نثارابڙو
نائب منتظم
هن سال ۔۔۔سٺي ۽ صحتمند زندگي گذارڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
صحت؛i. گهڻو پاڻي پيئجي
ii. ناشتو بادشاه جيئان، منجهند شهزادن جيئان ۽ رات جي ماني فقيرن جيئان کائجي
iii. اهڙو کاڌو کائجي جو قدرتي طرح سان وڻن ۽ ٻوٽن مان پئدا ٿيندو هجي ۽ اهڙي کاڌي کان پرهيز ڪجي جو مشينن جي ذريعي تيار ٿيندو هجي
iv. ٽن ”ج “ واري زندگي گذارجي .... جوش، جذبو ۽ جواني ....
v. عبادت ڪجي، سڪون وٺجي ۽ سٺا خيال رکجن...
vi. رانديون کيڏجن
vii. وڌيڪ مطالعو ڪجي ۽ سٺا ڪتاب پڙهجن
viii. هرروز 1ڏهه منٽ خاموش ۽ اڪيلو ويهجي
ix. گهٽ ۾ گهٽ ست ڪلاڪ ننڊ ڪجي
x. هر روز ڏهن کان ٽيهه منٽ خوشدليءَ سان گهمڻ وڃجي
شخصيت؛
xi. پاڻکي ٻين سان ڀيٽ نه ڪريو ... جو ٻين جو مقصد ڇاهي، انجي اوهانکي شايد ڄاڻ نه هجي
xii. ڪاٽو سوچ نه رکو ۽ ڪاٽو ۽ اهڙا خيالي گهوڙا نه ڊوڙايو، جي اوهانجي وس ۾ نه اچن. بلڪ پنهجي سگهه واڌو شين تي ۽ موجود وقت ۾ استعمال ڪيو.
xiii. پنهنجي سگهه کان وڏا ٽپا نه ڏيو، ڪجهه حدون مقرر ڪيو.
xiv. پنهنجو پاڻ کي هميشه منجهيل ۽ سنجيده نه رکو، ڪو به ايئن ناهي ڪندو.
xv. پنهنجن قيمتي لمحن کي صرف گلا ۽ اجايو ڳالهائڻ ۾ صرف نه ڪريو.
xvi. جاڳندي جا خواب وڌيڪ قيمتي هوندا آهن، ننڊ ۾ نه سوچيو.
xvii. لالچ ۽ گهڻي کان گهڻي جي خواهش وقت جو ضياع آهي، اوهان وٽ ته هر ڪجه آهي، جنهنجي اوهانکي ضرورت آهي.
xviii. ماضيءَ جي مسئلن کي وساريو، پنهنجي دوست يا ساٿيءَ کي ماضيءُ جي غلطين تي شرمده نه ڪريو، ايئن ڪرڻ سان اوهان موجود گهڙين جو مزو به وڃائي ويهندا.
xix. زندگي تمام ٿورڙي آهي جو ڪنهن کي ڌڪارجي، ٻين سان نفرت نه رکو.
xx. پنهنجي ماضيءَ کي امن سان ختم ڪريو، جيئن هو اوهانجي حال کي خراب نه ڪري.
xxi. اوهانجي خوشين جو ڪو به مالڪ ناهي سواءِ اوهانجي.
xxii. اهو سمجهي ڇڏيو ته زندگي هڪ سکيا گهر آهي ۽ اوهين هت سکڻ آيا آهيو، مسئلا اهڙا ذاتي تجربا آهن جي ٿيندا آهن ۽ آلجبرا جي ڪلاس جيئان ختم ٿي ويندا آهن، پر جيڪو سبق اوهان سکي وٺندا سو عمر جي آخر تائين اوهانجو ساٿ ڏيندو.
xxiii. مشڪو،کلو ۽ خوش رهو.
xxiv. اوهانکي هر بحث ئي کٽڻو ناهي، متفق ٿيو نه متفق ٿيڻ خاطر.
سماجي؛
xxv. پنهنجي ڪٽنب سان رابطي ۾ رهو.
xxvi. ڏهياڙي ڪا سٺي شئي ٻين کي ڏيو.
xxvii. هر ڪنهنکي هر شئي معاف ڪريو.
xxviii. ڪجهه وقت بزرگن ۽ ڪجهه وقت ٻارڙن سان گذاريو.
xxix. گهٽ ۾ گهٽ ٽن ماڻهن کي ڏهياڙي کلائڻ جي ڪوشش ڪريو.
xxx. ٻيا ماڻهون اوهان بابت ڪهڙي سوچ رکنٿا؟ اهو اوهانجو مسئلو ناهي، انهن جي سوچ آهي!
xxxi. اوهان جڏهن بيمار هجو ٿا ته اوهانجو ڪم ناهي ته اوهان پنهنجو خيال ۽ علاج پاڻ ڪريو، ٻين ڪٽنب وارن کي موقعو ڏيو ته هو اوهانجي خدمت ڪن. صرف انهن کي اطلاع ڪريو.
زندگي؛
xxxii. صحيح عمل ڪريو!
xxxiii. هر ان شئي کان پاسو ڪيو جا ڪنهن ڪم جي ناهي، بيشڪ سهڻي هجي يا ڪوجهي.
xxxiv. الله هر شئي تي قادر آهي، اهو ئي اوهانجي مدد ڪندو.
xxxv. سٺي حالت يا بري حالت بدلجي ويندي آهي.
xxxvi. ڪا ڳالهه ناهي، اوهان ڪهڙي حالت ۾ آهيو، اٿو، سٺا ڪپڙا پايو ۽ ٻين آڏو اچي وڃو.
xxxvii. جڏهن صبح جو اٿو ته الله جا شڪرگذار ٿي اٿو ... جو اوهان موت واري حالت مان حيات ٿي اٿيا آهيو.
xxxviii. اوهانجو لاشعور هميشه خوش رهندو آهي، انڪري خوش رهو.
xxxix. ۽ ها آخري پر ناهي آخري ... سا آهي ته ٻين کي هي ڳالهيون پڙهايو ۽ عمل ڪريو ... نتيجن جو مالڪ رب جي ذات آهي ... اوهان نه.