نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا دوستو ٿوري دير پهرين پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان طرفان ، سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي سلسلي ۾ آل پارٽيز مشاورتي ڪانفرنس گهرائي وئي جنهن ۾ ضلع ٽنڊو محمد خان جون مختلف سياسي ۽ قومي پارٽيون شريڪ ٿيون جنهن ۾ يڪراٌءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته سڀاڻي بروز اربع بتاريخ 20 جنوري صبح جو مسجد اقصي چوڪ کان پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان تائين سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران نڪرندڙ سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري ريلي ۾ جملي شهر جون سياسي ، قومي ۽ سماجي پارٽيون شرڪت ڪري قومي ايڪتا جو ثبوت ڏينديون۔۔۔۔ پيش آهن ان قومي مشاورتي ڪانفرنس جون ڪجهه تصويري جهلڪيون۔
سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ڪائونسلر ۽ مشهور کاهوڙي شاعر محترم مشڪور ڦلڪارو سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي عنوان تي ليڪچر ڏئي رهيو آهي
منظور عادل سومرو خزانچي سنڌي ادبي سنگت پنهنجي اسٽيج سيڪريٽري وارا فرض ادا ڪري رهيو آهي
سيد سارنگ شاهه سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان مهمانن کي آجياڻو پيش ڪري رهيو آهي
سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ڪائونسلر ۽ مشهور کاهوڙي شاعر محترم مشڪور ڦلڪارو سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي عنوان تي ليڪچر ڏئي رهيو آهي
مشهور سماجي اڳواڻ ۽ يونين ڪائونسل 3 ٽنڊو محمد خان جو نائب ناظم محترم گرڌاري مرچو مل (ڊاڪٽر جي ايم گل) مشاورتي ڪانفرنس تي سنڌي ادبي سنگت وارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيو آهي