منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
هڪ اٺن سالن جي ٻارڙي جي امڙ وفات ڪري ويندي آهي، هڪ ڏينهن
ان جي پي ان کان پڇيو ته پُٽ! توکي تنهن جي وفات ڪري ويل امڙ ۽ نئين امڙ ۾ ڪهڙو فرق محسوس ٿيو؟
تنهن تي چوڪري وراڻيو، منهنجي نئين امڙ سچي آهي جڏهن ته منهنجي فوت ٿي ويل امڙ ڪوڙي هُئي“
اهو ٻڌي ڪري ان جي پي کي جهٽڪو لڳو ۽ چيائينس:۔ ڇو؟ پٽ توکي ائين ڇو ٿو لڳي، جنهن توکي جنم ڏنو اها ڪوڙي آهي ۽ ڪلهه ڪلهوڪي آيل امڙ سچي آهي ائين ڇو؟
ڇوڪري وراڻيو:۔ جڏهن مان مستيون ڪندو هيس، پنهنجي امڙ کي تنگ ڪندو هيس، ته امڙ چوندي هُئي ته ائين حرڪتون ۽ مستيون ڪندي ته توکي ماني ڪون ڏينديس۔
پر مان پو به حرڪتون ڪندو هيم ۽ مستيون ڪندو رهندو هيس ۽ منهنجي امڙ مونکي سڄي ڳوٺ مان به ڳولي وٺي ايندي هُئي ۽ مونکي ويهاري پنهنجي هٿڙن سان ماني کارائيندي هُئي۔
۽ هاڻ نئين امڙ چوندي آهي ته جيڪڏهن تون اهڙي ريت شرارتون ۽ مستيون ڪندين ته توکي ماني نه ڏينديس،
۽ سچ اهو آهي ته واقعي هن امڙ مونکي ٽن ڏينهن کان ماني نه ڏني آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔!
(اهڙن ٻارڙن جي نان جن جون امڙيون وفات ڪري ويون آهن ۽ انهن جي پيئرن ٻيون شاديون ڪيون آهن)