سڀ کان پهريان ته
wireless router کي لين ڪارڊ ذريعي ڪمپيوٽر سان ڪنيڪٽ ڪريو ان کانپوءِ رائوٽر جي هوم پيج تي اچو۔۔۔ (هوم پيج تي اچڻ لاءِ ايڊريس بار ۾ رائوٽر جي آئي پي لکي انٽر ڪريو :نوٽ: اڪثر ڪري آئي پي رائوٽر تي لکيل هوندي آهي جيڪا عام طور تي
http://192.168.2.1 ٿيندي آهي۔)
هاڻي توهان کان يوزرنيم ۽ پاسورڊ پڇيو ويندو۔۔۔ جيڪو عام طور
admin هوندو آهي۔۔
کلندڙ پني منجهان ايڊوانس سيٽنگ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
جتان
WAN settings تي اچو ۽ موڊ چونڊيو۔۔ (نوٽ: اڪثر ڪمپنيون
DHCP موڊ ئي مهيا ڪنديون آهن۔۔) ۽ اوڪي بٽڻ پريس ڪريو۔۔
هاڻي
Wireless settings تي اچي
wireless security چونڊيو ۽ هيٺين تصوير مطابق سيٽنگ ڪريو۔۔ (نوٽ: پاسورڊ ڪي توهان پنهنجي مرضي جي انگن جي به رکي سگهو ٿا پر شرط آهي ته انگن جو تعداد 8 ئي هجي۔۔۔)
ڪم ٿي چڪو۔۔ توهان جي ايوو جي وائرليس سيٽنگ ۽ سيڪيورٽي جي سيٽنگ ٿي چڪي۔۔ هاڻي رائوٽر ۾ ايوو يو ايس بي لڳايو۔۔۔ ۽ پنهنجي موبائيل جي وائي فائي آن ڪريو۔۔۔ توهان کي نئون ٽينڊا نالي نيٽ ورڪ لڀندو جنهن سان ڪنيڪٽ ڪرڻ لاءِ توهان کان پاس ڪي (اڳ سيٽ ڪيل 12345678) لکو ۽ ڪنيڪٽ ٿي وٺو۔۔۔
اميد ته توهان ڳالهه سمجهي ورتي هوندي ٻي صورت ۾
هتي ڪلڪ ڪري سيٽنگ جي مڪمل معلومات ورڊ فائيل ۾ ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔