اڄوڪو ڏينهن 12 جون تاريخ جي دريءَ مان

'جون' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏12 جون 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي

    اڄوڪي ڏينهن 12 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    12جون 1876ع خيرپور رياست آجي وزير شيخ محمد قادر جي پيدائش ٿي.
    12جون 1912ع اردو جي ممتاز اديب ۽ مترجم ڊاڪٽر اختر حسين راڻيپوري جي پيدائش ٿي.
    12جون 1920ع ليکڪ محمد طيب نصرپوري جي پيدائش ٿي.
    12جون 1923ع ممتاز قانوندان شريف الدين پيرزادي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    12جون 1923ع اداڪار اتم ديارام هنڱوراڻي (ڀريا / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    12جون 1924ع شاعر نثار بزمي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    12جون 1929ع اردو اديب ۽ اسڪالر جميل جالبي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    12جون 1930ع گلوڪار استاد محمد ابراهيم جي پيدائش ٿي.
    12جون 1938ع ليکڪ نارائڻ ناري پدم (نئون ديرو / ناهپور) جي پيدائش ٿي.
    12جون 1942ع اداڪار ڪنيو روپاڻي (ٺارو شاهه / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    12جون 1947ع صحافي بالم بروهي (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    12جون 1957ع ڪرڪيٽر جاويد ميانداد جو جنم ڏينهن آهي.
    12جون 1960ع شاعر منٺار منظور آبادي جي پيدائش ٿي.
    12جون 1960ع صحافي محمد اسلم چانڊيو (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    12جون 1964ع صحافي سليم ميمڻ (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
    12جون 1981ع ليکڪ بدر جاگيراڻي جو جنم ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:

    12جون 1924ع تي ناليواري شاعر مير عبدالحسين سانگي جو لاڏاڻو ٿيو.
    12جون 2011ع شاعر ڊاڪٽر منصور ملڪ جو لاڏاڻو ٿيو.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 12 جون جا ڪجهه اهم واقعا


    [​IMG]

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    _______

     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    Khadim Ghirano Nasarpur > ‎الله يار جي ٽنڊي جا اڪابر
    اڄ سائين عبدالله جروار سائين طيب ابڙو جي باري ۾ ڄاڻ شيئر ڪرڻ جو چيو ان وقت جنهن وقت سائين پوسٽ ڇڏي آئون نصرپور جي تاريخ تي آيل ڪتاب پڙهي رهيو هو س ان ڪتاب يعني تارخ نصرپور جي صفحي 301-377-419 تي محمد طيب ابڙو جي باري ۾ مواد هو ان ڪتاب جي مصنف موجب محمد طيب ابڙو ولد سچيڏنو ابڙو 12 جون 1920ع ۾ نصرپور جي ابڙا محلا ۾ ڄائو ابتدائي پرائمري تعليم نصرپور ۾ حافظ محمد اسحاق جي مڪتب ۾ حاصل ڪيائون 1936ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان سيڪنڊ پوزيشن طور پاس ڪيائون محمد طيب ابڙو جا مرحوم محمد نجيب عالماڻي ۽ سرڳواسي الو مل کتري پرائمري استاد هئا . 1937ع ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان ملازمت شروع ڪيائون 1946ع پنجاب يونيورسٽي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائون 1948ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد مان ٻه سال پڙهي فارغ ٿيو علام ڊاڪٽ دائودپوٽي صاحب کيس اسٽنٽ ڊپٽي انسپيڪٽر آف اسڪولس مقرر ڪيو . پاڻ پنهنجي دؤر جو هڪ بهترين استاد منتظم تعليمي ماهر هو 1961ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان بي ٽي پاس ڪيائون آخر ۾ حيدرآباد ضلعي جو ڊپٽي آيڊيوڪيشن آفيسر ٿيو پاڻ 09 فيبروري 1999ع ۾ وفات ڪيائون کيس ٻه پٽ ۽ ٽي نياڻيون هيون محمد طيب ابڙو تعليمي ڏيڻ سان گڏ سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪئي 1959ع ۾ محمد طيب ابڙو نصرپور ايڊيوڪيشنل ڪوآپريٽو سوسائٽي جو جنرل سيڪريٽري ٿيو . محمد طيب ابڙو ڪيترائي نصابي ، غير نصابي ، ناول لکيا . پنج تن ( 1965 ) جوهر سخن (1949 ) نقش عمل ( 1949 ) حضرت ابو ذر غفاري رضه ( 1951 ) جگر حسين ( 1961 ) گردش اخلاق ( 1960 ) پيار جي شادي ( 1960 ) محبت ۽ فرض ( 1964 ) نابينا ، ماڊرن انگي حساب ،انگي حساب درجو چوٿون ، انگي حساب درجو پنجون گرامر درجو چوٿون ( هي مضمون تاريخ نصرپور تان ورتو ويو آهي ) محمد طيب ابڙو جيڪو علمي خزانو ڇڏي ويو آهي ان جي اڄ جي نوجوان کي پروڙ نه آهي ، پاڻ سدائين ففٽي موٽر سائيڪل تي هلندا هئا اسڪولن جا امتحان پاڻ وٺندا . اسان کي جيڪي به قسمت سانگي سائين جا شاگرد يا اهي جن سائين جي هٿ هيٺ ڪم ڪيو اهي سائين جي محنت همت جي واکاڻ ڪن ٿا ، اڄ به سائين جو نالو چنڊ جي وانگر روشن آهي سائين جو هڪ فرزند وفات ڪري ويو آهي ٻيو فرزند مجھيب الرحمان ابڙو پرائمري استاد آهي سٺو لکندو آهي سندس پوسٽ فيس بوڪ تي هونديون آهن ، سائين محمد طيب جو پوٽو سمي الرحمان هائي اسڪول نصرپور ۾ استاد آهي فزڪس جو ماهر آهي ان کان سواءِ هڪ بهترين شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت نصرپور جو خزانچي آهي سندن ارادو آه ته جيڪي سندن ڏاي محمد طيب ابڙو جا ڪتاب لکيل آهن انهن کي ٻيهر ڪمپوز ڪري شايع ڪرائي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تاريخ ڳالهائي ٿي


    12 جون 1856 ۾ ليفٽيننٽ چيپمين سنڌو دريا کي ڪراچي سان ڳنڍڻ جو منصوب جوڙيو.

    12 جون 1934 ۾ سنڌ پيپلز پارٽي جو بنياد پيو،پارٽي عهديدار ۾ سر شاهنواز ڀٽو صدر، الله بخش سومرو نائب صدر، ميران محمد شاه صدر، حاتم علوي جنرل سيڪريٽري، جي ايم سيد جوائنٽ سيڪريٽري طور چونڊيا ويا.

    12 جون 1963 ۾ صدر ايوب خان پاڪستان، ايران، افغانستان ۽ ترڪي تي مشتمل فيڊريشن ٺاهڻ جو خيال پيش ڪيو.

    12 جون 1973 ۾ سينٽو ڀارت کي پاڪستان جي گرفتار ڪيل جنگي قيدن کي ڇڏڻ جومطالبوڪيو.

    12 جون 1974 ۾ 39 سنڌي ليکڪن ۽ شاعرن کي رائيٽرز گلڊ مان ڪڍيو ويو.

    شاعر مير عبدالحسين سانگي 12 جون 1924 ۾ گذاري ويو.

    عوامي آواز جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو