توهان وٽ هڪ وڊيو آهي جنهن جي سائيز 18 ميگا بائيٽ آهي۔۔۔۔ يا توهان وٽ ڪو سافٽويئر يا گيم آهي جنهن جي سائيز 10 ميگا بائيٽ کان وڌيڪ آهي۔۔۔۔ توهان جي دوست فرمائيش ڪئي آهي ته اهڙين وڏين سائيز رکندڙ گيمز، سافٽويئر يا وڊيوز کي سندس ڏانهن ميل ڪريو۔۔۔ پر مفت ۾ ميل جي سهولت مهيا ڪندڙ ياهو، گوگل يا هاٽميل 10 ميگا بائيٽ کان وڌيڪ فائيل کي اپلوڊ ڪرڻ نه ڏينديون آهن ۔۔۔ ان جو حل آهي ته توهان ميگا اپلوڊ ڪندڙ سائيٽس جي مدد وٺو ۔۔۔۔۔۔ پر توهان چاهيو ٿا ته توهان وارو مواد ڪانفيڊينشل آهي ۽ ڪنهن سائيٽ تي اپلوڊ ڪرڻ جو رسڪ نه ٿا کڻي سگهو ته پوءِ توهان کي گهرجي ته ون رار سافٽويئر ذريعي فائيل کي ننڍن ننڍن ٽڪڙن ۾ تبديل ڪريو۔۔۔ ۽ ميل ڪري ڇڏيو۔۔۔ طريقي ڪار حاضر آهي۔۔۔ سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري ون رار سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪريو ۽ انسٽال ڪريو۔۔۔۔ هاڻي مطلوبا فائيل تي مائوس جي مدد سان ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو ۽ Add in Archive تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ هتي جنرل ٽيب ۾ "Split to volume, bytes." ايريا تي اچو ۽ ٽوٽل فائيل مان ڪيتري بائيٽس جا ٽڪڙا ڪرڻ چاهيو ٿا لکو يا وري ڊراپ ڊائون لسٽ کي سليڪٽ ڪري سائيز سليڪٽ ڪريو ۽ ok بٽڻ پريس ڪريو۔۔۔ ٿوري ئي دير ۾ توهان جي فائيلز ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ تبديل ٿي ويندي۔۔۔۔
جواب: ڪڏهن وڏي سائيز جي فائيل کي ٽڪڙن ۾ تبديل ڪريو۔۔۔ سائين تمام زبردست ٽپ آهي الله اوهان کي سلامت رکي۔
جواب: ڪڏهن وڏي سائيز جي فائيل کي ٽڪڙن ۾ تبديل ڪريو۔۔۔ سائين رشيد صاحب۔۔۔ ايتري بهترين ٽپ شيئر ڪرڻ جي مهرباني
جواب: ڪڏهن وڏي سائيز جي فائيل کي ٽڪڙن ۾ تبديل ڪريو۔۔۔ lajwab-sharingادا زبردست شيرنگ آهي، پر سائين مون نيٽ تي ڪي جي بي جي باري ۾ پڙهيو آهي ته هي سافٽويئر ٻه جي بي کي ٻه ايم بي ۾ ڪمپريس ڪري سگهي ٿوي! ڇا اهيو صحيح آهي؟ اگر صحيح آهي ته مهرباني ڪري انهي جي باري ۾ به ڪجهه لکندا۔ جيئي سنڌ sindhsalamatsaathsal
جواب: ڪڏهن وڏي سائيز جي فائيل کي ٽڪڙن ۾ تبديل ڪريو۔۔۔ منهنجا ادا مان سچ ٿو چوان ته جيڪو توهان اسان کي طريقو ٻڌايو آهي مان اصل ۾ ڪيترن ويب سائيٽن ۾ ڏسندو هيم پر مجبور هوندو هيم ته اهو ڪيئن حصن ۾ تقصيم ٿا ڪن ؟ توهان جي مهرباني خاص طور تي مون کي توهان کي سلام آهي محمد مگسي جو ؟ منهنجي دل ٿي چئي ته مان توهان کي استاد ڪري سڏيان اگر توهان کي اعتراض نه هجي ته
جواب: ڪڏهن وڏي سائيز جي فائيل کي ٽڪڙن ۾ تبديل ڪريو۔۔۔ ادا بلڪل اهو سافٽ ويئر ايتري ڪمپريشن ڪري ٿو پر ان جي لاءِ اوهان جي ڪمپيوٽر ۾ ڊاٽ نيٽ فريم ورڪ انسٽال هجڻ ضروري آهي ٻيو ته هي تمام آهستگي سان فائلن کي ڪمپريس يا ڊي ڪمپريس ڪري ٿو۔۔ ايتري دير لڳائي ٿو جو اوهان سٺي ڊي ايس ايل جي هوندي اهي پوري فائل ئي ڊائون لوڊ ڪري وٺو تيستائين به هو ڪمپريشن پيو ڪندو۔۔۔ مطلب ته ڏاڍو سلو آهي۔۔