏهن اسين جيڪي ڪجھه ڏسندا آهيون. سو اصل ۾ اهو نه هوندو آهي، جيڪي اسان کي نظر ايندو آهي؛ ۽ اصل ۾ جيڪي ڪجھه هوندو آهي سو اسان کي نظر نه ايندو آهي.

    مونکي شينهن جي هئڻ تي شڪ ٿيڻ لڳو. سوچيم، هي ضرور ڪو ٻڪر آهي، ٻڪر جو پٽ آهي، يا ٻڪر جو پيءُ آهي، ۽ شِينهن جي کل پائي ڪاسائين کان بچڻ جي اٽڪل ڪري رهيو آهي. مان سوچ ۾ گم سم هيس، جو شينهن چيو، ”توکي چيو هوم نه، ته مونکي ڏسي ڊڄي ويندين!“

    ”اهڙِي ڳالهه ڪونهي.“ چيم، ”اصل ۾ مان تنهنجي باري ۾ سوچي رهيو هوس.“

    پڇيائين، ”منهنجي باري ۾ ڇا پئي سوچيئه؟“

    چيم، ”سوچيم پئي ته ، بظاهر ته تون ڏسڻ ۾ هوبهو ببر شينهن جهڙو آهين، پر اصل ۾ ڪير آهين؟“

    گجگوڙ ڪندي چيائين، ”مطلب جي ڳالهه ڪر.“

    چيم، ”سمجهان پيو ته تون سچ پچ ۾ شينهن آهين، يا شينهن جي کل ۾ ٻڪر آهين، ٻڪر جو پيءُ آهين يا گدڙ آهين!“

    ”اجائي يخي نه هڻ“ شينهن ناراض ٿيندي چيو، ”مان اصلي ۽ خالص شينهن آهيان. منهنجي کل ڇڪي ڏس.“

    ”معاف ڪجانءِ يار اصلي شينهن.“چيم، ”ڏوهه منهنجو به ڪونهي! اصلي شينهن کي مون هميشه پڃرن ۾ بند ڏٺو آهي. تون پهريون شينهن آهين ، جنهن کي مون آزاد گھمندي بلڪ روئندي ڏٺو آهي“

    ”مونکي خبر آهي، مون کي خبر آهي.“ شينهن گجگوڙ سان روئڻ لڳو. چٻرا بڙ جي ٽارين تان اڏامي ويا.

    چيم، ”تنهنجي روڄ راڙي مان ڪجھ هڙ حاصل نه ٿيندو. تون جيڪڏهن سچو پچو شينهن آهين ته هڪ ڏينهن پڃري ۾ بند ڪيو ويندين. تون وڌيڪ عرصي تائين آزاد گھمي ڦري، بلڪه روئي به نه سگھندين.“

    ”مان پڃرن کان نه ٿو ڊڄان.“ شينهن پنهنجي چنبي سان نڪ اگهندي چيو، ”بس، مان سرڪس وارن کان، بلڪه سرڪس وارن جي رنگ ماسٽر کان ڊنل آهيان.“

    چيم، ”ڏاڍي عجيب ڳالهه ڪئي اٿئي!“

    شينهن گجگوڙ واري نوع ۾ روئيندي چيو، ”مان رنگ ماسٽر جي اشاري تي ڪرتب ڏيکاري نه سگھندس. مان خودڪشي ڪندس.“

     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    ان کان اڳ جو مان شينهن کي دلداري ڏيان؛ شينهن چيو، ”تون جيڪڏهن چاهين ته منهنجي مدد ڪري سگھين ٿو.“

    ”ڪهڙي قسم جي مدد؟“ مون کانئس پڇيو. شينهن چيو، ”مونکي خدا جي واسطي هڪ ٻڪر يا ڪنهن گدڙ جي کل آڻي ڏي.“

    ”ڇاجي لاءِ؟“ مون تعجب مان وراڻيو.

    وراڻيائين، ”توهان ماڻهن جي معاشري ۾ گدڙن ۽ ٻڪرن جو قدر ڪيو ويندو آهي، شينهن جو نه. مون کي خدا جي واسطي ٻڪر يا گدڙ جي کل آڻي ڏي. مان گدڙ يا ٻڪر ٿي جيئرو رهندس، ۽ قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪندس.“

    شينهن جي قومي جذبي کان ڏاڍو متاثر ٿيس. چيم، ”تنهنجي قومي جذبي کان مان ڏاڍو متاثر آهيان. تون دنيا جو واحد شينهن آهين، جنهن ٻڪر يا گدڙ ٿي قوم جي خدمت ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي، مان توکي سلام ٿو ڪريان، ۽ واعدو ٿو ڪريان ته سڀاڻي شام تائين توکي ٻڪر يا گدڙ جي کل آڻي ڏيندس ته جيئن تون قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪري سگهين.“

    شينهن ڇڪي مونکي ڇاتيءَ سان لاتو. چيائين، ”مان تنهنجو انتظار ڪندس، پرديسي بابو.“

    چيم، ”اهو ڊائلاگ تنهنجي واتان بنهه نه ٿو ٺهي. اهو ڊائلاگ ڪنهن دردناڪ فلم ۾ پهاڙي حسينه جي واتان ٺهندو آهي.“

    ان کان پوءِ اسان ٻنهي هڪ ٻئي کي خدا حافظ چئي موڪلايو.

    مان وري جھنگ ۾ ڊوڙڻ لڳس. دوڙندي ڊوڙندي مان شينهن لاءِ ڪنهن ٻڪر يا گدڙ جي کل هٿ ڪرڻ لاءِ ترڪيبون سوچيندو رهيس. اوچتو مون کي ياد آيو ته ڪيترائي ڪاسائي منهنجي مامي جا جگري دوست آهن. کانئن هڪ ٻڪر جي کل هٿ ڪري سڀاڻي شام تائين شينهن کي پهچائيندس. مون سوچيو، ان نيڪ ڪم ۾ مون کي دير نه وجھڻ گھرجي. پنجين موسم ۾ شينهن گھڻي دير تائين آزاد نه گھمي سگھندا آهن. پنجين موسم ۾ شينهن پڃرن ۾ بند ٿي ويندا آهن؛ يا سرڪس وارن جي هٿ لڳي ويندا آهن، ۽ پوءِ رنگ ماسٽر جي اشارن تي ڪرتب ڏيکاريندا آهن. مونکي شينهن جي حال تي رحم آيو.

    پنهنجي گھر جي بدران مان ڊوڙندو پنهنجي مامي جي گھر ويس. منهنجو مامو ٽن ٽنگن واري ڪرسيِءَ تي ويٺو هو، ۽ آواز بند ڪري ٽيليويزن تان خبرون، يا خبرون ٻڌائڻ واريءَ کي ڏسي رهيو هيو.

    مونکي ڏسندي مامي پڇيو، ”اڄ وري ڪهڙي ماليخوليائي خبر کڻي آيو آهين.“

    ”اڄ مون هڪ شينهن کي روئيندي ڏٺو آهي.“ ان کان پوءِ مون مامي کي شينهن سان پنهنجيءَ ملاقات ۽ سموريءَ گفتگوءَ جو سربستو احوال ڏنو!

    ”اجائي بڪ بڪ ٿو ڪرين.“ مامي سخت ڪاوڙ وچان چيو. ”جاڳندي هڪ خواب ڏسڻ جي تمنا توکي پاڳل ڪري ڇڏيو آهي.“

    ”مان پاڳل ناهيان، ماما.“ مون آهستي چيو. ”جڏهن پنجين موسم ايندي آهي، تڏهن ماڻهو مون وانگر محسوس ڪرڻ لڳندا آهن.“

    ”اڙي ڪهڙي پنجين موسم!“ مامي ڪاوڙ وچان ڪنبندي چيو، ”تون چريو ٿي پيو آهين، تون صفا چريو ٿي پيو آهين. مان توکي گدو بندر موڪلي ڇڏيندس.“

    ”جيڏانهن وڻيوَ مون کي موڪلي ڇڏيو.“ چيم، ”پر، ڪيڏانهن موڪلڻ کان اڳ هڪ ٻڪر جي کل جو انتظام ڪري ڇڏجو. هڪ مظلوم شينهن سان مونکي واعدو نڀائڻو آهي.“

    مامي ساڙ کائيندي چيو، ”اڙي تنهنجي لاءِ نه ڪريان هڪ کوتي جي کل جو انتظام!“

    ”في الحال هڪ شينهن جي عزت جو سوال آهي.“ چيم، ”ڪيترائي ڪاسائي اوهان جا دوست آهن. روزانا اوهان سان ڪچهري ڪرڻ ايندا آهن. اوهين کين چوندا ته هو سولائيءَ سان هڪ ٻڪر جي کل جو بندوبست ڪري ڏيندا.“

    ”اڙي هو سڀئي ڊاڪٽر آهن.“ مامي ميز تي مڪ هڻندي چيو، ”هو ڪاسائي نه آهن.“

    ”هو سڀئي ڪاسائي آهن.“ چيم، ”الائي ڇو، سڀئي ڪاسائي اوهان کي ڊاڪٽر نظر ايندا آهن!“

    ”بدبخت، مان توکي قتل ڪري ڇڏيندس.“ مامي ڪاوڙ وچان چيو، ”منهنجي سمورن دوست ڊاڪٽرن چيو هو ته تنهنجو ڀاڻيجو چريو ٿي پيو آهي. کيس چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرائي ڇڏ“

    ”اوهان جا ڪاسائي دوست جنهن جاءِ کي چرين جي اسپتال سڏين ٿا، سا جاءِ اول ۾ چرين جي اسپتال نه آهي.“ ماما کي ٻڌايم، ”ان هنڌ اوهان جا ڪاسائي دوست ڳئون، مينهون ۽ ٻڪر ذبح ڪندا آهن. اوهين سولائيءَ سان هڪ ٻڪر جي کل مون کي ڏياري سگھو ٿا. هڪ مظلوم شينهن اوهان کي به پنهنجي دعائن ۾ شامل ڪندو.“

    ماما فون ڏانهن ويندي چيو، ”مان اجھو ٿو تولاءِ ٻڪر جي کل جو بندوبست ڪريان. تون فڪر ئي نه ڪر.“

    ماما ٻه چار دفعا فون جا مختلف نمبر ڦيرايا. هن رسيور وات ۾ وجھي تمام آهستي ڳالهايو. مان سندس گفتگو ٻڌي نه سگھيس.

    ٿوري دير کان پوءِ ماما جا ڪاسائي دوست، جن کي هو ڊاڪٽر سڏيندو هو، پهچي ويا. کين ڏسي مان ڏاڍو خوش ٿيس. زور زور سان تاڙيون وڄايم ۽ پوءِ ڪيتري دير تائين تاڙيون وڄائيندو رهيس. هو مون کي ڪمال شفقت ۽ پيار سان هڪ اهڙي ڪمري ۾ وٺي ويا، جتي بي انتها روشني هئڻ جي باوجود اوندهه هئي. گھگهه گوندهه هئي. ڪپڙا لاهي هنن مون کي اگھاڙو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ، اک ڇنڀ ۾ هنن منهنجي جسم تان منهنجي کل لاهي ڇڏي. سڀ ڪجھه بي انتها هيبتناڪ هو.

    ان کان اڳ جو مان تڪليف وچان سور اسرافيل سان ابدي اوندهه کي روشنين ۾ بدلي ڇڏيان، هنن منهنجي جسم تي ٻڪر جي کل چاڙهي ڇڏي. مان اڪثر وساري ويهندو آهيان ته ٻڪر خواب نه ڏسندا آهن. جاڳندي هڪ خواب ڏسڻ جي تمنا ۾ مان گھاٽن جھنگن ۾ ڊوڙندو رهندو آهيان ــ اهڙا گھاٽا جھنگ، جتي قديم بڙ جا وڻ آهن ۽ جن جي ٽارين تي چٻرا ويٺل هوندا آهن. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته موت منهنجو پيڇو ڪري رهيو آهي. مونکي ڊوڙڻ گھرجي. مان ڊوڙندو آهيان. تسلسل جي ٽٽل پيچرن تي مان ڊوڙندو رهندو آهيان. ۽ ڪڏهن ڪڏهن جھنگ ۾ هيڪلي روئيندڙ شينهن کي ياد ڪندو آهيان، جنهن، ٻڪر جي کل پائي زندهه رهڻ جي تمنا ڪئي هئي.

    -------------------------------------------------------------------------
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    زبردست ادا

    shabash

    lajwab-sharing


    suhnan saan


    khil sahi


    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو