هر سانوڻي مُند جيان پوڇڙ جي آباگارن وٽ پاڻي کوٽ هينئر به عروج تي آهي ۽ ملڪاڻي واسي احتجاج طور هفتي کان سينٽرل جيل بدين اڳيان جيل ڀريو جي مطالبي تحت ويٺا آهن پر وٽن ڪو به ناهي آيو. ادريس راجپوت انهي تناظر ۾ اڄ ڪاوش ۾ ڪالم لکيو آهي. انهي جو هڪ اقتباس ۽ تصوير ۾ به مسئلي جي حل لاءِ تجويزون هتي ڏجن ٿيون.
_
پاڻيءَ جي سنڌ ۾ ورهاست:
بئراج مان نڪرندڙ واهن ۾ ورهاست، جنهن کي انگريزي ۾ Regulation چئجي ٿو، سا آبپاشي وارو سيڪريٽري پنهنجي ڊائريڪٽر ريگوليشن جي مدد سان ڪري ٿو. واهن مان ڪڙين وسيلي ورهاست آبپاشي کاتي جو هيٺيون عملو ڪري ٿو، جنهن ۾ داروغا ۽ سرويئر اهم آهن. اها ورهاست صحيح نٿي ٿئي، جنهن جا مکيا ٻه ڪارڻ آهن، هڪڙو سياسي نظام ۽ ٻيو بدعنواني (Corruption) اها عالم آشڪار ڳالهه آهي ته، سياستدان ۽ حڪمران پنهنجي علائقي ۾ سرڪاري ڪامورا پنهنجي مرضيءَ سان رکرائين ٿا، جيئن ايس ايڇ او، مختيارڪار، تپيدار، داروغا، سرويئر، ايس ڊي او ۽ انجنيئر. قابليت يا ميرٽ جي بنياد تي ڪو ورلي آفيسر رکيو ويندو آهي. جڏهن اهي ڪامورا حڪمرانن ۽ انهن سان واسطيدار ماڻهو رکرائين ٿا ته وري ڪامورا موٽ ۾ انهن جا ڪمدار ٿي ڪم ڪن ٿا. وري انهن با اثر ماڻهن آبپاشي عملي تي زور آڻي ۽ حڪومت کان سفارشي بنيادن تي واهن مان ڊي او يعني (Direct outlet) منظور ڪرايا آهن. پاڻي کوٽ واري وقت ۾ آبپاشي وارا واهن جي وارابندي ڪندا آهن، پر ڊي اوز جي وارا بندي ٿيڻ نٿي ڏني وڃي. مان 1984ع کان 1986ع تائين روهڙي ڪينال جو سپرنٽينڊنگ انجنيئر رهيس. نصير ڪينال ۾ جڏهن پاڻي کٽندو هو ته مان ٽنڊي الهيار ريگيوليٽر مٿان نڪرندڙ نانگنا واهه کي بند ڪرائي ڇڏيندو هوس ته پاڻي پورو ٿي ويندو هو. هاڻي نانگنا واهه کان هيٺ ايترا ڊي اوز منظور ٿيل آهن، جو نانگنا واهه بند ڪرڻ سان به پڇڙيءَ تي ڪو اثر نه پوندو، جو انهيءَ کان هيٺ اهي ڊي اوز ۽ ٻيا ڀڳل ماڊول ايترو پاڻي کڻي ويندا، جو ٽيل تي پاڻي ئي نه پهچندو. هينئر انهيءَ ڪينال تي پاڻي کوٽ انهن ڊي اوز ۽ ڀڳل ماڊولن ۾ ڪونهي پر خيرپور گنبي وارا ۽ ملڪاڻي شريف وارا ماڻهو ٽيل ۾ کوٽ جي نتيجي ۾ ڌرڻا هنيو ويٺا آهن. ٻيو ڪارڻ آهي ٽيمپرنگ، يعني ماڊولن ۽ پائيپن ذريعي مان پاڻيءَ جي چوري، اها آبپاشي عملي جي منظوريءَ سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ هاڻي منڊ جي حساب سان پئسا وٺڻ بدران، رات جي ٽيمپرنگ جا پئسا ورتا وڃن ٿا ۽ ٽيمپرنگ جا اگهه چوٽ چڙهيل آهن.