• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪڙو هو سيد، ٻيو هو فاضل۔۔۔۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
هڪڙو هو سيد، ٻيو هو فاضل!

g_m_syed_naz_sanai_1a.jpg
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
n48592061127_1664.jpg



سنڌ جي تاريخ ۾ اڄوڪو ڏينهن ٻن حوالن سان سدائين ياد رکيو ويندو. اهي شخصيتون سنڌ سان جڙيل هيون. اڄ هڪ شخصيت جي جنم جو ڏينهن آهي، ۽ ٻي شخصيت جي شهادت جو ڏينهن...جي ها اڄ سائين جي ايم سيد جي جنم جو ڏينهن آهي، ۽ محترم فاضل راهو جي شهادت جو ڏينهن۔۔۔.
17 هين جنوري اهو ڏينهن، جڏهن سنڌ سن ۾ گڏ ٿي سائين جي ايم سيد جي سالگره ملهائي رهي هئي، ان ڏينهن محترم فاضل جي شهادت جي خبر به پهتي. شايد انهن کي خوشيءَ جو سامان فراهم ٿيو، جن نه پئي چاهيو ته 17 هين جنوري تي رڳو ڪا سالگره ملهائجي، ڪو ته اهڙو به لاش ڪيرائجي، جو ساڳي ڏينهن تي سنڌ ڪنهن جي ورسي به ته ملهائي.
سائين جي ايم سيد جي سالگره رڳو ڪنهن هڪ ڏينهن جو نالو ڪونهي، پر اهو ڏينهن علامت آهي سنڌ سان عشق جي... ڇو ته ممڪن آهي ته ورهاڱي کان اڳ سائين جي ايم سيد سياست ڪئي به هجي، ۽ ممڪن آهي ته ورهاڱي کان ڪجهه عرصو پوءِ به سياست ڪئي هجي، پر ورهاڱي کان ڪجهه عرصو ئي پوءِ عملي طور تي سائين جي ايم سيد ڄڻ ته سياست ڇڏي ڏني هئي، جو شايد هن سمجهيو پئي ته سنڌ تي سياست ته سڀ پيا ڪن، ڪو اهڙو به هجي، جيڪو ان سان عشق جو دعويدار بڻجي۔۔۔۔ اڄ سنڌ جي ان ئي عاشق جو جنم ڏينهن آهي.
سائين جي ايم سيد ۽ فاضل راهو جي مڪتبهءِ فڪر ۾ بظاهر کڻي فرق نظر ايندو هجي، پر انهن ٻنهي جو بنياد سنڌ ئي رهي آهي. هو ٻئي هڪ اهڙي دڳ جا نشان هئا، جن دڳ جو آخري ڇيڙو وري به اچي سنڌ تي کٽي ٿو. اڄ جڏهن انهن ٻنهي تي سوچجي ٿو، تڏهن هڪڙي ڳالهه مشترڪه لڳي ٿي، سا اها ته ٻنهي جي فڪر جي وارثي ڪرڻ وارن جون واٽون ويهه ٿي چڪيون آهن۔۔۔۔. اڄ سائين جي ايم سيد جي فڪر واري پارٽي مان به ڪيتريون ئي شاخون ڦٽي نڪتيون آهن ته فاضل راهو جي تنظيم به ڪجهه خانن ۾ ورهائجي وئي آهي.۔۔۔
 
جواب: هڪڙو هو سيد، ٻيو هو فاضل۔۔۔۔۔۔

سائين رشيد صاحب مهرباني جو اوهان ٻنهي سنڌ سڄڻن کي کي خراج عقيدت پيش ڪري، سنڌ سلامت جي اڱڻ کي سينگاري ڇڏيو آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هڪ سنڌ جو عاشق ته ٻيو سنڌين، مسڪينن، هارين جو عاشق هو،

اسانجو ٻنهي ڏاهن ۽ سنڌ سڄڻن کي سلام جو هو پنهنجو وارو وڄائي ويا ۽ سندن موت يا ڄم تاريخن تي ايترن ماڻهن جو کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ ئي ٻڌائي ٿو ته هو رب العالمين جي درگاهه ۾ پڻ سرخرو ٿي چڪا هوندا ...

جي انسان حق ۽ سچ ج راهه تي هلن ٿا ... ظلم آڏو ڪنڌ نٿا نوائن ... سي ئي هن دنيا ۽ هن کان پوءِ واري دنيا ۾ سرخرو ۽ سوڀارا رهنٿا ...

تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا،
جانب! منهنجـــي جيءَ ۾، آزار جا انــــواع،
صاحب! ڏيج شفـــــا، ميـــــان مريضن کي.
 
جواب: هڪڙو هو سيد، ٻيو هو فاضل۔۔۔۔۔۔

سائين بيشڪ سنڌ جون اهي هستيون پنهنجي قول فعل سان سنڌ کي پنهنجي جان جي ڀيٽا پيش ڪري ويون پر اسان ڇا ڪري سگهيا آهيون۔۔
وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي،
ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي نه ضاءِ،
سا ڪا هڙَ هلاءِ، اڳهه جنهن جي اَبَهين.
 
Back
Top