• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ

عابد بلوچ

سينيئر رڪن
حيران نه ٿيو !!! هٽلر هزارين * سنڌين * جو به قتل عام ڪيو. .... اهي سنڌي جيڪي محمد بن قاسم جي حملي کان پوءِ سندس مڙهيل 3 شرطن کي يا ته پورو نٿي ڪري سگهيا ۽ زوريءُ مسلمان ٿيئڻ يا بنجڻ، يا * جزيو* ( ڀتو ) ڀرڻ يا وڙهڻ جي پوزيشن ۾ نه هئا ، اهي جرمني، رومانيا ۽ فرانس سميت سڄي يورپ ۾ وڃي پناهگزين ٿيا ( جيڪي اڄ به * سنتي * چئجن ٿا، هزار سال کان وڌ وقت گذرڻ باوجود سندن ثقافت اڄ به سنڌ سان 100 فيصد ملي ٿي سندن ٻولي ڪجهه بدلجي ته وئي آهي پر ڪيترا لفظ ساڳيا سنڌي وارا آهن. سندن موسيقي، سندن رهڻي سهڻي، سندن دوستي دشمني، سڀ روايتون ويندي * ڀونڊو * ڏيڻ تائين سندن سنڌ سان مشابهت آهي.)
اهي بيگناه ڌرتيءَ تان تڙيل سنڌي، هٽلر جي ڏمر جو نشانو بنيا جن کي هٽلر زهريلي گئس جي چيمبرن ۾ ايئن تڙپائي تڙپائي ماريو جيئن اڄڪله زهريلي اسپري سان * ڪاڪروچ * ماريا ويندا آهن.
مان سنڌ جي انهن * نيم حڪيم قومپرستن کي هٿ جوڙي عرض ٿو ڪريان ته جرمن فاشسٽن جو اهو سمبل جيڪو سڄي مهذب دنيا ۾ هڪ گندي گار بنجي چڪو آهي جيڪو نفرت جي علامت آهي، جيڪو اسين پاڪستاني پنجابي فاشسٽن جي نشان طور دنيا آڏو پيش ڪندا آهيون ، ان غليظ نشان کي مظلوم سنڌي قوم جي نشان نه بنايو.. سنڌ جي قومي آزادي جي تحريڪ هڪ محڪوم ۽ مقبوضه قوم جي هڪ جائز تحريڪ آهي، اها ڪا هٽلر ۽ ان جي روحاني اولاد پنجاب جي جارح قوم پرستي يا شائونسٽ تحريڪ ناهي.
اهو نشان سنڌ سان جوڙڻ پنجاب جي ونگار ٿيندي، سڄي دنيا سنڌ جي قومي آزاديءُ واري بنيادي حق کي نازي درندن جي اتحادي سمجهي اسان سان نفرت ڪندي. ان حرڪت کان ٻي ڪا به ٻاراڻي حرڪت نٿي ٿي سگهي.
هٽلر ڪنهن طرح به قوم پرست نه هو ، هو هڪ شائونسٽ ۽ فاشسٽ هو، بي رحم ۽ وحشي جلاد هو، هو هن ڪائنات جي گولي تي بد نما داغ هو، سندس ڀيانڪ جرم ۽ گناهن سبب جرمن قوم 60 ورهيه 2 ٽڪرا ٿي رهي، هن سندس گناهن جي سزا ڀوڳي ۽ اڄ به ڀوڳي رهي آهي. اڄ سڄي جرمن قوم شرمسار آهي، هٽلر جو نالو وٺڻ جرمن به پنهنجي لاءِ سڀ کان وڏي گار ٿا سمجهن. جرمني ۾ سرڪاري طرح هٽلر نالو رکڻ تي به پابندي آهي.
هٽلر ٻي عالمي جنگ ڪئي، هن جرمني ۾ لکين يهودين، ڪميونسٽن، سوشلسٽن، سوشل ڊيموڪريٽس، مزدور تنظيمن سميت هزارين * سنڌيئن * کي به قتل عام ڪيو. 2 ڪروڙ روسي ماريا ايترا ئي ٻيا يورپي ماريا.
خدارا عقل ۽ هوش ڪريو، سنڌ لاءِ * نيم حڪيم * نه ٿيو، سنڌ کي ڪجهه ڏيئي نٿا سگهون ته ڏکوئڻ جو حق به اسان مان ڪنهن کي به ناهي.
نازين جي نشان کي ذاتي طرح ڀلي چميون ڏيو پر سنڌ تي رحم ڪريو، سنڌ ۾ اڳيئي نيم حڪيمن جا لشڪر لامارا پيا هڻن ، سنڌ چئني طرفن کان گهيري ۾ آهي ۽ ڏکويئل آهي.
 
تنهنجو شيطان ٿو ڪوثر تي ٻڌي بند خدا،
منهنجو فردوس،بيابان ۽ بَر ٿي ويندو،
سنڌ آ ساهه،بنا ساهه نه جي سگهبو،
منهنجا محبوب ! سوا تنهنجي گذر ٿي ويندو۔۔
 
Back
Top