سنڌي قوم جي عجيب سوچ.........!!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏9 جون 2013۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    شاھزيب پنھنجي ڀيڻ جي حفاظت ڪندي ھڪ اوباش شاھ رخ جتوئي جي ھٿان قتل ٿي وڃي ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!!!!!

    [​IMG]

     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سهڻا عاشق۔ اسان سنڌي شاهزيب يا شاهه رخ سان ٻڌل ناهيون، نه اسان لاءِ شاهزيب هيرو يا ولن آهي نه وري اسان شاه رخ کي مٿي تي چاڙهيون ٿا پر ادا هڪ ڳالهه اسان سنڌين جي لاءِ وڏي ۾ وڏو ڏک ڏيندڙ آهي، اها هيءُ ته هن وقت تائين سنڌ جي ڪُسيل ڪونڌرن جو هڪ به ڪيس انهيءَ ساڳئي عدالتن ۾ تر جيترو اڳتي نه وڌيو آهي، ڪيترا سنڌي اڳواڻ مارجي ويا، ڪيترا سنڌي جوڌا اغوا ٿي ويا، ڪيترا اپاهج بڻايا ويا، نياڻين سان ڪيس ڪيا ويا پر انهن جي متعلق عدالتن جو رويو ايئن آهي ڄڻ اهي سنڌي نه پر بنگالي آهن۔
    افسوس ۔۔ صد افسوس! اينٽي ٽيرارسٽ ڪورٽن ۾ سنڌين جا ڪيترائي ڪيس ساڳئي چيف جسٽس وٽ پيل آهن پر انهن جو ڪو تدارڪ نه ٿيو، هاڻِي دعا اها آهي ته ان ظالم ڪاڻي چيف جسٽس جي جڳهه تي جلد ئي ڪو ٻيو اچي ته ڀلا ڪجهه اميد پيدا ٿئي۔۔
    رڳو شاه رخ جو پيءُ سرمائيدار ناهي پر شاهزيب جو پيءُ به وڏو اثر رسوخ رکندڙ آهي، نه ته الائي جي اهڙا ڪيترا ڪيس روز پيا ٿين۔۔ انصاف ٿيو آهي يا نه، اها اسان کي خبر ناهي۔۔۔۔ چيف جسٽس ان ڪيس ۾ رڳو ياري نڀائي آهي،
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڪورٽن جو ڊبل اسٽينڊرڊ

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    مست۔۔۔۔۔۔۔!! اوھان جي جواب پڙھڻ کان بعد مان ائين ئي چوندس ته ھي گيم ٻن خاندانن جي آھي، ھن گيم ۾ اسان ڪنھن کي ھيرو نه بڻايون ته بھتر رھندو۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪورٽن جا ڊبل اسٽينڊرڊ پنهنجي جاء تي پر قاتل قاتل ئي آهي ۔۔۔ پوء ڀلي اهو ڪير به هجي۔

    قاتل کي سزا اچڻ گهرجي ۔۔۔ جيڪڏهن وارث کيس معاف ڪن ٿا ته اها ٻي ڳالهه آهي ۔۔۔۔ باقي اسلام ۾ ۽ معاشرن ۾ قتل جو عيوض قتل ئي آهي۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا مست توهان جي ڳالهين ۾ ئي توهان جي شڪايت جو جواب موجود آهي۔
    رڳو شاه رخ جو پيءُ سرمائيدار ناهي پر شاهزيب جو پيءُ به وڏو اثر رسوخ رکندڙ آهي، نه ته الائي جي اهڙا ڪيترا ڪيس روز پيا ٿين۔۔
    ادا۔۔جيستائين مظلومن جي ڪيسن کي مضبوط سپورٽ نه ملندي اهي ويچارا ايئن ئي انصاف لا در در جا ڌِڪا ۽ ٿاٻا کائيندا رهندا۔۔!! ان معاملي ۾ رڳو ڪورٽ کي قصوروار چوڻ منهنجي خيال ۾ درست نه آهي۔ اگر ڌريون ڪيس هلائڻ ۾ سستي نه ڪن ته ڪورٽ ڪيئن ٿي ڪيسن کي ليٽ ڪرائي سگهي۔۔؟ ٻي ڳالهه ته ڪورٽن ۾ پينڊنگ ۾ تمام گهڻا ڪيس هجڻ ڪري اُتي ورڪ لوڊ به ڪافي آهي۔ ها ڪٿي ڪٿي ڪرپٽ ججن جي موجودگي کان انڪار نٿو ڪري سگهجي پر اتي به اگر هڪ ڌر اسٽرانگ اسٽينڊ وٺي ته ڪيس جو فيصلو انصاف سان ممڪن ٿي سگهي ٿو۔ اسان وٽ اهڙي ڪا به فعال تنظيم يا پليٽ فارم موجود نه آهي جيڪو پراڻن ڪيسن ۾ مظلومن جو ساٿ ڏئي يا انهن جا ڪيس جلد اڪلائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري۔ اڄ جي دور ۾ ميڊيا جو تمام وڏو اثر آهي۔ انڪري ميڊيا کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي۔ تازيون چٽ پٽيون خبرون ڳولهڻ سان گڏوگڏ پراڻيون وارداتون، قتل ۽ انهن مان مختلف خاندانن کي پهچندڙ نقصان ۽ سندن ڪيسن جي اپ ڊيٽ ڏيڻ به ميڊيا جو فرض ٿيي ٿو۔
    باقي جن ها پروفائيل سياسي ڪيسن جو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي انهن جي وارثن ڪڏهن سنجيدگي سان انصاف چاهيو ئي ناهي۔!!
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. دوست محمد ڌامراه

    دوست محمد ڌامراه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2013
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    دوستو۔۔ اسان کي شاه رخ واري فيصلي تي ڪو اعتراض ڪونهي۔۔۔ اسان کي هن ملڪ جي عدليه جي تعصب پرستئَ واري رويي تي اعتراض آهي۔۔۔ مان شهري جي حيثيت ۾ اهو ٿو پڇان ته مان پنهنجي اکين سان 12 مئي 2007 ۽ 18 آڪٽوبر 2007 تي ڪراچي جي رستن تي هڪ ئي وقت تي نه ڄاڻ ڪيترن بيگناه شهيد ٿيلن جا لاش ڌٺا هئا۔۔۔۔۔۔
    آخر انهن جو ڏوھ ڇا ھو؟؟؟؟
    انهن جا قاتل ڪٿي آهن۔۔۔۔؟؟
    ڇا هِي سڀ شاهزيب جيان پاڪستان جا شهري نه هئا۔۔؟؟
    هن انڌي چيف جسٽس جي استقبال لاء 12 مئي تي ڪراچي ۾ جيڪي بيگناھ ماڻھون متحده قاتل موومينٽ جي ڪتن هٿان شهيد ٿيا۔۔۔ انهن جي ڪيس جو ڪهڙو فيصلو ڏنو آهي هن ڪاڻي دجال۔۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو