پاڻي لاءِ ملڪاڻي وارن جو احتجاج ۽ ادريس راجپوت جا مسئلي جي حل لاءِ رايا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏9 جون 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هر سانوڻي مُند جيان پوڇڙ جي آباگارن وٽ پاڻي کوٽ هينئر به عروج تي آهي ۽ ملڪاڻي واسي احتجاج طور هفتي کان سينٽرل جيل بدين اڳيان جيل ڀريو جي مطالبي تحت ويٺا آهن پر وٽن ڪو به ناهي آيو. ادريس راجپوت انهي تناظر ۾ اڄ ڪاوش ۾ ڪالم لکيو آهي. انهي جو هڪ اقتباس ۽ تصوير ۾ به مسئلي جي حل لاءِ تجويزون هتي ڏجن ٿيون.
    _
    پاڻيءَ جي سنڌ ۾ ورهاست:

    بئراج مان نڪرندڙ واهن ۾ ورهاست، جنهن کي انگريزي ۾ Regulation چئجي ٿو، سا آبپاشي وارو سيڪريٽري پنهنجي ڊائريڪٽر ريگوليشن جي مدد سان ڪري ٿو. واهن مان ڪڙين وسيلي ورهاست آبپاشي کاتي جو هيٺيون عملو ڪري ٿو، جنهن ۾ داروغا ۽ سرويئر اهم آهن. اها ورهاست صحيح نٿي ٿئي، جنهن جا مکيا ٻه ڪارڻ آهن، هڪڙو سياسي نظام ۽ ٻيو بدعنواني (Corruption) اها عالم آشڪار ڳالهه آهي ته، سياستدان ۽ حڪمران پنهنجي علائقي ۾ سرڪاري ڪامورا پنهنجي مرضيءَ سان رکرائين ٿا، جيئن ايس ايڇ او، مختيارڪار، تپيدار، داروغا، سرويئر، ايس ڊي او ۽ انجنيئر. قابليت يا ميرٽ جي بنياد تي ڪو ورلي آفيسر رکيو ويندو آهي. جڏهن اهي ڪامورا حڪمرانن ۽ انهن سان واسطيدار ماڻهو رکرائين ٿا ته وري ڪامورا موٽ ۾ انهن جا ڪمدار ٿي ڪم ڪن ٿا. وري انهن با اثر ماڻهن آبپاشي عملي تي زور آڻي ۽ حڪومت کان سفارشي بنيادن تي واهن مان ڊي او يعني (Direct outlet) منظور ڪرايا آهن. پاڻي کوٽ واري وقت ۾ آبپاشي وارا واهن جي وارابندي ڪندا آهن، پر ڊي اوز جي وارا بندي ٿيڻ نٿي ڏني وڃي. مان 1984ع کان 1986ع تائين روهڙي ڪينال جو سپرنٽينڊنگ انجنيئر رهيس. نصير ڪينال ۾ جڏهن پاڻي کٽندو هو ته مان ٽنڊي الهيار ريگيوليٽر مٿان نڪرندڙ نانگنا واهه کي بند ڪرائي ڇڏيندو هوس ته پاڻي پورو ٿي ويندو هو. هاڻي نانگنا واهه کان هيٺ ايترا ڊي اوز منظور ٿيل آهن، جو نانگنا واهه بند ڪرڻ سان به پڇڙيءَ تي ڪو اثر نه پوندو، جو انهيءَ کان هيٺ اهي ڊي اوز ۽ ٻيا ڀڳل ماڊول ايترو پاڻي کڻي ويندا، جو ٽيل تي پاڻي ئي نه پهچندو. هينئر انهيءَ ڪينال تي پاڻي کوٽ انهن ڊي اوز ۽ ڀڳل ماڊولن ۾ ڪونهي پر خيرپور گنبي وارا ۽ ملڪاڻي شريف وارا ماڻهو ٽيل ۾ کوٽ جي نتيجي ۾ ڌرڻا هنيو ويٺا آهن. ٻيو ڪارڻ آهي ٽيمپرنگ، يعني ماڊولن ۽ پائيپن ذريعي مان پاڻيءَ جي چوري، اها آبپاشي عملي جي منظوريءَ سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ هاڻي منڊ جي حساب سان پئسا وٺڻ بدران، رات جي ٽيمپرنگ جا پئسا ورتا وڃن ٿا ۽ ٽيمپرنگ جا اگهه چوٽ چڙهيل آهن.

    [​IMG]
     
  2. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    ادا هنن سڀني کي خبر آهي ته پاڻي ڪٿي غائب ٿي رهيو آهي پر ايريگيشن وارا پئسا وٺي خاموش رهن ٿا، اسان جي نظر ۾ سنڌ جو پنجاب دشمن ناهي پر اهي راشي ايريگيشن وارا ۽ انهن کان پئسن عيوض پاڻي خريد ڪندڙ وڏيرا سنڌ جا دشمن اٿئو جيڪي غريب هاري کي سڌرڻ نٿا ڏين۔ گذريل ڏينهن هتان جي ايم پي اي حسنين مرزا روهڙي ڪينال جي سپريڊينٽ انجنيئر کي چيو ته مسئلو حل ڪري ڏي جي اوهان چئو ته اوهان جي واهه ۾ واڌو پاڻي ڏيون ته همراهه چيو ته سائين روهڙي ڪينال فل پيو وهي، هڪ ڪيوسڪ جي به وڌيڪ گنجائش ناهي پر اهو پاڻي پڇڙي تائين پهچڻ نٿو ڏنو وڃي۔ آبادگار مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن پر حرام آهي جو ڪنهن جي ڪن تي ڪا جون به سرندي هجي۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پاڻي جي ورڇ جي سڀني کي خبر آهي ۔۔۔۔ پر جيڪو ڏاڍو آهي ۽ اڳيان آهي اهو زور تي پاڻي کنيون وڃي۔ پاڻي جا ماهر ڀلي ڇا به چون ۔۔۔۔ پر جيستائين منصف نه هوندا تيسين ڪجهه به نه ٿي سگهندو۔ مونکي حيرت آهي بدين جي نمائندن تي جيڪي اليڪشن ۾ ته کٽي آيا پر هي احتجاج کين نظر ئي نه ٿا اچن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو