مختصر ڪهاڻي ڪجهه به نه ! ساگر سهندڙو سانجهيءَ جي رومانوي لمحن ۾ ڪراچي جي مصروف علائقي جي سنيڪ بار جي خالي پيل ڳاڙهي ڪرسين تي ويهندي پڇيو مانس: فرينچ فرائيز کائيندي آن؟ وراڻيائين: نه تون کإءُپڇيومانس: ڀلا جيڪڏهن آئون فرينچ فرائيز کائيندس ته توکي ان جو ٽيسٽ محسوس ٿيندو؟چيائين: اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، کائين تون ۽ ٽيسٽ مون کي اچي، فرينچ فرائيز کائيندي، پڇيم: ڀلا جيڪڏهن آئون ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان پيار ڪندس ته توکي ڇا ٿيندو؟پنهنجي پرس کي زور سان نپوڙيندي دير سان وراڻيائين: ڪجهه به نه آئون نپوڙيل پرس کي نهاريندو خاموشي سان فرينچ فرائيز کائيندو رهيس.