جو ئي آھيان، سو ئي آھيان

'سچل سارو سچ' فورم ۾ عابد بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏24 جون 2013۔

  1. عابد بلوچ

    عابد بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 جنوري 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    719
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايل ايل بي.
    ماڳ:
    Sukkur, Sindh
    جو ئي آھيان، سو ئي آھيان

    ھندو مومن ناھيان مان!
    ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي، آءٌ جو ئي آھيان، سو ئي آھيان!
    ڪو مومن چوي ڪو ڪافر چوي، ڪو جاھل نالو ظاھر چوي
    ڪو ساحر چوي ڪو شاعر چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو پنٿ چوي ڪو سنت چوي، ڪو باغ بھار بسنت چوي
    ڪو ميراثي ڪلونت چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو ملان چوي ڪو قاضي چوي، ڪو مفتي چوي ڪو غازي چوي
    ڪو روزيدار نمازي چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو رد چوي ڪو بد چوي، ڪو بيديني بيحد چوي
    ڪو مشرڪ ڀي ملحد چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو صورت ۾ انسان چوي، ڪو شر ڀريو شيطان چوي
    ڪو بزرگ جو مستان چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو سست چوي ڪوسرمست چوي، ڪو راه تي دين درست چوي
    ڪو عاشق روز الست چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو زير زبر زنديق چوي، ڪو رھنما رفيق چوي
    ڪو غرقي منجھ عميق چوي، آءُ جو ي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو رنگ ڪو بي رنگ چوي، ڪو مستو مست ملنگ چوي
    ڪو ننگي ڪو بي ننگ چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو حالي چوي ڪو قالي چوي، ڪو خاص الخاص خيالي چوي
    ڪو ازلي مست موالي چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو شڪ چوي ناحق چوي، ڪو بات اھا برحق چوي
    مونکي مرشد عبدالحق چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو خاص چوي ڪا عام چوي، ڪو پختو چوي ڪو خام چوي
    ڪو ’سچو‘ سچو نام چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    ڪو ملان چوي ڪو قاضي چوي، ڪو مفتي چوي ڪو غازي چوي
    ڪو روزيدار نمازي چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    آءُ ڇا آهيان آءُ ئي ڄاڻان
    امام حُسين عه جو فرمانِ اطهر آهي
    جي تنهنجي هٿ ۾ اکڙوٽ آهي پر جي ڪو تو کي چوي ته تنهنجي هٿ ۾ هيرو آهي ته توکي خوش ٿيڻ جي ضرورت ناهي ۽ جي تنهنجي هٿ ۾ هيرو هجي پر جي توکي ڪو چوي ته تنهنجي هٿ ۾ اکڙوٽ آهي ته توکي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي ڇو جو توکي معلوم آهي ته تنهنجي هٿ ۾ ڇا آهي ۔ مقصد آءُ ڇا آهيان مونکي معلوم آهي ۽

    هاڻي جي سچل پنهنجو حال ڏسي اهو واڪو ڏئي


    ھندو مومن ناھيان مان!
    ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي، آءٌ جو ئي آھيان، سو ئي آھيان!
    ڪو مومن چوي ڪو ڪافر چوي، ڪو جاھل نالو ظاھر چوي
    ڪو ساحر چوي ڪو شاعر چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو پنٿ چوي ڪو سنت چوي، ڪو باغ بھار بسنت چوي
    ڪو ميراثي ڪلونت چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو ملان چوي ڪو قاضي چوي، ڪو مفتي چوي ڪو غازي چوي
    ڪو روزيدار نمازي چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو رد چوي ڪو بد چوي، ڪو بيديني بيحد چوي
    ڪو مشرڪ ڀي ملحد چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو صورت ۾ انسان چوي، ڪو شر ڀريو شيطان چوي
    ڪو بزرگ جو مستان چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو سست چوي ڪوسرمست چوي، ڪو راه تي دين درست چوي
    ڪو عاشق روز الست چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو زير زبر زنديق چوي، ڪو رھنما رفيق چوي
    ڪو غرقي منجھ عميق چوي، آءُ جو ي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو رنگ ڪو بي رنگ چوي، ڪو مستو مست ملنگ چوي
    ڪو ننگي ڪو بي ننگ چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو حالي چوي ڪو قالي چوي، ڪو خاص الخاص خيالي چوي
    ڪو ازلي مست موالي چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو شڪ چوي ناحق چوي، ڪو بات اھا برحق چوي
    مونکي مرشد عبدالحق چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان!
    ڪو خاص چوي ڪا عام چوي، ڪو پختو چوي ڪو خام چوي
    ڪو ’سچو‘ سچو نام چوي، آءُ جو ئي آھيان سو ئي آھيان
    بهترين چونڊ سائين وسلام
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو