اچو ته اجرڪ ٽوپي ڏينهاڙي جيئان هر سال چوويهين جنوري ڏهاڙو ملهايون، سنڌو درياءَ جو ڏهاڙو ڇو جو هي دريا بادشاه صرف دريا ناهي، پر ڇهه ڪروڙ سنڌين جي جيئڻ جو ڪارڻ آهي. هن سان ئي اسانجو حال، اسان جو ماضي ۽ اسان جو مُستقبل ڳنڍيل آهي تنهنڪري توهان چاهي مذهبي، چاهي قومي، چاهي ذاتي ڪير به آهيو، بس ايترو ياد ڪريو ته اها سنڌ آهي جيڪو توهان کي اسي سيڪڙو ناڻو ڏي ٿو جيڪو توهان کائو ٿا، اهو سنڌو درياءُ ئي آهي، جيڪو توهان جي زمينن کي سيراب ڪري ٿو، جي سنڌ جو کائو ٿا، جي سنڌ جو پيئو ٿا، جي سنڌ جو پايو ٿا ته توهان سنڌي ئي ٿيو نه؟ آهيو نه. پوءِ اچو ته هر سال اُن درياءَ بادشاه کي ياد ڪريون، جيڪو روز روز سُڪندو وڃي. ۽ ڏسو ته اُنهن مان ٻُلهڻ ڪيئن مرنديون وڃن، اچو سنڌو بچايو، سنڌي بچاي http://www.facebook.com/photo.php?pid=1010254&op=1&view=all&subj=295038620099&aid=-1&auser=0&oid=295038620099&id=1257445178 هي ڪنهن جو گُناه آهي؟
جواب: چوويهين جنوري سنڌو درياءَ جو ڇهه ڪروڙ سنڌين جي جيئڻ جو ڪارڻ ادا واقعي پاڻي اصل جياپي جو اهم عنصر آهي قرآن ڪريم به اهڙي طرح ٻڌايو آهي الله تعالي جي ڪلام قرآن ڪريم ۾ آهي ته وَجَعَلنَا مِنَ المَاءِ کُلَ شَيء حَي سورت الانبياء آيت 30 يعني اسان هر شيء کي پاڻي مان حياتي بخشي آهي انڪري اهڙي اهم عنصر جي حصول جي ڪوشش ۾ ڪوتاهي نه ڪرڻ گهرجي سڀ گڏجي ان جياپي لاء جتن ڪريو۔۔۔۔۔۔
جواب: چوويهين جنوري سنڌو درياءَ جو ڇهه ڪروڙ سنڌين جي جيئڻ جو ڪارڻ ادا عبدالرزاق۔۔۔۔ سنڌو ندي اسان سنڌين جي جياپي جو سبب آهي۔۔۔ ۽ هندو ڌرم لاءِ ته هي ندي ايتري اهميت رکي ٿي جو سندن سڀ ويد به هن درياءِ جي ڪناري وٽ ئي لکيا ويا هئا۔۔۔ سنڌو نديءَ لاءِ اسان ٻڌندا ٿا اچون ته هن جو مٿانهون ڇيڙو نه ٿو لڀي۔۔۔ يعني هي ڪٿان شروع ٿئي ٿو۔۔؟ سو گهڻا ماڻهو چوندا آهن ته هي دريا جنت منجهان جاري ٿئي ٿو۔۔ اڄ انهيءَ سنڌو درياءِ جي سڪل پيٽ کي ڏسي اندر ڏرندو آهي۔۔۔ يا الله هن درياءِ کي جلد پنهنجي اصلوڪي جوڀن تي آڻ۔۔
جواب: چوويهين جنوري سنڌو درياءَ جو ڇهه ڪروڙ سنڌين جي جيئڻ جو ڪارڻ سلام آهي انهن تنظيمن ۽ ژشخصيتن کي جي سنڌ جي آزادي ۽ خوشحالي لئه لوچ ۽ سوچ جو مادو رکنٿا ۔۔۔ ۽ وقت سر پنهنجي سگهه جو مظاهرو ڪري چورن کي اهو ٻڌائن ٿا ته اڃان ڀاڳيا جاڳن پيا ۔۔۔ سنڌ سڄڻ دوستن کي هٿ ادب جا ٻڌي وينتي ڪجي ٿي ته هو اهڙن سنڌ جياپي وارن تحريڪن ۾ پنهنجي پنهنجي وس آهي حصو ضرور وٺن ۔۔۔ ”ڦڙي ڦڙي تلا“ واري مثال جي مصداق ۔۔۔ پڪ سان اوهانجي شرڪت ان تحرڪ کي وڌيڪ سگهارو ڪندي ۔۔۔ الله اوهانجو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين