اسان روئي روئي، کلايو ٿي جن کي، سرمد جو پرسوز آواز ۽ ترنم سان ڀريل غزل ٻڌندي اکڙيون آليون ته ٿينديون، بس محبت جا اثر آهن، ڪڏهن ڪوسا، ڪڏهن ٿڌڙا ته ڪڏهن روئاريندڙ ٿين ٿا. سرمد جو هي گيت ٻڌي سرمد سان گذاريل اهي گهڙيون ياد اچي ويون جڏهن پاڻ موٽر بائيڪ تي چڙهي ڪراچي يونيورسٽي کان نڪري مختلف روڊن تي گهمندا هياسون ۽ سرمد، منهنجي ڪلهي تي پنهنجي کاڏي رکي گيت جهونگاريندو هو ... سندس ياد اکيون آليون ڪري وجهندي آهي.******** اسان روئي روئي، کلايو ٿي جن کي،اڪيلا جي ٿيندا، ته روئيندا ته هوندا، اسان جن کي چاهيو، اسان جن کي پوڄيو،ڏيئن سان سڄي رات، جلندا ته هوندا، جتان پاڻ وڇڙيا هياسين، اتان اڄ،ڪيئي هٿ ۾ هٿ ڏيئي هلندا ته هوندا، ڪلهي تي رکي ڪنڌ، جيڪي ستا ٿي،اهي ننڊ ۾ڇرڪ، لهندا ته هوندا، جتي گڏ ڀناسين ۽ رانديون رهيوسين،انهيءَ شهر تي، مينهن وسندا ته هوندا، اسان روئي روئي، کلايو ٿي جن کي، اڪيلا جي ٿيندا، ته روئيندا ته هوندا،
سنڌ جي ٻيڄل جي ڀلا ڪھڙي ڳالھ ڪجي، ھن ڌرتي سان جنھن به پاڻ ملھايو آھي، ان کي ھن ڌرتي ڪڏھن ڪون وساريو آھي۔