نثارابڙو
نائب منتظم
هڪ ڏينهن، ڪو همراه ڪنهن رستي سان وڃي رهيو هو ته کيس اوچتو هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو؛
”هڪدم بيهي رهه! مٿان سر اچي رهي آهي، جا توکي لڳندي ته اصل مٿو ڦاڙي وجهندئي“
همراه بيهي رهيو ته ان ئي وقت هڪ سر اچي پٽ تي ڦهڪو ڪيو ....
همراه لک شڪر ادا ڪيا ۽ اڳتي وڌيو ...
اڳتي رستو پار ڪري رهيو هو ته وري ساڳيو آواز آيو؛
” هڪدم بيهي رهه! هڪ گاڏي اچي رهي آهي، ٽڪرائبين ته اصل موت واقع ٿي ويندئو“
همراه اڃان بيٺو ئي مس ته هڪ گاڏي زرڙاٽ ڪندي لنگهي وئي ...
همراه لک شڪرانا ادا ڪيا ۽ سوال ڪياِئين: اي سڄڻ دوست، غيبي آواز ڏيڻ وارا تون آهين ڪير؟
آواز آيو ؛ ”ڀلائيءَ جو فرشتو“
همراه کائنس وري سوال ڪيو ته ” اي ادا منهجا سڄڻ فرشتا، ڀلا اهو ته ٻڌاءِ ته جڏهن منهنجي شادي پئي ٿي ته تون ڪٿي هنئين ... ۽ مونکي بچائي ڇو نه سگهئين ؟؟؟؟“