• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽينڊا پورٽ ايبل 3g رائوٽر ۾ مسئلو

سجاد علي سومرو

سينيئر رڪن
سلام سنڌ سلامت جي ٽيم کي۔ دوستو مون وٽ ٽينڊا پورٽ ايبل 3g روٽر آهي ان سان گڏ ايوو پڻ آهي آ ان ۾ موبائل تي نيٽ هلائڻ چاهيان ٿو پر اها نه ٿي هلي ڪنهن دوست کي ڄاڻ هجي ته مدد ڪندا ته سيٽنگ ڪيئن ڪيان۔۔۔۔
 
سڀ کان پهريان ته wireless router کي لين ڪارڊ ذريعي ڪمپيوٽر سان ڪنيڪٽ ڪريو ان کانپوءِ رائوٽر جي هوم پيج تي اچو۔۔۔ (هوم پيج تي اچڻ لاءِ ايڊريس بار ۾ رائوٽر جي آئي پي لکي انٽر ڪريو :نوٽ: اڪثر ڪري آئي پي رائوٽر تي لکيل هوندي آهي جيڪا عام طور تي http://192.168.2.1 ٿيندي آهي۔)
image003.jpg

هاڻي توهان کان يوزرنيم ۽ پاسورڊ پڇيو ويندو۔۔۔ جيڪو عام طور admin هوندو آهي۔۔

image004.jpg


کلندڙ پني منجهان ايڊوانس سيٽنگ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

image005.jpg


جتان WAN settings تي اچو ۽ موڊ چونڊيو۔۔ (نوٽ: اڪثر ڪمپنيون DHCP موڊ ئي مهيا ڪنديون آهن۔۔) ۽ اوڪي بٽڻ پريس ڪريو۔۔

image009.gif


هاڻي Wireless settings تي اچي wireless security چونڊيو ۽ هيٺين تصوير مطابق سيٽنگ ڪريو۔۔ (نوٽ: پاسورڊ ڪي توهان پنهنجي مرضي جي انگن جي به رکي سگهو ٿا پر شرط آهي ته انگن جو تعداد 8 ئي هجي۔۔۔)

image010.gif


ڪم ٿي چڪو۔۔ توهان جي ايوو جي وائرليس سيٽنگ ۽ سيڪيورٽي جي سيٽنگ ٿي چڪي۔۔ هاڻي رائوٽر ۾ ايوو يو ايس بي لڳايو۔۔۔ ۽ پنهنجي موبائيل جي وائي فائي آن ڪريو۔۔۔ توهان کي نئون ٽينڊا نالي نيٽ ورڪ لڀندو جنهن سان ڪنيڪٽ ڪرڻ لاءِ توهان کان پاس ڪي (اڳ سيٽ ڪيل 12345678) لکو ۽ ڪنيڪٽ ٿي وٺو۔۔۔

اميد ته توهان ڳالهه سمجهي ورتي هوندي ٻي صورت ۾ هتي ڪلڪ ڪري سيٽنگ جي مڪمل معلومات ورڊ فائيل ۾ ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔
 
Back
Top