هڪڙو هو سيد، ٻيو هو فاضل!
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔


سنڌ جي تاريخ ۾ اڄوڪو ڏينهن ٻن حوالن سان سدائين ياد رکيو ويندو. اهي شخصيتون سنڌ سان جڙيل هيون. اڄ هڪ شخصيت جي جنم جو ڏينهن آهي، ۽ ٻي شخصيت جي شهادت جو ڏينهن...جي ها اڄ سائين جي ايم سيد جي جنم جو ڏينهن آهي، ۽ محترم فاضل راهو جي شهادت جو ڏينهن۔۔۔.
17 هين جنوري اهو ڏينهن، جڏهن سنڌ سن ۾ گڏ ٿي سائين جي ايم سيد جي سالگره ملهائي رهي هئي، ان ڏينهن محترم فاضل جي شهادت جي خبر به پهتي. شايد انهن کي خوشيءَ جو سامان فراهم ٿيو، جن نه پئي چاهيو ته 17 هين جنوري تي رڳو ڪا سالگره ملهائجي، ڪو ته اهڙو به لاش ڪيرائجي، جو ساڳي ڏينهن تي سنڌ ڪنهن جي ورسي به ته ملهائي.
سائين جي ايم سيد جي سالگره رڳو ڪنهن هڪ ڏينهن جو نالو ڪونهي، پر اهو ڏينهن علامت آهي سنڌ سان عشق جي... ڇو ته ممڪن آهي ته ورهاڱي کان اڳ سائين جي ايم سيد سياست ڪئي به هجي، ۽ ممڪن آهي ته ورهاڱي کان ڪجهه عرصو پوءِ به سياست ڪئي هجي، پر ورهاڱي کان ڪجهه عرصو ئي پوءِ عملي طور تي سائين جي ايم سيد ڄڻ ته سياست ڇڏي ڏني هئي، جو شايد هن سمجهيو پئي ته سنڌ تي سياست ته سڀ پيا ڪن، ڪو اهڙو به هجي، جيڪو ان سان عشق جو دعويدار بڻجي۔۔۔۔ اڄ سنڌ جي ان ئي عاشق جو جنم ڏينهن آهي.
سائين جي ايم سيد ۽ فاضل راهو جي مڪتبهءِ فڪر ۾ بظاهر کڻي فرق نظر ايندو هجي، پر انهن ٻنهي جو بنياد سنڌ ئي رهي آهي. هو ٻئي هڪ اهڙي دڳ جا نشان هئا، جن دڳ جو آخري ڇيڙو وري به اچي سنڌ تي کٽي ٿو. اڄ جڏهن انهن ٻنهي تي سوچجي ٿو، تڏهن هڪڙي ڳالهه مشترڪه لڳي ٿي، سا اها ته ٻنهي جي فڪر جي وارثي ڪرڻ وارن جون واٽون ويهه ٿي چڪيون آهن۔۔۔۔. اڄ سائين جي ايم سيد جي فڪر واري پارٽي مان به ڪيتريون ئي شاخون ڦٽي نڪتيون آهن ته فاضل راهو جي تنظيم به ڪجهه خانن ۾ ورهائجي وئي آهي.۔۔۔