ڪجهه به نه !

'ڪهاڻيون' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2013۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    مختصر ڪهاڻي
    ڪجهه به نه !

    ساگر سهندڙو

    سانجهيءَ جي رومانوي لمحن ۾ ڪراچي جي مصروف علائقي جي سنيڪ بار جي خالي پيل ڳاڙهي ڪرسين تي ويهندي پڇيو مانس: فرينچ فرائيز کائيندي آن؟
    وراڻيائين: نه تون کإءُ
    پڇيومانس: ڀلا جيڪڏهن آئون فرينچ فرائيز کائيندس ته توکي ان جو ٽيسٽ محسوس ٿيندو؟
    چيائين: اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، کائين تون ۽ ٽيسٽ مون کي اچي،
    فرينچ فرائيز کائيندي، پڇيم: ڀلا جيڪڏهن آئون ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان پيار ڪندس ته توکي ڇا ٿيندو؟
    پنهنجي پرس کي زور سان نپوڙيندي دير سان وراڻيائين: ڪجهه به نه
    آئون نپوڙيل پرس کي نهاريندو خاموشي سان فرينچ فرائيز کائيندو رهيس.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو