باغي عليم
سينيئر رڪن
مححمد يعقوب سنگراسي
آخري الهامي ڪتاب قرآن مجيد جي مطالعي دوران پڙهندڙ هڪ خاص ڳالهه اها محسوس ڪري ٿو ته ڪتابِ هدايت انسان کي بار بار ڪائنات ۽ ان جي وسعتن ۾ ڦهليل هرزارها ڪهڪشائن ۽ فطرت جي اسرار تي غورو فڪر ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪائنات جي کليل ڪتاب جو مشاهدو ڪرڻ ۽ ان مشاهدي جي آڌار هر شئي جي تخليق (Creation) مان خالق جي وجود جو استدلال ڪرڻ ئي انسان جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. فطرت جي مشاهدات مان گذرندي هو اهو سوچڻ تي ضرور مجبور ٿئي ٿو ته هي سج، چنڊ، تارا، ڪهڪشائون ۽ گرهه ڪنهن جي قدرت جو شاهڪار آهن؟ هي بلند و بالا جبل، هي وسيع و عريض سمنڊ ۽ انهن مان اٿندڙ لهرون، هي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ تي موجود ساوڪ، وڻ، ڦل، قسمين قسمين ميوا ڪنهن جي شاهڪار قدرت جي گواهي ڏيئي رهيا آهن؟ هي گهنگهور گهٽائون ۽ انهن مان ٽمندڙ حيات بخش قطرا آخر ڪنهن جي رحمت جو مظهر آهن؟ هنن سوالن جي جواب ۾ انسان جي قوتِ ادارڪ اعتراف ڪري ٿي ته هي سڄي ڪائنات پنهنجي وجود، بقا ۽ نظامِ حيات ۾ واقعي ڪنهن اهڙي ذات جي محتاج آهي، جنهن جو وجود، قدرت ۽ ڪبريائي حق آهي، ڪائنات ۾ موجود هر ننڍي وڏي شئي هُن جي ذات جو پَرتو ۽ ڪرشمو آهي، هن جي ڪابه تخليق بي مقصد ناهي، هن جي هر تخليق حق آهي، ان حق جي حقيقت تان نيويارڪ سائنس اڪيڊمي جو صدر پروفيسر اي سي مورسين هنن لفظن ۾ پردو هٽائي ٿو، ”زمين پنهنجي محور تي هڪ هزار ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان چڪر ڪاٽي رهي آهي، اگر ان جي رفتار هڪ هزار ميل جي بجاءِ هڪ سئو ميل هجي ها ته ڏينهن ايترا ڊگها ٿين ها، جو سج جي تپش سڄي زراعت کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏي ۽ راتيون ايڏيون ڊگهيون ۽ سرد ٿين ها، جو زندگيءَ جي جيڪڏهن ڪا رمق سج جي تپش باقي ڇڏي ها ته رات جي سردي ان کي منجمد ڪري ڇڏي ها! سج جو گرمي پد ٻارهن هزار ڊگري فارنهائيٽ آهي، پر زمين کي ان کان ايتري مناسب مفاصلي تي رکيو ويو آهي، جو اتي سج جي روشني ايتري قدر پهچي ٿي، جيڪا حيات بخش آهي، پر جيڪڏهن سج جو گرمي پد ٻارهن هزار ڊگري جي بجاءِ ڇهه هزار ڊگري هجي ها ته زمين برف جي هيٺان دٻجي وڃي ها، ۽ جيڪڏهن ارڙهن هزار ڊگري هجي ها ته سڄي زمين ان جي تپش جي ڪري جلي رک ٿي پوي ها! زمين جو جهڪاءُ 23 درجن جي ڪنڊ ٺاهي ٿو ۽ انهيءَ جهڪاءُ جي ڪري موسمون مناسب وقفن بعد واري واري سان اچن ٿيون، اگر زمين ۾ هي جهڪاءُ نه هجي ها ته سمنڊ مان اٿيندڙ بخارات اتر ۽ ڏکڻ ۾ حرڪت ڪن ها ۽ ايترو زور سان برفباري ٿئي ها، جو سڄي زمين ڍڪجي وڃي ها! اگر چنڊ زمين کان ايترو پري نه هجي ها، جيترو هينئر آهي، بلڪه صرف 50 هزار ميل هجي ها ته سمنڊن ۾ لاهه چاڙهه ايترو شدت سان اچي ها، جو جبل به وهي وڃن ها! اگر زمين جي سطح موجوده سطح کان صرف ڏهه فوٽ وڌيڪ ٿلهي هجي ها ته هتي آڪسيجن ئي نه هجي ها ۽ ڪو جاندار زندهه نه رهي ها! ۽ جيڪڏهن سمنڊ چند فوٽ وڌيڪ اونها هجن ها ته سڄي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ آڪيسجن ختم ٿي وڃي ها ۽ روءِ زمين تي ڪو سائو پن به نه هجي ها! هن حڪيمانه نظام تي غور ڪرڻ سان اسان ان نتيجي تي پهتا آهيون ته هي ڪارخانهء هستي اتفاقن معرضِ وجود ۾ نه آيو آهي، بلڪه هڪ حڪيم ۽ دانا خالق ان جي تخليق فرمائي آهي، اگر ايئن نه هجي ها ته زندگي ممڪن نه هجي ها!“
اڄ ان عظيم ۽ دانا خالق طرفان انسانن کي عطا ڪيل هڪ تقدير ساز رات جي آمد آهي، اها رات شبِ برات آهي، قدرت جي ڪرشمه سازي ۽ نزولِ رحمت جي هڪ نرالي رات! خالقِ ڪائنات جي دهليز تي عجز و نياز سان بشري ڪمزورين جي اعتراف جي رات! ماضيءَ تي ندامت جا ڳوڙها وهائڻ جي رات! هن جي جلون جي هڪ جهلڪ جي ديد لاءِ منتظر اشڪبار اکين لاءِ ٿڌڪار ۽ بيقرار سينن جي تسڪين لاءِ دلربا رات! تباهي، بربادي ۽ اخلاقي اقدار کان محروميءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل انسانيت جي ٻيهر بحاليءَ لاءِ تڙپڻ جي رات! ايندڙ هڪ سال تائين جي لاءِ امن و امان، خوشحالي، ترقي، رزق ۾ ڪشادگي، صحت و عافيت، پنهنجن توڙي پراون جي جان، مال، عزت و آبرو جي تحفظ طلب ڪرڻ جي رات! پوري انسانذات لاءِ ”خير“ گهرڻ جي هڪ رات! هڪ اهڙي رات، جنهن ۾ دعائن جي قبوليت اميدن ۾ مضبوطيءَ جيتري يقيني آهي، جنهن رات جو اول توڙي آخر رحمتن ۽ برڪتن سان هڪ جيترو ٽمٽار آهي. هڪ اهڙي رات، جنهن ۾ خالقِ ڪائنات پنهنجي سخاوت جا دروازا کولي ڇڏي ٿو. هو فرمائي ٿو ته، ٿيندو اهو ئي آهي، جيڪو آئون چاهيندو آهيان پر اڄ جي رات جيڪي منهنجي عظمت سامهون سر نمائي، آهه و زاري ڪندي ڪجهه طلب ڪندا ته انهن جي ”طلب“ به ايندڙ سال جي فيصلن ۾ شامل رهندي! پر هن سڀ ڪجهه جي حصول لاءِ شرط آهي ته توهان جي کنيل هٿن، زبان، دل ۽ دماغ ۾ ’يڪسوئي‘ هجي ۽ ايترو يقين پڻ، جيترو ڪنعان جي ڦٽل کوهه ۾ يوسف عليه السلام کي هٿ پير ٻڌي مٿان رسو ڪَٽڻ مهل يوسف عليه السلام کي دل ۾ موجود هو. هن جي معصوم دل مطمئن هئي ۽ مسڪرائيندي ”چاهه يوسف“ جي انڌيري ۾ لهي رهيو هو!
سنن ابن ماجه ۾ حضرت سيدنا حيدر ڪرار علي المرتضيٰ رضي الله تعاليٰ عنه کان مروي حديٽ پاڪ ۾ حضور پُرنور صلي الله عليه وسلم ارشاد فرمايو ته: ”پندرهين شعبان جي رات ۾ قيام ڪريو ۽ ڏينهن ۾ روزو رکو، ڇو ته الله تعاليٰ هن رات ۾ غروب آفتاب کان وٺي طلوع فجر تائين آسمانِ دنيا جي طرف متوجهه رهي ٿو ۽ فرمائي ٿو ته، آهي ڪو مغفرت جو طلبگار، آئون ان کي معاف ڪريان! آهي ڪو رزق طلب ڪندڙ، آئون ان کي (ڪشادو) رزق عطا ڪريان! آهي ڪو مصيبت ۾ مبتلا، آئون ان کي آجپو عطا ڪريان!“
اچو ته گڏجي بشري ڪمزورين جو اعتراف ڪريون.