ڪـوڏر کڻ ڪـوڏر

جهاندادسمون

سينيئر رڪن
ڪـوڏر کڻ ڪـوڏر٬
deep.gif


!ڪـوڏر او ڪـوڏر

!منھنجي لوھي آھي ڪـوڏر - وھوا

!ساري سوني آھي ڪـوڏر - وھوا

!ھيرا موتي آھي ڪـوڏر - وھوا

ڪـوڏر او ڪـوڏر٠٠٠٠

!نالو کوٽي ٿي ڪـوڏر - شپ٬ شپ٬ شپ

!پاڻي ڇوڙي ٿي ڪـوڏر - شپ٬ شپ٬ شپ

!ٻارو جوڙي ٿي ڪـوڏر - شپ٬ شپ٬ شپ

ڪـوڏر او ڪـوڏر٠٠٠٠

!ڀورا ڀنڊ کڻي آ ڪـوڏر - جلدي جلد آ ڀاءَ ڙي

!سومر سانڊ کي آ ڪـوڏر - تڪـڙو تڪـڙو آءُ ڙي

!راضي رِند کڻي آ ڪـوڏر - تڪـڙو تڪـڙو آءُ ڙي

ڪـوڏر ڙي ڪـوڏر٠٠٠٠

!منھنجو ڏاڏو ڪـوڏاريو ٠٠٠ وھوا

!منھنجو بابو ڪـوڏاريو ٠٠٠٠ وھوا

!ھاري ھرڪـو ڪـوڏاريو ٠٠ وھوا

ڪـوڏر او ڪـوڏر٠٠٠٠

!ڪـوڏر ڪـا بخاريءَ جي - وھوا

!ڪـوڏر ھاريءَ ناريءَ جي - وھوا

!ڪـوڏر سنڌڙي ساريءَ جي - وھوا

ڪـوڏر او ڪـوڏر٠٠٠٠


ziban.gif
 
ڪوڏر، وهائڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي، جڏهن ماروئڙا صبح جو سوير پنهنجي ٻنيءَ ڏانهن ڏاند ڍڳائي ان مٿان هر رکي گهوٻو کڻي ويندا آهن، ۽ وڃڻ وقت ڪوڏر سان ڪوڏر سان پاڻي کولي پنهنجي زمين ۾ ڇوڙيندا آهن ته انهي پاڻي جي اهڙي ته مٺڙي ڌن هوندي آهي جو دل جهومڻ شروع ٿي ويندي آهي۔
 
Back
Top