صحافي

'مختلف موضوع' فورم ۾ منصور ميراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏14 جون 2013۔

  1. منصور ميراڻي

    منصور ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    153
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڄامشورو
    اخباري نوڪري کي نڀائڻ ڏاڍو ڏکيو عمل آهي، اها نوڪري اهو ماڻهو ڪندو جيڪو صحافت جي دنيا جو ديوانو هوندو يا وري اهو ڪندو جيڪو انتهائي تنگدستي ۽ مفلسي واري زندگي گذاري رهيو هوندو ۽ ان مجبوري جي ڪري کيس اخباري نوڪري ڪرڻي پئجي وئي هوندس. صحافي صحيح معنيٰ ڇا ٿيندو آهي ان جي مونکي سڌ نه آهي پر اها خبر ضرور اٿم ته جيڪا صحافت اسان وٽ ٿي رهي آهي اها هرگز شفاف صحافت نه آهي. اسان وٽ ڪرپٽ صحافت جي شروعات ڪٿان ٿي اها خبر ناهي آهي پر جيتري تائين ان اخباري ڪلچر ۾ مون کي ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته رپورٽرن کي مهيني تي معاوضو نه ڏيڻ ته جيئن هو ايماندار صحافي ٿيڻ جي بدران ڀتاخور، عوام دوست بڻجڻ بدران خبرن جا واپاري بڻجي وڃن. مون کي ان ڳالھ جو ڏاڍو افسوس ٿيو جڏهن مان پنهنجي اباڻي شهر جي هڪ صحافي سان موٽر سائيڪل تي ڪنهن پاسي وڃي رهيو هئس، هن ٻڌايو ته کين ڪنهن به قسم جو معاوضو مقرر ٿيل نه آهي، هو رڳو بليڪ ميلنگ ۽ اشتهار وٺي ڪمائن ٿا. ضلعي جي بيورو رپوٽر کان سواءِ ڪنهن کي اداري طرفان ٽڪو به ناهي ملندو.

    جي اسان جي ادارن جو اهو حال آهي ته اسان جي معاشري ۾ عوام جي نمائندگي ڪندڙ ۽ پنهنجي ڪم سان سچا ماڻهو ڪيئن پيدا ٿي سگهندا؟
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ها سائين سچ ٿا چئو۔ مان به ڪن دوست صحافين کي سڃاڻا، اهي ڀتا خور ته نه آهن پر ويچارا بنا معاوضي جي ڪم ڪري رهيا آهن، بس ڪو اشتهار ملي وڃي ته ڪجهه ڪميشن ملي ويندي اٿن۔۔ باقي بس ٽڪي ڦوٽي يا چانهه جي ڪوپ تي ڪم آهي،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    صحافت ڪارنهن جو ڪاروبار
    `````````````````````
    سنڌي يا اڙدو صحافت ڪارنهن جو ڪاروبار آهي۔اهو مون اڪيلي جو نه پر اڪيچار ماڻهن جو تجزيو آهي۔تجزياتي حس رکندڙ هن موضوع تي مفصل نوع ۾ ڳالهائي سگهن ٿا ته اخباري خاطو يا اسڪرپٽ ايڊيٽر توڙي سب ايڊيٽر ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني ڪارنهن جو ڪاروبار ڪن ٿا۔
    منهنجي ساروپن ۾ اهڙيون اڻ ڳڻيون تلخ حڪايتون به شامل آهن،جن کي جيڪڏهن آئون ونڊ ڪيان ته هوند ڀنڀور کي باهه لڳيو وڃي۔گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد رڳو بدعنواني جا مرڪز ناهن پر اخباري صنعت جو جن به شهرن ۾ زور توڙي شدت آهي اتي اها مڪروهه قسم جي وبا پکڙيل آهي۔
    ننڍڙو شهر اڪري چئودڳي آهي، جتان جا اڌڙيا ۽ عطائي صحافي مهيني ۾ 60 هزار رپيا ڪمائن ٿا۔
    ڀنگي بهڻ جي پکيڙ ڪيتري هوندي، گهڻا دڪان هوندا، تعليم جو ريشو ڪيترو آهي؟ ان ننڍڙي شهر ۾به ڌنڌوڙي صحافي ڪرت ۾ جنبيل آهن۔
    دوداپور، دائو جهان پور، به جيڪب آباد جا بنهه ننڍڙا شهر آهن، اتي اخباري ڪارڊ رکندڙ صحافي ٿاڻن تان چورن کي ڇڏائڻ جا گر ڄاڻن ٿا۔
    ڏهرڪي اهڙو شهر آهي، جتي گهوٽڪي ضلعي جي صنعتي سگهه اهميت جي حامل سمجهي وڃي ٿي، اتي ڪم ڪندڙ صحافي مهيني ۾ اڌ لک رپين جو ڌڪ هڻن ٿا، ميان مٺي جي چاپلوسي هجي يا شر سردارن جي ڇيڙي هجي،
    ايئن مريد شاخ به هڪ ننڍڙو اسٽاپ آهي، جتي صحافت جي نالي تي ڪارنهن جو ڪاروبار زور شور سان ٿئي پيو۔ڪشمور، گڊو، بخشاپور، تنگواڻي، ٺل، باهو کوسو، بهادر پور، ڪريم بخش کوسو اهڙا شهر آهن، جتي اڻ پڙهيا ماڻهو صحافتي ڪارڊ رکن ٿا۔
    ٺل شهر ۾ ته جاڙي جمعدار واري صحافت ٿئي ٿي :اوهان مان سرمد ڪنراڻي کي جيڪو به سڃاڻيندو هجي، ان کي پروڙ هوندي ته هن جو ڪمال ڪهڙو آهي پئسا ميڙڻ ۾!
    ،ايئن غوث پور شهر به آهي، جتي حافظ قرآن به صحافت کي بدپيشو سمجهي پيش پيش آهن۔
    جيڪڏهن مون کان ڪير پڇي ته آئون سڀني جا ڍڪر ڍرا ڪري سگهان ٿو، ڇاڪاڻ ته منهنجي ساروپن ۾ اڻ ڳڻيون شهادتون فيڊ ٿيل آهن۔پو لاڙ جا هڙئي شهر هجن يا ٿر جي بر جا بڇڙا ڪردار ئي ڇو نه هجن۔
    ڪراچي بنهه وڏو شهر آهي اتي هر ڪرپشن نت نئين طريقي سان ٿئي ٿي پر جيڪي جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي کان وانجهيل شهر آهن اتي جديد کان جديد طرز تي ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙيا ويا آهن۔سامارري، هٿونگي، ڍليار، ڀٽ ڀائٽي، گرهوڙ، بشير آباد، ڦلهڏيون، ڪنڊياري، پيرومل، مقصودي رند، لنڊي، سرهاڙي شهرن ۾ ته ڪمال درجي جي زرد صحافت ٿئي ٿي۔
    ڪمال درجي جي زرد صحافت پني عاقل جا ڌوتا ماڻهو به ڪن ٿا، جيڪي چور کي ساڌ ۽ ساڌ کي چور ڪري پيش ڪرڻ ۾ مهارت ۽ تجربو رکن ٿا۔
    پني عاقل جي ٿر واري ڳوٺ نما شهر ٺڪراٺي ۾ به انيڪ ڪهاڻيون منسوب آهن، انهن ڌوتن ۽ ڌنڌوڙي صحافين بابت جيڪي نوس نوس ڪندا آهن۔
    مون کي اچرج ٿئي ٿو ته اسين جيڪي ميڊيا جي مکيه آفيسن ۾ زماني جي هر رنگ راز کان بي نياز ڪم ۾ جنبيل هجون ٿا سي مهيني جي سُڪي پگهار تي گذارو ڪريون ٿا پر جيڪي آئوٽ ڊور ڪم ڪن ٿا سي ڪاٽن جي وڳي، مهانگي موبائل فون، گولڊ ليف پاڪيٽ، گوشت جي ڪڙهائي، ۽ کيسي ۾ هزارين رپيا کڻي هلن ٿا، ڪاڄن ۾ شرڪت ڪن ٿا، جيتوڻيڪ ڪم اسين ڪريون، زماني کي ڀانت ڀانت جي وا سوا کان ڀلي ڀت ڄاڻ اسين ڏيون پر اهي جيڪي فون مئسيج تي خبر ڏين ٿا يا فيڪس ڪن ٿا سي بنا ڪنهن پگهار کڻڻ جي هزارين رپيا روزاني ڪمائن ٿا۔
    مون کي حيرت ٿيندي آهي ساڳئي وقت بڇان به ٿئي ٿي ته هنن جي ڪري اسان جو وقار مجروح پيو ٿئي۔منهنجي زال مون کي چئي ٿي ته ”ڇڏ صحافت کي ٻيو ڪي ڪجهه ڪر!“ پر منهنجي ديوانگي حد درجي جي آهي، سا ڪيئن ٿي ماٺي ٿئي، جيتوڻيڪ بک ۽ بدحالي منهنجي گهر ۾ ٻارهوئي هجي ٿي پو به مان پنهنجي پيشي کي مقدس سمجهان ٿو ۽ اهو به ڄاڻان ٿو ته جنهن کي مان مقدس پيشو سمجهان ٿو اصل ۾ اهو هاڻ مقدس ناهي رهيو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو