• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سرتاج جاگيراڻي

جهاندادسمون

سينيئر رڪن
سرتاج جاگيراڻي


ورھ وهامي ويا
deep.gif


پرڇو جيون مان؟
درد وڃي ئِي ڪونه ٿو.

سڏڪيون ديوارون،
خالي ڪمرن مان
درد وڃي ئِي ڪونه ٿو.

اکيون کليل هن،
هاڻي نيڻن مان،
درد وڃي ئِي ڪونه ٿو.

پٺيان اچي ٿو،
منهنجي رستن مان،
درد وڃي ئِي ڪونه ٿو.

لـکين ٿو سرتاج،
تنهنجي گيتن مان،
درد وڃي ئِي ڪونه ٿو.

غزل
deep.gif


سڄو ڏينهن رستن تي رلندا رهيا،
مگر ڏس تنهنجي نه در تي پڳا.


سدا مرڪ توکي مبارڪ هجي،
اسان کي ته سڏڪا ئِي سڏڪا مليا.

اسانجو ڇڏي لڙڪ ڀي ساٿ ويا،
لڳو لڙڪ پنهنجا به پنهنجا نه هئا.

سڄي رات توسان رهاڻيون ڪيون،
اڪيلو هيس نيڻ جڏهن کليا.

ڀري ڇرڪ سرتاج ٻاهر ڏٺم،
هوا تي جڏهن تاڪ در جا کليا.
 
Back
Top