سرتاج جاگيراڻي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ جهاندادسمون طرفان آندل موضوعَ ‏30 اپريل 2009۔

  1. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    116
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    سرتاج جاگيراڻي


    ورھ وهامي ويا [​IMG]

    پرڇو جيون مان؟
    درد وڃي ئِي ڪونه ٿو.

    سڏڪيون ديوارون،
    خالي ڪمرن مان
    درد وڃي ئِي ڪونه ٿو.

    اکيون کليل هن،
    هاڻي نيڻن مان،
    درد وڃي ئِي ڪونه ٿو.

    پٺيان اچي ٿو،
    منهنجي رستن مان،
    درد وڃي ئِي ڪونه ٿو.

    لـکين ٿو سرتاج،
    تنهنجي گيتن مان،
    درد وڃي ئِي ڪونه ٿو.

    غزل
    [​IMG]

    سڄو ڏينهن رستن تي رلندا رهيا،
    مگر ڏس تنهنجي نه در تي پڳا.


    سدا مرڪ توکي مبارڪ هجي،
    اسان کي ته سڏڪا ئِي سڏڪا مليا.

    اسانجو ڇڏي لڙڪ ڀي ساٿ ويا،
    لڳو لڙڪ پنهنجا به پنهنجا نه هئا.

    سڄي رات توسان رهاڻيون ڪيون،
    اڪيلو هيس نيڻ جڏهن کليا.

    ڀري ڇرڪ سرتاج ٻاهر ڏٺم،
    هوا تي جڏهن تاڪ در جا کليا.
     
  2. خالد.حسين

    خالد.حسين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جولائي 2011
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سرتاج جاگيراڻي

    ادا توهان جي شاعري تمام خوبصورت آهي۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو