1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

اڄوڪو ڏينهن 15 جون تاريخ جي دريءَ مان

'جون' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,765
    ورتل پسنديدگيون:
    5,820
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 15 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    15 جون 1895ع شاعر غلام احمد نظامي (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    15 جون 1916ع شاعر هري دلگير (لاڙڪاڻو / عادلپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    15 جون 1916ع اردو جي ناليواري اديب، محقق ۽ نقاد پروفيسر ابو الليث صديقي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    15 جون 1919ع سياستدان غلام شبير رضوي جي پيدائش ٿي.
    15 جون 1920ع شاعر ڪنعيا لال ڪن (سکر / بمبئي) جي پيدائش ٿي.
    15 جون 1927ع اردو جي مشهور ليکڪ ۽ شاعر ابن انشاء جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جون 1929ع شاعر جمال الدين جمال جي پيدائش ٿي.
    15 جون 1929ع سياستدان ڄام قرارالدين جي پيدائش ٿي.
    15 جون 1930ع شاعر حسن علي شاه نياز (نوابشاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    15 جون 1934ع ليکڪ هولا رام حاسيجا جي پيدائش ٿي.
    15 جون 1946ع ليکڪ منير احمد چنا جي پيدائش ٿي.
    15 جون 1946ع شاعره ۽ ليکڪا آپا مريم مجيدي جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جون 1954ع صحافي جمال لغاري جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جون 1954ع اداڪار گوپال کيماڻي (ناگپور) جي پيدائش ٿي.
    15 جون 1957ع اداڪار ڪشور لالواڻي (ناگپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    15 جون 1958ع اداڪار ڪشنچند پريمي جي پيدائش ٿي.
    15 جون 1959ع ليکڪ حبيب ڏيرو (ميهڙ) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جون 1961ع شاعر حافظ نظير عباسي جي پيدائش ٿي.
    15 جون 1965ع شاعر ، ليکڪ ۽ اديب منٺار سولنگي جي پيدائش ٿي.
    15 جون 1968ع صحافي هاشم واڍيلا جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جون 1983ع ليکڪ عبدالغفار ملڪ (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 جون 1989ع شاعر حبيب لغاري جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    15 جون 1922ع شڪارپور جي قاري محمد هارون جو انتقال ٿيو.
    15 جون 1925ع سچل سرمست جي سجاده نشين سخي قبول محمد فاروقي جو انتقال ٿيو.

    حواله:


    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
  2. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    178
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    غلام احمد نظامي صاحب جو جنم ڏينهن آهي .
    تحرير: محمد عثمان ميمڻ صاحب
    ﺗﺎﺭﻳﺨﻲ ۽ ﺗﻬﺬﻳﺒﻲ ﭘﺲ ﻣﻨﻈﺮ ۾ ڏﺳﺒﻮ ﺗﻪ
    ﻻڙڪﺎﮢﻮ ﺋﻲ ﺍﻫﻮ ﺧﻄﻮ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺩﻧﻴﺎ
    ﺟﻲ ﻋﻈﻴﻢ ﺗﺮﻳﻦ ﺗﻬﺬﻳﺐ ﻣﻮﻫﻦ ﺟﻮ ﺩڙﻭ ﺟﺎ
    ﺁﺛﺎﺭ ﺁﻫﻦ، ﺍﻥ ﺗﻬﺬﻳﺒﻲ ﻭﺭﺛﻲ ﺟﻲ ﻭﺍﺭﺙ
    ﻫﻮﻧﺌﻦ ﺗﻪ ﭘﻮﺭﻱ ﻗﻮﻡ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﻻڙڪﺎﮢﻲ
    ﻭﺍﺭﻱ ﺍﻥ ﺳﭝﻴﺘﺎ ﺟﻮ ﺳﻨﮕﻢ ۽ ﺗﺴﻠﺴﻞ ﺁﻫﻦ.
    ﻻڙڪﺎﮢﻮ ﺟﻴڪﻮ ﭘﺮﺍﮢﻲ ﺯﻣﺎﻧﻲ ۾ ﭼﺎﻧڊڪﺎ
    ﭘﺮﮘﮣﻲ ﺟﻮ ﻣﺮڪﺰ ۽ ﻣﺤﻮﺭ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ،
    ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﮐﻲ ڪﻠﻬﻮڙﻥ ﺟﻲ ﺩﺅﺭ
    ﺣڪﻮﻣﺖ ۾ ﺩﻓﺎﻋﻲ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ
    ﺣﺎﺻﻞ ﺭﻫﻲ . ﻫﻦ ﺿﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ،
    ﺳﻤﺎﺟﻲ، ﻋﻠﻤﻲ ۽ ﺍﺩﺑﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺍﻧﺘﻬﺎﺋﻲ
    ﺷﺎﻧﺪﺍﺭ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ. ﺳﻴﺎﺳﺖ ﺟﻲ ﻣﻴﺪﺍﻥ ﺳﺮ
    ﺷﺎﻫﻨﻮﺍﺯ ﭜٽﻮ، ﺟﺎﻥ ﻣﺤﻤﺪ ﺟﻮﮢﻴﺠﻮ، ﺍﻳﻮﺏ
    ﮐﻬڙﻭ، ﺣﻴﺪﺭ ﺑﺨﺶ ﺟﺘﻮﺋﻲ، ﺫﻭﺍﻟﻔﻘﺎﺭ ﻋﻠﻲ
    ﭜٽﻮ، ﺷﻬﻴﺪ ﺟﻤﻬﻮﺭﻳﺖ ﺑﻴﻨﻈﻴﺮ ﭜٽﻮ
    ﻭﻏﻴﺮﻩ ﭴﺎﺗﻞ ﺳﭹﺎﺗﻞ ﺁﻫﻦ. ﺍﺋﻴﻦ ﺍﺩﺑﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ
    ﺳﺎﻥ ﻻڙڪﺎﮢﻮ ﺿﻠﻌﻮ ﺳﭵﻲ ﺳﻨﮅ ۾ ﺍﮘﭝﺮﻭ
    ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ. ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺛﺒﻮﺕ ﻃﻮﺭ
    ڪﺸﻨﭽﻨﺪ ﺑﻴﻮﺱ، ﺣﺎﺟﻲ ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺧﺎﺩﻡ،
    ڊﺍڪٽﺮ ﺍﻳﺎﺯ ﻗﺎﺩﺭﻱ، ﺟﻤﺎﻝ ﺍﺑڙﻭ، ﺣﺴﺎﻡ
    ﺍﻟﺪﻳﻦ ﺭﺍﺷﺪﻱ، ﻋﻠﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺭﺍﺷﺪﻱ، ڊﺍڪٽﺮ
    ﻋﺒﺪﺍﻟڪﺮﻳﻢ ﺳﻨﺪﻳﻠﻮ، ﻋﺒﺪﺍﻟﻤﺠﻴﺪ ﺳﻨﮅﻱ،
    ﺳﺮڪﺶ ﺳﻨﮅﻱ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ڪﺎﻓﻲ
    ﺍﻫﻤﻴﺖ ﺟﺎ ﺣﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ. ﺟﻦ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ﮐﻲ
    ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺑﻨﻴﺎﺩ ﻓﺮﺍﻫﻢ ڪﻴﻮ. ﺍﺋﻴﻦ ﻻڙڪﺎﮢﻲ
    ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ۾ ﻏﻼﻡ ﺍﺣﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ
    ﺑﻪ ﺍﻫﻢ ﺁﻫﻲ . ﻏﻼﻡ ﺍﺣﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ
    ﻭﻗﺖ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻴﻮﺍﺭﻭ ﺍﺩﻳﺐ، ﺻﺤﺎﻓﻲ ۽
    ﻗﻮﻣﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﭤﻲ ﮔﺬﺭﻳﻮ ﺁﻫﻲ. 15 ﺟﻮﻥ
    1895 ﻉ ﺗﻲ ﺣﺎﺟﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺻﺪﻳﻖ ﻣﻴﻤﮡ ﺟﻲ
    ﮔﻬﺮ ۾ ﺟﻨﻢ ﻭﭠﻨﺪڙ ﻫﻦ ﺷﺎﻋﺮ ﺟﺎ ﻭڏﺍ ﺍﺻﻞ
    ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﺎ ﻫﺌﺎ، ﺟﻴڪﻲ ﻭﺍﭘﺎﺭ
    ﺳﺎﻧﮕﻲ ﻟڏﻱ ﺍﭼﻲ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ۾ ﺭﻫﺎﺋﺶ
    ﭘﺬﻳﺮ ﭤﻴﺎ. ﻏﻼﻡ ﺍﺣﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﻲ ﺟﻮ ﻭﺍﻟﺪ
    ﻣﺤﺘﺮﻡ ﻧﻬﺎﻳﺖ ﻣﺤﻨﺘﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻮ. ﺟﻨﻬﻦ
    ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﻣﺎﻥ ﻟڏﮠ ﺑﻌﺪ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ﺷﻬﺮ ۾
    ﺍﺳﻼﻣﻴﻪ ﻫﻮٽﻞ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎﺩ ﻭﮄﻭ. ﻧﻈﺎﻣﻲ
    ﺻﺎﺣﺐ ﺍﺑﺘﺪﺍﺋﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻫڪ ﺍﺭﺩﻭ ﺍﺳڪﻮﻝ
    ۾ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺌﻲ. ﺳﻨﺪﺱ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ﻣﻌﻴﺎﺭ
    ﺍﻳﺘﺮﻭ ﻭﺳﻴﻊ ﻧﻪ ﻫﻮ، ﭘﺮ ﻣﺴﻠﺴﻞ ﻣﻄﺎﻟﻌﻲ،
    ﺳﻴﺮ ﺳﻔﺮ ۽ ﻋﻠﻤﻲ ﻣﺠﻠﺴﻦ ۾ ﺍﭤﮡ ﻭﻳﻬﮡ
    ڪﺮﻱ ﺍﻳﺘﺮﻱ ﺗﻪ ﻗﺎﺑﻠﻴﺖ ﺟﻮ ﻣﺎﻟڪ ﺑﮣﺠﻲ
    ﻭﻳﻮ ﺟﻮ ﺍﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﭘﺎﮠ ﺑﺎڪﻤﺎﻝ ﻗﻮﻣﻲ
    ﺷﺎﻋﺮ ﺑﮣﺠﻲ ﻭﻳﻮ. ﮐﻴﺲ ﺷﻌﺮ ﻭ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ
    ﺟﻮ ﺷﻮﻕ ﻧﻨﮃﻱ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﮐﺎﻥ ﺋﻲ ﻫﻮ. ﺟﻨﻬﻦ
    ﮐﻴﺲ ﺍﺩﺏ ﺟﻲ ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﻧﺮﻭﺍﺭ ڪﻴﻮ . ﻏﻼﻡ
    ﺍﺣﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﺎﻧﻲﺀَ ﭘﻬﺮﻳﺎﻥ ﺍﺭﺩﻭﺀَ ۾ ﺷﺎﻋﺮﻱ
    ڪﺌﻲ، ﭘﻮﺀِ ﺳﻨﮅﻱﺀَ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ۾ ﺷﻌﺮ ﭼﻮﮠ
    ﻟﮙﻮ، ﭘﺎﮠ ﺣﻀﺮﺕ ﻧﻈﺎﻡ ﺍﻟﺪﻳﻦ ﺍﻭﻟﻴﺎﺀَ ﺟﻲ
    ﮔﺎﺩﻱ ﻧﺸﻴﻦ ۽ ﺍﺭﺩﻭ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻮ ﻧﺎﻣﻮﺭ ﺷﺎﻋﺮ
    ﺧﻮﺍﺟﺎ ﺣﺴﻦ ﻧﻈﺎﻣﻲﺀَ ﺟﻲ ﻫﭣ ﺗﻲ ﺑﻴﻌﺖ
    ڪﺮﻱ ﺳﻨﺪﺱ ﻣﺮﻳﺪ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ. ﻣﺮﺷﺪ ﺟﻲ
    ﻧﺴﺒﺖ ﺳﺎﻥ 1926 ﻉ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺗﺨﻠﺺ
    ﻧﻈﺎﻣﻲ ﺭﮐﻴﺎﺋﻴﻦ . ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﺍﮖ
    ﺧﺎﻃﻲ ۽ ﺍﺻﻐﺮ ﺗﺨﻠﺺ، ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﻨﺪﻭ
    ﻫﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﺍﺑﺘﺪﺍﺋﻲ ڪﻼﻡ ﺟﻮ ﺍﺻﻼﺡ
    ﻣﺮﺣﻮﻡ ﻣﺤﻤﺪ ﻫﺎﺷﻢ ’ﻣﺨﻠﺺ ‘ ۽ ﭘﻮﺀِ
    ﺣﺎﺟﻲ ﻣﺤﻤﻮﺩ ’ ﺧﺎﺩﻡ ‘ ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ، ﺗﺤﺮﻳڪ
    ﺧﻼﻓﺖ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﮔﻞ ﻭ ﺑﻠﺒﻞ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ
    ﮐﻲ ﺗﺮڪ ڪﺮﻱ ﻗﻮﻣﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺷﺮﻭﻉ
    ڪﻴﺎﺋﻴﻦ. ﻏﻼﻡ ﺍﺣﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﻲﺀَ ﺟﻮ ﺍﺩﺏ ۾
    ﺳﭡﻮ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺭﻫﻴﻮ . ﻫﻦ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ۾ ﺑﺰﻡ
    ﺍﺩﺏ ۽ ﺑﺰﻡ ﻧﻈﺎﻣﻲﺀَ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎﺩ ﺭﮐﻴﻮ، ﺟﻨﻬﻦ
    ﺟﻲ ﭘﻠﻴٽ ﻓﺎﺭﻡ ﺗﺎﻥ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﻣﺸﺎﻋﺮﺍ ۽
    ﺍﺩﺑﻲ ڪﭽﻬﺮﻳﻮﻥ ڪﺮﺍﻳﺎﺋﻴﻦ. ﻧﺜﺮ ۾ ﻫﻦ
    ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﻣﻀﻤﻮﻥ ﻟﮑﻴﺎ ﺟﻴڪﻲ ﺍﻥ ﻭﻗﺖ
    ﺟﻲ ﺭﺳﺎﻟﻦ ۽ ﺍﺧﺒﺎﺭﻥ ’ ڪﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ‘ ،
    ’ ﺍﻟﻮﺣﻴﺪ ‘ ۽ ’ ﺗﺮﻗﻲ ‘ ﻭﻏﻴﺮﻩ ۾ ﺷﺎﻳﻊ ﭤﻴﻨﺪﺍ
    ﺭﻫﻴﺎ. ﻫﻦ ڪﺠﻬﻪ ﻧﺎﻭﻝ ﺑﻪ ﻟﮑﻴﺎ ﺟﻦ ۾:
    ’ﺣﻮﺭ ﺩﻣﺸﻖ ‘ ۽ ’ ﺧﺪﺍﺋﻲ ﺍﻧﺘﻘﺎﻡ ‘ ﭼﮝﺎ ﻋﻠﻤﻲ
    ﻧﺎﻭﻝ ﺁﻫﻦ. ﮐﻴﺲ ﺻﺤﺎﻓﺖ ﺳﺎﻥ ﺑﻪ
    ﺩﻟﭽﺴﭙﻲ ﺭﻫﻲ . 1926 ﻉ ۾ ’ ﺩﺭﻩ ﺣﻴﺪﺭﻱ ‘
    ﻧﺎﻟﻲ ﺭﺳﺎﻟﻮ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ. ڪﺠﻬﻪ ﻭﻗﺖ
    ’ ﺍﺩﻳﺐ ﺳﻨﮅ ‘ ﺟﻮ ﭘﮡ ﺍﻳڊﻳٽﺮ ﺭﻫﻴﻮ. ﻭﻓﺎﺕ
    ﮐﺎﻥ ﺍﮖ ’ﻭﺣﺪﺕ ‘ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻔﺘﻴﻮﺍﺭ ﺍﺧﺒﺎﺭ ﺷﺮﻭﻉ
    ڪﻴﺎﺋﻴﻦ. ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ڪﻞ ﭔﻪ ﭘﺮﭼﺎ ﺳﻨﺪﺱ
    ﺯﻧﺪﮔﻲﺀَ ۾ ﺷﺎﻳﻊ ﭤﻴﺎ . ﻏﻼﻡ ﺍﺣﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﻲﺀَ
    ﺟﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ٽﻲ ﺩﺭﺟﺎ ﺍﺭﺩﻭ، ڪﺠﻬﻪ ﺳﻨﮅﻱ
    ۽ ڪﺠﻬﻪ ﻓﺎﺭﺳﻲ ﻫﺌﻲ. ﻗﺮﺁﻥ ﺷﺮﻳﻒ ﺟﻲ
    ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺑﻪ ﻭﺭﺗﺎﺋﻴﻦ. ﻏﻼﻡ ﺍﺣﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﻲ
    ڪﺠﻬﻪ ﻭﻗﺖ ﺩﺭﺯڪﻮ ڪﻢ ﭘﮡ ڪﻴﻮ ﭘﻮﺀِ
    ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ﺟﻲ ﺟﻬﻮﻧﺎ ﻣﺎﺭڪﻴٽ ۾ ” ﻗﻮﻣﻲ
    ڪﺘﺐ ﺧﺎﻧﻮ“ ﮐﻮﻟﻴﺎﺋﻴﻦ. ﭤﻮﺭﻱ ﻭﻗﺖ
    ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ۾ ﺍﮀﻲ ﻗﺒﺮ ﻭٽ ﺳﻴﮅﻱ
    ﺟﻮ ﺩڪﺎﻥ ﺑﻪ ڪﮃﻳﺎﺋﻴﻦ، ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎﻥ ﺗﺮﻗﻲ
    ڪﺮﻱ ﻧﺆ ﺁﺑﺎﺩ ڪﺮﺍﭼﻲ ۾ ﺍٽﻲ ﺟﻲ ﻣﻞ
    ﻫﻨﻴﺎﺋﻴﻦ. ﻫﻦ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ڪﻨﻬﻦ ﮄﻧﮅﻱ ڪﺮﮠ
    ۾ ڪﻮ ﻋﻴﺐ ﻧﻪ ﺳﺠﻬﻴﻮ. ﻫﻦ ﭘﻴٽ ﭘﺎﻟﮡ
    ﻭﺍﺭﻱ ﮄﻧﮅﻥ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ﺟﻮ ﺷﻮﻕ ﺑﻪ
    ﭘﻮﺭﻭ ڪﻨﺪﻭ ﺁﻳﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ۾ ﺑﻪ
    ﻣﺠﺒﻮﺭ ﻣﺎﺭﻭ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﺣﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻋڪﺲ
    ﻧﻤﺎﻳﺎﻥ ﻧﻈﺮ ﺍﭼﻲ ﭤﻮ، ﻫﻮ ﭼﻮﻱ ﭤﻮ ﺗﻪ :
    ﻭﮄﺍﺋﻲ ﮀڏ ﻧﻪ ﻧﻔﺮﺕ ﺳﺎﮠ ڏﺱ ﻧﺎﺩﺍﻥ ﻏﺮﻳﺒﻦ
    ﮐﻲ،
    ﺍﻫﻮ ﻧﺎﮢﻮ ۽ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﺎﻫﻮڪﺎﺭﻱ ﭼﺎﺭ
    ڏﻳﻨﻬﻦ ﺁﻫﻲ،
    ﻧﻪ ﺩﻝ ﻻﻫﺞ ﻧﻈﺎﻣﻲ، ﺩﺭﺩ ﺩﮎ ﺳﭛ ﺩﻭﺭ ﭤﻲ
    ﻭﻳﻨﺪﺍ،
    ﻣﺼﻴﺒﺖ، ﺗﻨﮕﺪﺳﺘﻲ ﺑﻴﻘﺮﺍﺭﻱ ﭼﺎﺭ ڏﻳﻨﻬﻦ
    ﺁﻫﻲ.
    ﻏﻼﻡ ﺍﺣﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﻲﺀَ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ
    ﻭﻗﺖ ﺟﻮ ﻫڪ ﺁﻭﺍﺯ ﺁﻫﻲ. ﺟﻴڪﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ
    ﺩﻭﺭ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ﺟﻲ ﻋڪﺎﺳﻲ ڪﺮﻱ
    ﭤﻲ. ﻏﻼﻡ ﺍﺣﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﻲﺀَ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ
    ﻣﺴڪﻴﻨﻦ ﺟﻲ ﺩﺭﺩﻥ، ڏﮐﻦ ۽ ﺍﻫﻨﺠﻦ ﺗﻲ
    ڪﻴﻞ ﺁﻫﻲ. ﻫﻦ ﻏﺮﻳﺐ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ڏﮐﻦ
    ﺗﻲ ﻗﻠﻢ ﮐﻨﻴﻮ ۽ ﺳﻨﺪﻥ ڏﮐﻦ ﮐﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ۾
    ﻗﻠﻢ ﺑﻨﺪ ڪﻴﻮ . ﻏﻼﻡ ﺍﺣﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﻲ ﺟﻲ
    ﺷﺎﻳﻊ ﭤﻴﻞ ڪﺘﺎﺑﻦ ۾ ’ ﮔﻠﺰﺍﺭ
    ﻋﺸﻖ ‘ ‏(ڪﺎﻓﻴﻮﻥ ‏) ، ’ ﻣﺴﺪﺱ
    ﺣﺎﻟﻲ ‘ ‏(ﺗﺮﺟﻤﻮ ‏) ، ’ ﺑﻴﺎﺽ ﻧﻈﺎﻣﻲ ‘ ۽ ’ﺭﻳﺎﺽ
    ﻧﻈﺎﻣﻲ ‘ ﻗﺎﺑﻞ ﺫڪﺮ ﺁﻫﻦ. ﻏﻼﻡ ﺍﺣﻤﺪ
    ﻧﻈﺎﻣﻲ 23 ﻓﻴﺒﺮﻭﺭﻱ 1951 ﻉ ﺗﻲ ﺟﻤﻌﻲ
    ڏﻳﻨﻬﻦ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ۾ ﻭﻓﺎﺕ ڪﺌﻲ .
    ﻣﻮﻥ ڪﺌﻲ ڪﻮﺷﺶ ﮔﻬﮣﻲ ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻪ
    ﻧڪﺮﻱ ﭔﺎﭮ ڪﺎ،
    ﻋﺸﻖ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻭﻳﻮ ﻣﮕﺮ ﺭﺳﻮﺍ ﺳﺮ ﺑﺎﺯﺍﺭ ﭤﻲ.
    ‏( ﻧﻈﺎﻣﻲ
    روزانه مهراڻ جي ٿورن سان
     
  3. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    178
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    غلام احمد نظامي صاحب جو جنم ڏينهن آهي .
    تحرير: محمد عثمان ميمڻ صاحب
    ﺗﺎﺭﻳﺨﻲ ۽ ﺗﻬﺬﻳﺒﻲ ﭘﺲ ﻣﻨﻈﺮ ۾ ڏﺳﺒﻮ ﺗﻪ
    ﻻڙڪﺎﮢﻮ ﺋﻲ ﺍﻫﻮ ﺧﻄﻮ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺩﻧﻴﺎ
    ﺟﻲ ﻋﻈﻴﻢ ﺗﺮﻳﻦ ﺗﻬﺬﻳﺐ ﻣﻮﻫﻦ ﺟﻮ ﺩڙﻭ ﺟﺎ
    ﺁﺛﺎﺭ ﺁﻫﻦ، ﺍﻥ ﺗﻬﺬﻳﺒﻲ ﻭﺭﺛﻲ ﺟﻲ ﻭﺍﺭﺙ
    ﻫﻮﻧﺌﻦ ﺗﻪ ﭘﻮﺭﻱ ﻗﻮﻡ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﻻڙڪﺎﮢﻲ
    ﻭﺍﺭﻱ ﺍﻥ ﺳﭝﻴﺘﺎ ﺟﻮ ﺳﻨﮕﻢ ۽ ﺗﺴﻠﺴﻞ ﺁﻫﻦ.
    ﻻڙڪﺎﮢﻮ ﺟﻴڪﻮ ﭘﺮﺍﮢﻲ ﺯﻣﺎﻧﻲ ۾ ﭼﺎﻧڊڪﺎ
    ﭘﺮﮘﮣﻲ ﺟﻮ ﻣﺮڪﺰ ۽ ﻣﺤﻮﺭ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ،
    ﺍﻧﻬﻲﺀَ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﮐﻲ ڪﻠﻬﻮڙﻥ ﺟﻲ ﺩﺅﺭ
    ﺣڪﻮﻣﺖ ۾ ﺩﻓﺎﻋﻲ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ
    ﺣﺎﺻﻞ ﺭﻫﻲ . ﻫﻦ ﺿﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ،
    ﺳﻤﺎﺟﻲ، ﻋﻠﻤﻲ ۽ ﺍﺩﺑﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺍﻧﺘﻬﺎﺋﻲ
    ﺷﺎﻧﺪﺍﺭ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ. ﺳﻴﺎﺳﺖ ﺟﻲ ﻣﻴﺪﺍﻥ ﺳﺮ
    ﺷﺎﻫﻨﻮﺍﺯ ﭜٽﻮ، ﺟﺎﻥ ﻣﺤﻤﺪ ﺟﻮﮢﻴﺠﻮ، ﺍﻳﻮﺏ
    ﮐﻬڙﻭ، ﺣﻴﺪﺭ ﺑﺨﺶ ﺟﺘﻮﺋﻲ، ﺫﻭﺍﻟﻔﻘﺎﺭ ﻋﻠﻲ
    ﭜٽﻮ، ﺷﻬﻴﺪ ﺟﻤﻬﻮﺭﻳﺖ ﺑﻴﻨﻈﻴﺮ ﭜٽﻮ
    ﻭﻏﻴﺮﻩ ﭴﺎﺗﻞ ﺳﭹﺎﺗﻞ ﺁﻫﻦ. ﺍﺋﻴﻦ ﺍﺩﺑﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ
    ﺳﺎﻥ ﻻڙڪﺎﮢﻮ ﺿﻠﻌﻮ ﺳﭵﻲ ﺳﻨﮅ ۾ ﺍﮘﭝﺮﻭ
    ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ. ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺛﺒﻮﺕ ﻃﻮﺭ
    ڪﺸﻨﭽﻨﺪ ﺑﻴﻮﺱ، ﺣﺎﺟﻲ ﻣﺤﻤﻮﺩ ﺧﺎﺩﻡ،
    ڊﺍڪٽﺮ ﺍﻳﺎﺯ ﻗﺎﺩﺭﻱ، ﺟﻤﺎﻝ ﺍﺑڙﻭ، ﺣﺴﺎﻡ
    ﺍﻟﺪﻳﻦ ﺭﺍﺷﺪﻱ، ﻋﻠﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺭﺍﺷﺪﻱ، ڊﺍڪٽﺮ
    ﻋﺒﺪﺍﻟڪﺮﻳﻢ ﺳﻨﺪﻳﻠﻮ، ﻋﺒﺪﺍﻟﻤﺠﻴﺪ ﺳﻨﮅﻱ،
    ﺳﺮڪﺶ ﺳﻨﮅﻱ ﻭﻏﻴﺮﻩ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ڪﺎﻓﻲ
    ﺍﻫﻤﻴﺖ ﺟﺎ ﺣﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ. ﺟﻦ ﺳﻨﮅﻱ ﺍﺩﺏ ﮐﻲ
    ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺑﻨﻴﺎﺩ ﻓﺮﺍﻫﻢ ڪﻴﻮ. ﺍﺋﻴﻦ ﻻڙڪﺎﮢﻲ
    ﺟﻲ ﺗﺎﺭﻳﺦ ۾ ﻏﻼﻡ ﺍﺣﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ
    ﺑﻪ ﺍﻫﻢ ﺁﻫﻲ . ﻏﻼﻡ ﺍﺣﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ
    ﻭﻗﺖ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻴﻮﺍﺭﻭ ﺍﺩﻳﺐ، ﺻﺤﺎﻓﻲ ۽
    ﻗﻮﻣﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﭤﻲ ﮔﺬﺭﻳﻮ ﺁﻫﻲ. 15 ﺟﻮﻥ
    1895 ﻉ ﺗﻲ ﺣﺎﺟﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺻﺪﻳﻖ ﻣﻴﻤﮡ ﺟﻲ
    ﮔﻬﺮ ۾ ﺟﻨﻢ ﻭﭠﻨﺪڙ ﻫﻦ ﺷﺎﻋﺮ ﺟﺎ ﻭڏﺍ ﺍﺻﻞ
    ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﺎ ﻫﺌﺎ، ﺟﻴڪﻲ ﻭﺍﭘﺎﺭ
    ﺳﺎﻧﮕﻲ ﻟڏﻱ ﺍﭼﻲ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ۾ ﺭﻫﺎﺋﺶ
    ﭘﺬﻳﺮ ﭤﻴﺎ. ﻏﻼﻡ ﺍﺣﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﻲ ﺟﻮ ﻭﺍﻟﺪ
    ﻣﺤﺘﺮﻡ ﻧﻬﺎﻳﺖ ﻣﺤﻨﺘﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻮ. ﺟﻨﻬﻦ
    ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﻣﺎﻥ ﻟڏﮠ ﺑﻌﺪ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ﺷﻬﺮ ۾
    ﺍﺳﻼﻣﻴﻪ ﻫﻮٽﻞ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎﺩ ﻭﮄﻭ. ﻧﻈﺎﻣﻲ
    ﺻﺎﺣﺐ ﺍﺑﺘﺪﺍﺋﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻫڪ ﺍﺭﺩﻭ ﺍﺳڪﻮﻝ
    ۾ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺌﻲ. ﺳﻨﺪﺱ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ﻣﻌﻴﺎﺭ
    ﺍﻳﺘﺮﻭ ﻭﺳﻴﻊ ﻧﻪ ﻫﻮ، ﭘﺮ ﻣﺴﻠﺴﻞ ﻣﻄﺎﻟﻌﻲ،
    ﺳﻴﺮ ﺳﻔﺮ ۽ ﻋﻠﻤﻲ ﻣﺠﻠﺴﻦ ۾ ﺍﭤﮡ ﻭﻳﻬﮡ
    ڪﺮﻱ ﺍﻳﺘﺮﻱ ﺗﻪ ﻗﺎﺑﻠﻴﺖ ﺟﻮ ﻣﺎﻟڪ ﺑﮣﺠﻲ
    ﻭﻳﻮ ﺟﻮ ﺍﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﭘﺎﮠ ﺑﺎڪﻤﺎﻝ ﻗﻮﻣﻲ
    ﺷﺎﻋﺮ ﺑﮣﺠﻲ ﻭﻳﻮ. ﮐﻴﺲ ﺷﻌﺮ ﻭ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ
    ﺟﻮ ﺷﻮﻕ ﻧﻨﮃﻱ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﮐﺎﻥ ﺋﻲ ﻫﻮ. ﺟﻨﻬﻦ
    ﮐﻴﺲ ﺍﺩﺏ ﺟﻲ ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﻧﺮﻭﺍﺭ ڪﻴﻮ . ﻏﻼﻡ
    ﺍﺣﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﺎﻧﻲﺀَ ﭘﻬﺮﻳﺎﻥ ﺍﺭﺩﻭﺀَ ۾ ﺷﺎﻋﺮﻱ
    ڪﺌﻲ، ﭘﻮﺀِ ﺳﻨﮅﻱﺀَ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ۾ ﺷﻌﺮ ﭼﻮﮠ
    ﻟﮙﻮ، ﭘﺎﮠ ﺣﻀﺮﺕ ﻧﻈﺎﻡ ﺍﻟﺪﻳﻦ ﺍﻭﻟﻴﺎﺀَ ﺟﻲ
    ﮔﺎﺩﻱ ﻧﺸﻴﻦ ۽ ﺍﺭﺩﻭ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ﺟﻮ ﻧﺎﻣﻮﺭ ﺷﺎﻋﺮ
    ﺧﻮﺍﺟﺎ ﺣﺴﻦ ﻧﻈﺎﻣﻲﺀَ ﺟﻲ ﻫﭣ ﺗﻲ ﺑﻴﻌﺖ
    ڪﺮﻱ ﺳﻨﺪﺱ ﻣﺮﻳﺪ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ. ﻣﺮﺷﺪ ﺟﻲ
    ﻧﺴﺒﺖ ﺳﺎﻥ 1926 ﻉ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺗﺨﻠﺺ
    ﻧﻈﺎﻣﻲ ﺭﮐﻴﺎﺋﻴﻦ . ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﺍﮖ
    ﺧﺎﻃﻲ ۽ ﺍﺻﻐﺮ ﺗﺨﻠﺺ، ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﻨﺪﻭ
    ﻫﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﺍﺑﺘﺪﺍﺋﻲ ڪﻼﻡ ﺟﻮ ﺍﺻﻼﺡ
    ﻣﺮﺣﻮﻡ ﻣﺤﻤﺪ ﻫﺎﺷﻢ ’ﻣﺨﻠﺺ ‘ ۽ ﭘﻮﺀِ
    ﺣﺎﺟﻲ ﻣﺤﻤﻮﺩ ’ ﺧﺎﺩﻡ ‘ ڪﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ، ﺗﺤﺮﻳڪ
    ﺧﻼﻓﺖ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﮔﻞ ﻭ ﺑﻠﺒﻞ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ
    ﮐﻲ ﺗﺮڪ ڪﺮﻱ ﻗﻮﻣﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﺷﺮﻭﻉ
    ڪﻴﺎﺋﻴﻦ. ﻏﻼﻡ ﺍﺣﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﻲﺀَ ﺟﻮ ﺍﺩﺏ ۾
    ﺳﭡﻮ ڪﺮﺩﺍﺭ ﺭﻫﻴﻮ . ﻫﻦ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ۾ ﺑﺰﻡ
    ﺍﺩﺏ ۽ ﺑﺰﻡ ﻧﻈﺎﻣﻲﺀَ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎﺩ ﺭﮐﻴﻮ، ﺟﻨﻬﻦ
    ﺟﻲ ﭘﻠﻴٽ ﻓﺎﺭﻡ ﺗﺎﻥ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﻣﺸﺎﻋﺮﺍ ۽
    ﺍﺩﺑﻲ ڪﭽﻬﺮﻳﻮﻥ ڪﺮﺍﻳﺎﺋﻴﻦ. ﻧﺜﺮ ۾ ﻫﻦ
    ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﻣﻀﻤﻮﻥ ﻟﮑﻴﺎ ﺟﻴڪﻲ ﺍﻥ ﻭﻗﺖ
    ﺟﻲ ﺭﺳﺎﻟﻦ ۽ ﺍﺧﺒﺎﺭﻥ ’ ڪﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ‘ ،
    ’ ﺍﻟﻮﺣﻴﺪ ‘ ۽ ’ ﺗﺮﻗﻲ ‘ ﻭﻏﻴﺮﻩ ۾ ﺷﺎﻳﻊ ﭤﻴﻨﺪﺍ
    ﺭﻫﻴﺎ. ﻫﻦ ڪﺠﻬﻪ ﻧﺎﻭﻝ ﺑﻪ ﻟﮑﻴﺎ ﺟﻦ ۾:
    ’ﺣﻮﺭ ﺩﻣﺸﻖ ‘ ۽ ’ ﺧﺪﺍﺋﻲ ﺍﻧﺘﻘﺎﻡ ‘ ﭼﮝﺎ ﻋﻠﻤﻲ
    ﻧﺎﻭﻝ ﺁﻫﻦ. ﮐﻴﺲ ﺻﺤﺎﻓﺖ ﺳﺎﻥ ﺑﻪ
    ﺩﻟﭽﺴﭙﻲ ﺭﻫﻲ . 1926 ﻉ ۾ ’ ﺩﺭﻩ ﺣﻴﺪﺭﻱ ‘
    ﻧﺎﻟﻲ ﺭﺳﺎﻟﻮ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﺎﺋﻴﻦ. ڪﺠﻬﻪ ﻭﻗﺖ
    ’ ﺍﺩﻳﺐ ﺳﻨﮅ ‘ ﺟﻮ ﭘﮡ ﺍﻳڊﻳٽﺮ ﺭﻫﻴﻮ. ﻭﻓﺎﺕ
    ﮐﺎﻥ ﺍﮖ ’ﻭﺣﺪﺕ ‘ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻔﺘﻴﻮﺍﺭ ﺍﺧﺒﺎﺭ ﺷﺮﻭﻉ
    ڪﻴﺎﺋﻴﻦ. ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ڪﻞ ﭔﻪ ﭘﺮﭼﺎ ﺳﻨﺪﺱ
    ﺯﻧﺪﮔﻲﺀَ ۾ ﺷﺎﻳﻊ ﭤﻴﺎ . ﻏﻼﻡ ﺍﺣﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﻲﺀَ
    ﺟﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ٽﻲ ﺩﺭﺟﺎ ﺍﺭﺩﻭ، ڪﺠﻬﻪ ﺳﻨﮅﻱ
    ۽ ڪﺠﻬﻪ ﻓﺎﺭﺳﻲ ﻫﺌﻲ. ﻗﺮﺁﻥ ﺷﺮﻳﻒ ﺟﻲ
    ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺑﻪ ﻭﺭﺗﺎﺋﻴﻦ. ﻏﻼﻡ ﺍﺣﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﻲ
    ڪﺠﻬﻪ ﻭﻗﺖ ﺩﺭﺯڪﻮ ڪﻢ ﭘﮡ ڪﻴﻮ ﭘﻮﺀِ
    ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ﺟﻲ ﺟﻬﻮﻧﺎ ﻣﺎﺭڪﻴٽ ۾ ” ﻗﻮﻣﻲ
    ڪﺘﺐ ﺧﺎﻧﻮ“ ﮐﻮﻟﻴﺎﺋﻴﻦ. ﭤﻮﺭﻱ ﻭﻗﺖ
    ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ۾ ﺍﮀﻲ ﻗﺒﺮ ﻭٽ ﺳﻴﮅﻱ
    ﺟﻮ ﺩڪﺎﻥ ﺑﻪ ڪﮃﻳﺎﺋﻴﻦ، ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎﻥ ﺗﺮﻗﻲ
    ڪﺮﻱ ﻧﺆ ﺁﺑﺎﺩ ڪﺮﺍﭼﻲ ۾ ﺍٽﻲ ﺟﻲ ﻣﻞ
    ﻫﻨﻴﺎﺋﻴﻦ. ﻫﻦ ڪڏﻫﻦ ﺑﻪ ڪﻨﻬﻦ ﮄﻧﮅﻱ ڪﺮﮠ
    ۾ ڪﻮ ﻋﻴﺐ ﻧﻪ ﺳﺠﻬﻴﻮ. ﻫﻦ ﭘﻴٽ ﭘﺎﻟﮡ
    ﻭﺍﺭﻱ ﮄﻧﮅﻥ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ﺟﻮ ﺷﻮﻕ ﺑﻪ
    ﭘﻮﺭﻭ ڪﻨﺪﻭ ﺁﻳﻮ . ﺳﻨﺪﺱ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ۾ ﺑﻪ
    ﻣﺠﺒﻮﺭ ﻣﺎﺭﻭ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﺣﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻋڪﺲ
    ﻧﻤﺎﻳﺎﻥ ﻧﻈﺮ ﺍﭼﻲ ﭤﻮ، ﻫﻮ ﭼﻮﻱ ﭤﻮ ﺗﻪ :
    ﻭﮄﺍﺋﻲ ﮀڏ ﻧﻪ ﻧﻔﺮﺕ ﺳﺎﮠ ڏﺱ ﻧﺎﺩﺍﻥ ﻏﺮﻳﺒﻦ
    ﮐﻲ،
    ﺍﻫﻮ ﻧﺎﮢﻮ ۽ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﺎﻫﻮڪﺎﺭﻱ ﭼﺎﺭ
    ڏﻳﻨﻬﻦ ﺁﻫﻲ،
    ﻧﻪ ﺩﻝ ﻻﻫﺞ ﻧﻈﺎﻣﻲ، ﺩﺭﺩ ﺩﮎ ﺳﭛ ﺩﻭﺭ ﭤﻲ
    ﻭﻳﻨﺪﺍ،
    ﻣﺼﻴﺒﺖ، ﺗﻨﮕﺪﺳﺘﻲ ﺑﻴﻘﺮﺍﺭﻱ ﭼﺎﺭ ڏﻳﻨﻬﻦ
    ﺁﻫﻲ.
    ﻏﻼﻡ ﺍﺣﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﻲﺀَ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ
    ﻭﻗﺖ ﺟﻮ ﻫڪ ﺁﻭﺍﺯ ﺁﻫﻲ. ﺟﻴڪﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ
    ﺩﻭﺭ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ﺟﻲ ﻋڪﺎﺳﻲ ڪﺮﻱ
    ﭤﻲ. ﻏﻼﻡ ﺍﺣﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﻲﺀَ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ
    ﻣﺴڪﻴﻨﻦ ﺟﻲ ﺩﺭﺩﻥ، ڏﮐﻦ ۽ ﺍﻫﻨﺠﻦ ﺗﻲ
    ڪﻴﻞ ﺁﻫﻲ. ﻫﻦ ﻏﺮﻳﺐ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ڏﮐﻦ
    ﺗﻲ ﻗﻠﻢ ﮐﻨﻴﻮ ۽ ﺳﻨﺪﻥ ڏﮐﻦ ﮐﻲ ﺷﺎﻋﺮﻱﺀَ ۾
    ﻗﻠﻢ ﺑﻨﺪ ڪﻴﻮ . ﻏﻼﻡ ﺍﺣﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﻲ ﺟﻲ
    ﺷﺎﻳﻊ ﭤﻴﻞ ڪﺘﺎﺑﻦ ۾ ’ ﮔﻠﺰﺍﺭ
    ﻋﺸﻖ ‘ ‏(ڪﺎﻓﻴﻮﻥ ‏) ، ’ ﻣﺴﺪﺱ
    ﺣﺎﻟﻲ ‘ ‏(ﺗﺮﺟﻤﻮ ‏) ، ’ ﺑﻴﺎﺽ ﻧﻈﺎﻣﻲ ‘ ۽ ’ﺭﻳﺎﺽ
    ﻧﻈﺎﻣﻲ ‘ ﻗﺎﺑﻞ ﺫڪﺮ ﺁﻫﻦ. ﻏﻼﻡ ﺍﺣﻤﺪ
    ﻧﻈﺎﻣﻲ 23 ﻓﻴﺒﺮﻭﺭﻱ 1951 ﻉ ﺗﻲ ﺟﻤﻌﻲ
    ڏﻳﻨﻬﻦ ڪﺮﺍﭼﻲﺀَ ۾ ﻭﻓﺎﺕ ڪﺌﻲ .
    ﻣﻮﻥ ڪﺌﻲ ڪﻮﺷﺶ ﮔﻬﮣﻲ ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻪ
    ﻧڪﺮﻱ ﭔﺎﭮ ڪﺎ،
    ﻋﺸﻖ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻭﻳﻮ ﻣﮕﺮ ﺭﺳﻮﺍ ﺳﺮ ﺑﺎﺯﺍﺭ ﭤﻲ.
    ‏( ﻧﻈﺎﻣﻲ
    روزانه مهراڻ جي ٿورن سان
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    678
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    اسان کي پنهنجن محبوب شاعرن کي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي. تمام بهترين معلومات ڪاوش جي ٿورن سان اوهان پيش ڪريو ٿا. ڏسڍو بهترين ڪم سائين. ڪِيپ اِٽ اَپ.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,770
    ورتل پسنديدگيون:
    27,188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تاريخ ڳالهائي ٿي

    15 جون1836 ۾ ڪرنل پوٽينجر سنڌ ۾ سرگرم ٿيڻ کان پوءِ هن مير نور محمد خان ٽالپر سان حيدرآباد ۾ ملاقات ڪئي.ملاقات دوران هن برطانوي ايجنٽ جي حيثيت ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي.

    15 جون 1951 ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل صديق راجا ۽ ميجر خواجه محمد يوسف راولپنڊي ڪيس ۾ سجاد ظهير ۽ اردو جي مشهور شاعر فيض احمد فيض جي خلاف شاهدي ڏني.

    15 جون 1952 ۾ شاهه فاروق کي مصر ۽ سوڊان جي بادشاهه طور تسلم ڪيو.

    عوامي آواز جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو