لائق ٿيو۔۔۔ ۽ حاصل ڪريو۔۔۔۔

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏17 جنوري 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هڪ همراه مهانگائي کان تنگ ٿي هڪ بزرگ وٽ ويو۔۔۔ ۽ کيس چيائين۔۔۔ ”ڇا الله پاڪ توهان جي ڳالهه ٻڌندو آهي۔۔۔؟“
    بزرگ وراڻيو۔۔۔”بي شڪ رب پاڪ سڀني جي ڳالهه ٻڌندو آهي۔۔۔“
    همراه چيو۔۔۔”منهنجو هڪ سوال آهي۔۔۔؟“
    بزرگ چيو۔۔۔۔ ”پڇ۔۔۔ توکي ڇا گهرجي۔۔۔“
    همراه چيو۔۔۔”الله پاڪ اڳيان هزارين سال ڇاجي برابر آهن۔۔۔؟“
    بزرگ جواب ڏنو۔۔۔۔”الله پاڪ اڳيان هزارين سال هڪ سيڪنڊ جي برابر آهن۔۔۔
    همراه پڇيو۔۔۔”ڀلا الله پاڪ اڳيان لکين روپيا ڇاجي برابر آهن۔۔۔۔؟“
    بزرگ وراڻيو۔۔۔”الله پاڪ اڳيان لکين روپيه هڪ پيسي جي برابر آهن۔۔۔
    همراه سوال ڪيو۔۔۔”ڇا توهان الله پاڪ کان منهنجي لاءِ هڪ پيسو وٺي سگهندو۔۔۔؟
    بزرگ ڪجهه وقت سوچيو ۽ جواب ڏنائين۔۔۔ ”ان لاءِ الله پاڪ جي طرفان هڪ سيڪنڊ جو انتظار ڪر۔۔۔
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: لائق ٿيو۔۔۔ ۽ حاصل ڪريو۔۔۔۔

    سائين بالڪل الله تعالي وٽ دنيا جو قدر گهٽ آهي ليڪن اسان کي دنيا جي گهرج زياده اڪثر اسين بزرگن الله وارن وٽ ان ئي مقصد لاء ويندا آهيون ليڪن دنيا جو دستور آهي ته جيڪا شيء گهربل هوندي آهي اهڙي دوڪان تي وڃبو آهي ته اتان ملندي آهي الله وارا ته الله جي محبت جو دڳ ٻڌائيندا آهن الله جو ذڪر ڏسيندا آهن انهن وٽ ته اهو سامان موجود آهي ليڪن اسان اهو متاع وٺڻ بجاء دنيا جا طالب ٿي الله وارن وٽ ويندا آهيون اهو ته جوهري کان بصر گهرڻ جي برابر آهي۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: لائق ٿيو۔۔۔ ۽ حاصل ڪريو۔۔۔۔

    جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي منڱيان ...“

    هڪ گهڙيءَ جو انتظار هڪ پئسي لئه ... ڪو گهڻو ناهي ... جي قيام ملن ته به ويجها ڀائنج سپرين ... رب جي طرفان ملن ته رحمت آهن ... پوءِ اهو رزق ملي ته به سٺو ۽ جي مغفرت ملي ته سڀ کان ڀلو ۽ جي ٻئي ملن ته ٻئي جهان ڀلا ... ۽ انسان ڪامياب ۽ ڪامران ٿي ويندو ...

    حضرت علي ڪرم الله وجهه جي قول مطابق ؛ ... ” انسان کي اها پڪ ٿي وڃي ته رزق الله جي هٿ ۾ آهي ۽ اهو ئي ڏيندو ته پوءِ هو رزق جي پويان نه ڀڄندو بلڪه ان جستجو ۾ رهندو ته کيس الله جي قربت ۽ رضا نصيب ٿئي ... “

    sindhsalamatsaathsal
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: لائق ٿيو۔۔۔ ۽ حاصل ڪريو۔۔۔۔

    توهان جو تبصرو لاجواب پر لڳي ٿو باقي سنگت ڳالهه ۾ شامل ڳجهه کي سمجهي نه سگهي۔۔۔۔
    ڳالهه کي واضح ڪرڻ لاءِ ٻه مختلف رنگ ڏئي ترميم ڪئي اٿم ۔۔۔ هاڻي هڪ ڳاڙهي کي ٻئي ڳاڙهي رنگ ڏنل ۽ هڪ سائي کي ٻئي سائي رنگ ڏنل لفظن سان گڏ ڏٺو وڃي۔۔۔۔
    جيڪڏهن سمجهي ويا هجو ته هن ليک مان نڪتل سبق کي واضح ڪريو۔۔۔؟؟
    تبصري ڪرڻ لاءِ اڳواٽ مهرباني
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: لائق ٿيو۔۔۔ ۽ حاصل ڪريو۔۔۔۔

    ادا رشيد توهان جي هر سبق آموز تحرير وانگر هي شئي به لاجواب آهي۔۔۔
    بزرگ جو جواب به بلڪل لاجواب آهي۔۔۔
    جيئن وتايو فقير چواڻي، الله به ڏيئي ٿو پر اهو به کنگهڻ کان سواءِ ڪين ملندو۔۔۔
    سو همراهه پنهنجي لاءِ سڀ ڪجهه پئي گهريو پر هڪ ئي وقت (نه ڪا محنت، نه انتظار) پر بزرگ جي ڳالهه کيس لاجواب ڪري ڇڏيو۔
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: لائق ٿيو۔۔۔ ۽ حاصل ڪريو۔۔۔۔

    لاجواب شيئرنگ آهي ادا رشيد سمون صاحب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو