شاعري

عابد بلوچ

سينيئر رڪن
هڪ نازڪ نيڻ سڄڻ جا
ٻيا نازڪ مٿن نقاب،
جي انهن جوءِ خماريا
ته نرگس نه سهن تاب،
جي نهارن ناز منجهان
ته نميو پون نواب،
جي اچن ڪوس قهر تي
ته جنگن کي به جواب،
جي اچن معافيءَ تي
ته ڇا جا ڏوه ثواب،
اهڙو حسن حساب
آهي منجهه اعجاز چوي
پير اعجاز علي شاه راشدي
 
Back
Top