منصور ميراڻي
سينيئر رڪن
اخباري نوڪري کي نڀائڻ ڏاڍو ڏکيو عمل آهي، اها نوڪري اهو ماڻهو ڪندو جيڪو صحافت جي دنيا جو ديوانو هوندو يا وري اهو ڪندو جيڪو انتهائي تنگدستي ۽ مفلسي واري زندگي گذاري رهيو هوندو ۽ ان مجبوري جي ڪري کيس اخباري نوڪري ڪرڻي پئجي وئي هوندس. صحافي صحيح معنيٰ ڇا ٿيندو آهي ان جي مونکي سڌ نه آهي پر اها خبر ضرور اٿم ته جيڪا صحافت اسان وٽ ٿي رهي آهي اها هرگز شفاف صحافت نه آهي. اسان وٽ ڪرپٽ صحافت جي شروعات ڪٿان ٿي اها خبر ناهي آهي پر جيتري تائين ان اخباري ڪلچر ۾ مون کي ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته رپورٽرن کي مهيني تي معاوضو نه ڏيڻ ته جيئن هو ايماندار صحافي ٿيڻ جي بدران ڀتاخور، عوام دوست بڻجڻ بدران خبرن جا واپاري بڻجي وڃن. مون کي ان ڳالھ جو ڏاڍو افسوس ٿيو جڏهن مان پنهنجي اباڻي شهر جي هڪ صحافي سان موٽر سائيڪل تي ڪنهن پاسي وڃي رهيو هئس، هن ٻڌايو ته کين ڪنهن به قسم جو معاوضو مقرر ٿيل نه آهي، هو رڳو بليڪ ميلنگ ۽ اشتهار وٺي ڪمائن ٿا. ضلعي جي بيورو رپوٽر کان سواءِ ڪنهن کي اداري طرفان ٽڪو به ناهي ملندو.
جي اسان جي ادارن جو اهو حال آهي ته اسان جي معاشري ۾ عوام جي نمائندگي ڪندڙ ۽ پنهنجي ڪم سان سچا ماڻهو ڪيئن پيدا ٿي سگهندا؟
جي اسان جي ادارن جو اهو حال آهي ته اسان جي معاشري ۾ عوام جي نمائندگي ڪندڙ ۽ پنهنجي ڪم سان سچا ماڻهو ڪيئن پيدا ٿي سگهندا؟