مڪڙي ڏٺم موج ۾، تنهن ۾ مير ملاح، مڇيون مارين اوچتي، بانڪا بي پناھ، لهر بحر جا حاڪم ڄاڻي شوريا وتن شاھ، هنڌ سنڌ تي فلڪ نه آڻن، مارن ملڪ سپاھ، وائڙا رکن تن مٿان، ويچارا ويساھ، آسرو آڌين جا، آهن منجھ الله، ڏيئي پاند پناھ، رکي وٺندو راڄ کي۔