سائين نثار ناز جون لکڻيون هزار تائين پهچنديون ۽ اهو به ٿوري وقت ۾۔۔۔۔ شايد ان جو اندازو سائين جن کي خود به نه هجي ۔۔۔ ڇو ته ان جا ڪئي سبب آهن۔۔۔ گهر جون ذميداريون، ابو امڙ جي خدمت، سماجي ڪم، سنگت ساٿ کي وقت ڏيڻ، تعليمي سرگرميون، ادبي سرگرميون، مختلف معاشرتي ميڙاڪا، بجلي جي لوڊ شيڊنگ، تنهائي جو گهٽ هجڻ ۽ سڀ کان اهم هر وقت مهمان نوازي ۾ رڌل رهڻ ۔۔۔ هي ته اهي ڪارڻ آهن جيڪي سندس وٽ والد صاحب جي تعزيت ڪرڻ لاءِ وڃي مون ڏٺا۔۔۔
دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته سنڌ سلامت فورم جي شروعات ۾ سائين نثار جن هڪ نئين ۽ مهانگي فورم کولڻ تي متفق نه هئا ۽ ٻيو وي بليٽن جي ٽيڪنالاجي کي نه سمجهڻ جي پڻ بار بار تڪرار ڪندا رهندا هئا۔۔۔ پر آهستي آهستي فورم جي ٽيڪنيڪ کي سمجهي ويا ۽ مون کان به اڳ پنهنجي لکڻين جو تعداد 4 انگن تائين پهچايو۔۔۔
پاڻ هڪ عام ميمبر جي حيثيت سان سنڌ سلامت فورم تي آيا پر سندن اهي نڪور لکڻيون ئي هيون جن کين کي هر ميمبر جو هر دلعزيز ثابت ڪيو ۽ پوءِ سندن بار بار جي انڪار باوجود کين اضافي ذميداريون ڏيندي پهريان ايڊيٽر ۽ پوءِ کين سپر ايڊيٽر بڻايو ويو۔۔۔
سندن پر خلوص ڪردار، محبتي مزاج، سمجهائڻ جو لاجواب انداز، حوصلو ۽ همت افزائي ڏيڻ، ادبي ۽ سمجهاڻين سان ڀريل لکائي ۽ سڀ کان اهم سندس بزرگي ۽ روحانيت سان ڀريل شخصيت مون کي مجبور ڪيو ته مان بطورِ منتظمِ اعلي ۽ سمورو سنڌ سلامت سٿ سندن سرپستي ۾ اچي۔۔۔
مون کي خبر آهي ته سنڌ سلامت تي اظهارِ آزادي ۽ تنقيد رايي جي پڻ کليل اجازت آهي ان ڪري سندن لکڻين تي رايا آيا جنهن ڪري پاڻ بقول سندن جي ته سرپرستي واري پڳ کي هٽائڻ جي لاءِ فورم تي به لکيو ۽ مون کي فون ڪري پڻ چوندا رهيا۔۔۔ پر مان اهو به ڄاڻان ٿو ته فورم تي موجود هر ننڍو وڏو يا سينيئر جونيئر سندن جو احترام به ڪري ٿو ۽ محبت به۔۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو سندن موڪليل هر موضوع کي ڀرپور موٽ ملي ٿي۔۔۔
اسان جي دعا آهي ته سندن جي سرپرستي هميشه سنڌ سلامت تي قائم رهي۔۔۔ آمين