هن سال ڇا ڪجي؟؟؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏18 جنوري 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هن سال ۔۔۔سٺي ۽ صحتمند زندگي گذارڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
    صحت؛
    i. گهڻو پاڻي پيئجي
    ii. ناشتو بادشاه جيئان، منجهند شهزادن جيئان ۽ رات جي ماني فقيرن جيئان کائجي
    iii. اهڙو کاڌو کائجي جو قدرتي طرح سان وڻن ۽ ٻوٽن مان پئدا ٿيندو هجي ۽ اهڙي کاڌي کان پرهيز ڪجي جو مشينن جي ذريعي تيار ٿيندو هجي
    iv. ٽن ”ج “ واري زندگي گذارجي .... جوش، جذبو ۽ جواني ....
    v. عبادت ڪجي، سڪون وٺجي ۽ سٺا خيال رکجن...
    vi. رانديون کيڏجن
    vii. وڌيڪ مطالعو ڪجي ۽ سٺا ڪتاب پڙهجن
    viii. هرروز 1ڏهه منٽ خاموش ۽ اڪيلو ويهجي
    ix. گهٽ ۾ گهٽ ست ڪلاڪ ننڊ ڪجي
    x. هر روز ڏهن کان ٽيهه منٽ خوشدليءَ سان گهمڻ وڃجي

    شخصيت؛
    xi. پاڻکي ٻين سان ڀيٽ نه ڪريو ... جو ٻين جو مقصد ڇاهي، انجي اوهانکي شايد ڄاڻ نه هجي
    xii. ڪاٽو سوچ نه رکو ۽ ڪاٽو ۽ اهڙا خيالي گهوڙا نه ڊوڙايو، جي اوهانجي وس ۾ نه اچن. بلڪ پنهجي سگهه واڌو شين تي ۽ موجود وقت ۾ استعمال ڪيو.
    xiii. پنهنجي سگهه کان وڏا ٽپا نه ڏيو، ڪجهه حدون مقرر ڪيو.
    xiv. پنهنجو پاڻ کي هميشه منجهيل ۽ سنجيده نه رکو، ڪو به ايئن ناهي ڪندو.
    xv. پنهنجن قيمتي لمحن کي صرف گلا ۽ اجايو ڳالهائڻ ۾ صرف نه ڪريو.
    xvi. جاڳندي جا خواب وڌيڪ قيمتي هوندا آهن، ننڊ ۾ نه سوچيو.
    xvii. لالچ ۽ گهڻي کان گهڻي جي خواهش وقت جو ضياع آهي، اوهان وٽ ته هر ڪجه آهي، جنهنجي اوهانکي ضرورت آهي.
    xviii. ماضيءَ جي مسئلن کي وساريو، پنهنجي دوست يا ساٿيءَ کي ماضيءُ جي غلطين تي شرمده نه ڪريو، ايئن ڪرڻ سان اوهان موجود گهڙين جو مزو به وڃائي ويهندا.
    xix. زندگي تمام ٿورڙي آهي جو ڪنهن کي ڌڪارجي، ٻين سان نفرت نه رکو.
    xx. پنهنجي ماضيءَ کي امن سان ختم ڪريو، جيئن هو اوهانجي حال کي خراب نه ڪري.
    xxi. اوهانجي خوشين جو ڪو به مالڪ ناهي سواءِ اوهانجي.
    xxii. اهو سمجهي ڇڏيو ته زندگي هڪ سکيا گهر آهي ۽ اوهين هت سکڻ آيا آهيو، مسئلا اهڙا ذاتي تجربا آهن جي ٿيندا آهن ۽ آلجبرا جي ڪلاس جيئان ختم ٿي ويندا آهن، پر جيڪو سبق اوهان سکي وٺندا سو عمر جي آخر تائين اوهانجو ساٿ ڏيندو.
    xxiii. مشڪو،کلو ۽ خوش رهو.
    xxiv. اوهانکي هر بحث ئي کٽڻو ناهي، متفق ٿيو نه متفق ٿيڻ خاطر.

    سماجي؛
    xxv. پنهنجي ڪٽنب سان رابطي ۾ رهو.
    xxvi. ڏهياڙي ڪا سٺي شئي ٻين کي ڏيو.
    xxvii. هر ڪنهنکي هر شئي معاف ڪريو.
    xxviii. ڪجهه وقت بزرگن ۽ ڪجهه وقت ٻارڙن سان گذاريو.
    xxix. گهٽ ۾ گهٽ ٽن ماڻهن کي ڏهياڙي کلائڻ جي ڪوشش ڪريو.
    xxx. ٻيا ماڻهون اوهان بابت ڪهڙي سوچ رکنٿا؟ اهو اوهانجو مسئلو ناهي، انهن جي سوچ آهي!
    xxxi. اوهان جڏهن بيمار هجو ٿا ته اوهانجو ڪم ناهي ته اوهان پنهنجو خيال ۽ علاج پاڻ ڪريو، ٻين ڪٽنب وارن کي موقعو ڏيو ته هو اوهانجي خدمت ڪن. صرف انهن کي اطلاع ڪريو.

    زندگي؛

    xxxii. صحيح عمل ڪريو!
    xxxiii. هر ان شئي کان پاسو ڪيو جا ڪنهن ڪم جي ناهي، بيشڪ سهڻي هجي يا ڪوجهي.
    xxxiv. الله هر شئي تي قادر آهي، اهو ئي اوهانجي مدد ڪندو.
    xxxv. سٺي حالت يا بري حالت بدلجي ويندي آهي.
    xxxvi. ڪا ڳالهه ناهي، اوهان ڪهڙي حالت ۾ آهيو، اٿو، سٺا ڪپڙا پايو ۽ ٻين آڏو اچي وڃو.
    xxxvii. جڏهن صبح جو اٿو ته الله جا شڪرگذار ٿي اٿو ... جو اوهان موت واري حالت مان حيات ٿي اٿيا آهيو.
    xxxviii. اوهانجو لاشعور هميشه خوش رهندو آهي، انڪري خوش رهو.
    xxxix. ۽ ها آخري پر ناهي آخري ... سا آهي ته ٻين کي هي ڳالهيون پڙهايو ۽ عمل ڪريو ... نتيجن جو مالڪ رب جي ذات آهي ... اوهان نه.
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هن سال ڇا ڪجي؟؟؟

    سائين بهترين اصول آهن۔۔۔مان پاڻ وٽ محفوظ ڪري ٿو ڇڏيان۔۔ عمل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪنداسين
     
  3. محمد مگسي

    محمد مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هن سال ڇا ڪجي؟؟؟

    هن سال ۔۔۔سٺي ۽ صحتمند زندگي گذارڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي هڪ پاڪستاني کي؟

    صحت؛
    i. گهڻو پاڻي پيئجي؟
    i. صاف پاڻي ڪونهي پاڪستان ۾!
    ii. ناشتو بادشاه جيئان، منجهند شهزادن جيئان ۽ رات جي ماني فقيرن جيئان کائجي؟
    ii دال 150 ڪيلو ڪير غريب کائي!
    iii. اهڙو کاڌو کائجي جو قدرتي طرح سان وڻن ۽ ٻوٽن مان پئدا ٿيندو هجي ۽ اهڙي کاڌي کان پرهيز ڪجي جو مشينن جي ذريعي تيار ٿيندو هجي؟
    iii. اڄ ڪلهه جي سبزين ۾ به ڪو ويٽامن ڪونه آهي سڀ ڪيميڪل ڀهاڻ ڏي ڏي ڦوفر سبزيون!
    iv. ٽن ”ج “ واري زندگي گذارجي .... جوش، جذبو ۽ جواني ....
    iv. (جوش) جوش ڪيون ته ڪنهن تي اسان پاڻ قرضي آهيون (جذبو)جذبو ڪيون ته ڪهڙي منهن سان ڪيون نوڪريون ملن ڪونه ٿيون (جواني) هئئئي جواني جي ته ڳالهه نه ڪيو مان 5 سالن کان پهنجن مائٽن کي گزارش ڪيان پيو ته مون کي شادي ڪرائيو چون ٿا نوڪري وارو ٿي ته توکي شادي ڪرايون (ڪڏهن نوڪري ملندي )!
    v. عبادت ڪجي، سڪون وٺجي ۽ سٺا خيال رکجن؟
    v. ادا عبادت ضروري آهي ( پر پاڪستان وارن جو اسلام ته دنيان ۾ پهريو نمبر آهي )![​IMG]
    vi. رانديون کيڏجن؟
    vi. پاڪستان جي انتر نيشنل ڪرڪٽ ٽيم ۾ اڄ تائي ڪو سنڌي کيون اٿون جو اسان راند تي دل چسپي ڪيون!
    vii. وڌيڪ مطالعو ڪجي ۽ سٺا ڪتاب پڙهجن؟
    vii. هن حال تي {[​IMG]}
    viii. هرروز 1ڏهه منٽ خاموش ۽ اڪيلو ويهجي؟
    viii. جيسيتائن موبائل گڏ هوندي اهو ڪو نه ٿيندو رڳو ٽي ٽي لڳي پئي هوندي!
    ix. گهٽ ۾ گهٽ ست ڪلاڪ ننڊ ڪجي؟
    ix. بجلي آهي ڪو نه گرمي ۽ مڇر رات جو ننڍ ڪرڻ ڇڏين ڪونه ٿا ته ست ڪلاڪ ننڊ ڪين ڪيون!
    x. هر روز ڏهن کان ٽيهه منٽ خوشدليءَ سان گهمڻ وڃجي؟
    x. هڪ نه ٻي ڏينهن هرتل ڪير غريب گهر کان ٻاهر نڪري!

    شخصيت؛......... coming soon

    سماجي؛............ coming soon

    زندگي؛............. coming soon
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,923
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: هن سال ڇا ڪجي؟؟؟

    سائين قبلا تمام سبق آموز نصيحتون آهن ڪوشش ڪري انهن تي عمل ڪبو سڀ تي اگرچه نه ڪري سگهبو ليڪن پوء به ڪجهه تي عمل ڪبو انشآء الله ڀلائي ٿيندي۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هن سال ڇا ڪجي؟؟؟

    ڀاءِ محمد مگسي۔۔۔۔ ادا مست کان به چڙهيل آهين۔۔ ڏاڍو ڪو ڏنگو آهين۔۔۔ اصل من جون ڳالهيون ڪيون اٿئي۔۔ هر بال بائونڊريءَ کان ٻاهر۔۔۔۔۔ چوڪو ڇڪوasul matt
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,646
    ورتل پسنديدگيون:
    5,652
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هن سال ڇا ڪجي؟؟؟

    ڏي سوال ۽ وٺ جواب۔۔۔
    سوال جاندار ۽ عمل جوڳا آهن۔۔۔ انهن ۾ اهي سڀ عمل موجود آهن جيڪي انسان زندگي ۾ چاهيندي به نه ٿو ڪري سگهي ۔۔۔۔ سبب ادا مگسي جو جواب۔۔۔
    پر ڇا هر سال وانگر هي سال به ائين ئي گذارڻ ڏنو وڃي۔۔۔ ڪجهه به هجي هن سال اهو سڀ ڪرڻ جو واعدو ته ڪبو۔۔۔۔۔۔ باقي عمل ڪرڻ ڪوشش ضروري آهي۔۔۔
    سائين نثار ابڙو جي هڪ ٻي لاجواب تحرير ۔۔۔۔۔ 5 سٽار جي لائق۔۔۔۔ مهرباني سائين۔۔۔۔
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هن سال ڇا ڪجي؟؟؟

    lajwab-sharinglajwab-sharing
     
  8. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,016
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: هن سال ڇا ڪجي؟؟؟

    ادا هن سال ڪجه به نه ڪيو بس زرداري جا وهي ڪم ڏسو ته ڪيئن ٿو ملڪ جي ترا ڪڍي
     
  9. محمد مگسي

    محمد مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هن سال ڇا ڪجي؟؟؟

    khil sahi
    sindhsalamatsaathsal​
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هن سال ڇا ڪجي؟؟؟

    نالي مٺا مگسي ؛ يار ڳالهيون ته تو واريون به پنهنجي جاءِ تي صحيح آهن، جو جڏهن ملڪي حالتون اهڙيون هونديون جو انسان پنهنجي ڪنهن شئي کي محفوظ نه سمجهندو هجي ته هو ڪيئن سڪون جي زندگي گذاريندو ... هو ڪيئن صحتمند عملن جي پوئواري ڪري سگهندو ... هو ڪيئن پنهنجو پاڻ تي ڌيان ڏئي سگهندو ؟؟؟

    پياري پاڪستان ۾ جا اسان سان ٿي آهي سا ته تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ نه ٿي آهي، جيتوڻيڪ سنڌ مٿان ڌارين جي يلغار سان تاريخ ڀريل آهي پر هن دفعي اسين هڪ اهڙي ڪُنَ ۾ ڦاٿل آهيون، جتان نڪرڻ ڌڻيءَ جي حوالي آهي ... باقي اسانجا حوصلا جواب ڏيندا پيا وڃن ...

    تنهن هوندي به آءُ ادي رشيد جي ڳالهه سان متفق ٿيندي ته؛

    ڇا ڀلا اسان حالتن کي ايئن ئي گذرڻ ڏينداسون؟ يا ڪجهه جيڪي شيون اسانجي هٿن ۾ آهن انهن کي عملي جامو پارائي پاڻ کي ڪجهه مطمئن ۽ صحتمند رکي سگهون ... پنهنجو پاڻکي سنڀالي سگهون ؟

    اسين ته وري به ڀاڳ وارا آهيون جو ... سنڌ جهڙي سرزمين جا وارث آهيون ... سنڌ جي ڌرتي ايتري ته مالوند ۽ سگهاري آهي جو ڪيترا به چور اچي چوري ڪن ته به ايترو بچي وڃي ٿو جو اسان بک نه ٿا مرون ... ڀيٽ ڪريو، آفريڪا ۽ دنيا جي ٻين ڪيترن خطن سان جن جي حالت اسانجي نسبت انتهائي پوئتي آهي ....

    بهرحال ان چوڻيءَ جيئان ته ”پنڌ پيرن کان نه پڄي لک لعنت گوڏن تي“ .... ٻين کي ڏوهاري چئي ڇا پاڻ کي پاڻ پوئتي ئي رهڻ ڏنو وڃي؟ ....

    وک وڌايو ... منزل ڏور سهي پر ايندي پڪ سان ... ايمان پختو ڪريو ته ڏک به سک ٿيو پون ...

    رب جي ذات اسانکي سگهه عطا ڪري ته جيئن وقت ۽ حالتن جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪري سگهون ... آمين
    sindhsalamatsaathsal
     
  11. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    جواب: هن سال ڇا ڪجي؟؟؟

    سڀ ڳالهيون سون پر >>>>>>> مان ته هن سال شادي ڪندم >>>>>> يارو ادي وڏي کي منهنجي پارت ڪيو
     
  12. محمد مگسي

    محمد مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هن سال ڇا ڪجي؟؟؟

    shabashshabashshabash​
     
  13. محمد مگسي

    محمد مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هن سال ڇا ڪجي؟؟؟

    سائين ۔۔ سڀ کان اڳ اهو ڪم ٻيو ڪم پوءِ ڏسبو۔۔۔۔۔ asul matt
    سائين اوهان جي ادي وڏي جي نظر ته اونئين هن ٽاپڪ تي پئي هوندي۔۔۔۔ ادا سائين توهان کي اسان ادي وحيد جي طرفان منٿ ميڙ ڪري پيا اچون۔۔ ادا هي ڏسو۔۔ ميڙ ڪري آيا آهيون۔۔۔
    -parehatt-parehatt-parehatt-parehatt-parehatt-parehatt-parehatt-parehatt
    هاڻي عرض مڃو کڻي۔۔۔ ادو وحيد ڄامشورو ۾ به رهي ڪري اسان وٽ ڪونه ٿو اچي۔۔۔ توهان اهو به سمجهايوس۔۔۔
     
  15. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هن سال ڇا ڪجي؟؟؟

    ادا محمد مگسي؛
    HaqMojood
    باقي عنوانن تي اوهانجي تبصري جا منتظر آهيون ۔۔۔ ڀلا ڪڏهن ٿا ديدار ڪرايو ۽ شخيصت، سماج ۽ زندگيءَ جي بي بها موضوع تي پنهنجا خيال ونڊ ڪيو ۔۔۔جيتوڻيڪ منهنجا موڪليل اهي نقطا اهم آهن پر انکان وڌيڪ اهم اوهانجو تبصرو آهي ۔۔۔ جنهن مان سنڌ جي موجوده حالتن ۽ نوجوانن جي سوچ جي عڪاسي ٿئي ٿي ۔۔۔
    suhnan saan
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو