هڪ اٺن سالن جي ٻارڙي جي امڙ وفات ڪري ويندي آهي، هڪ ڏينهن ان جي پي ان کان پڇيو ته پُٽ! توکي تنهن جي وفات ڪري ويل امڙ ۽ نئين امڙ ۾ ڪهڙو فرق محسوس ٿيو؟ تنهن تي چوڪري وراڻيو، منهنجي نئين امڙ سچي آهي جڏهن ته منهنجي فوت ٿي ويل امڙ ڪوڙي هُئي“ اهو ٻڌي ڪري ان جي پي کي جهٽڪو لڳو ۽ چيائينس:۔ ڇو؟ پٽ توکي ائين ڇو ٿو لڳي، جنهن توکي جنم ڏنو اها ڪوڙي آهي ۽ ڪلهه ڪلهوڪي آيل امڙ سچي آهي ائين ڇو؟ ڇوڪري وراڻيو:۔ جڏهن مان مستيون ڪندو هيس، پنهنجي امڙ کي تنگ ڪندو هيس، ته امڙ چوندي هُئي ته ائين حرڪتون ۽ مستيون ڪندي ته توکي ماني ڪون ڏينديس۔ پر مان پو به حرڪتون ڪندو هيم ۽ مستيون ڪندو رهندو هيس ۽ منهنجي امڙ مونکي سڄي ڳوٺ مان به ڳولي وٺي ايندي هُئي ۽ مونکي ويهاري پنهنجي هٿڙن سان ماني کارائيندي هُئي۔ ۽ هاڻ نئين امڙ چوندي آهي ته جيڪڏهن تون اهڙي ريت شرارتون ۽ مستيون ڪندين ته توکي ماني نه ڏينديس، ۽ سچ اهو آهي ته واقعي هن امڙ مونکي ٽن ڏينهن کان ماني نه ڏني آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔! (اهڙن ٻارڙن جي نان جن جون امڙيون وفات ڪري ويون آهن ۽ انهن جي پيئرن ٻيون شاديون ڪيون آهن)
چوندا آهن منجهند جي لُڪَ، ويڳي ماءُ جي مُڪَ ۔۔۔ الله پناه ۾ رکي امڙين کي ۔۔۔ آمين پر پوءِ به ڪٿي ڪيئن ته ڪٿي ڪيئن ۔۔۔ لطيف سڳوري جيئان ته ماڻهون سڀ نه سهڻا ۔۔۔ ڪي امڙيون ته واقعي اهڙيون جو انهن جو مثال ڪون ملي پر جي اها ئي امڙ ڪٿي ڪنهن برائيءَ ۾ ڦاسي ٿي ته واري ان جا ڪم به نرالا ٿين ۔۔۔ تازو اسانجي ڏيٺ واٺ وارن ۾ هڪ واقعو ٿيو، جنهن ۾ هڪ جوڙي وچ ۾ علهدگي ٿي آهي ،،،، سڳي ماءُ پنهنجي 6 ساله ڌيءَ ۽ 3 ساله پٽ کي گهر مان ان ڪري ڪڍي ڇڏيو ته ان جو پيءُ کيس خرچ نٿو ڏي ۽ اها مائي هڪ ٻي نوجوان سان مزا ماڻي رهي آهي ۔۔۔ سندس ان معصوم پٽ جنهنجي وات مان اڃان ٿڃ جي خوشبو پئي اچي ۔۔۔۔ انکي پاڻ کان جدا ڪري ڇڏيو اٿس۔ خئير مون في الحال ان ڇوڪري کي پنهنجي گهر ۾ رکيو آهي ۽ هو مهيني کن کان منهنجي گهر آهي ۔۔۔ سچ پڇو ته ان عرصي ۾ ان معصوم پنهنجي ماءُ جي پڇا به نه ڪئي آهي، ان جو ڪارڻ ته ماءُ کيس مارون ڏيندي هئي ۽ ڏکيو رکندي هئي ۔۔۔۔ مون پنهنجي گهر چئي ڇڏيو آهي ته ان ٻار کي خاص پيار ڏنو وڃي ۽ انجون سڀ ضرورتون پوريون ڪيون وڃن ۽ اسڪول کلن ته انکي ڀرتي ڪرائي پڙهڻ لاءِ ويهاريو وڃي ۔۔۔ ڪٿي چور سڃا ڪٿي ڍرو سڃا ۔۔۔ صاحب تنهنجي صاحبي عجب ڏٺي مون ۔۔۔۔
سائين نثار صاحب اوهان جيڪو عمل ڪيو آهي اهو عمل يقينن الله پاڪ جا پسنديده ٻانها ئي ڪندا آهن۔۔ سائين اهڙا والدين پنهنجي نفساني خواهشن جي حصول لا پنهنجي رشتي جي ان عظمت کي به وساري ويهندا آهن۔۔اهڙن ماڻهن تي الله جي لعنت ئي هوندي آهي جيڪي پنهنجي سڳن رشتن کي ڇني ڌار ڪن،،۽ الله پاڪ اوهان تي ۽ اوهان جي گهر تي رحمت نازل ڪندو جو اوهان اوپرن رشتن کي به پنهنجو ڪيو آهي۔۔ جيڪو يقينن نيڪ عمل آهي۔۔۔ڏاڍي خوشي ٿي۔۔الله پاڪ ان جو اوهان کي نيڪ اجر عطا ڪندو۔ آمين