وڏي سائيز جي فائيل کي ٽڪڙن ۾ تبديل ڪريو۔۔۔

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توهان وٽ هڪ وڊيو آهي جنهن جي سائيز 18 ميگا بائيٽ آهي۔۔۔۔ يا توهان وٽ ڪو سافٽويئر يا گيم آهي جنهن جي سائيز 10 ميگا بائيٽ کان وڌيڪ آهي۔۔۔۔ توهان جي دوست فرمائيش ڪئي آهي ته اهڙين وڏين سائيز رکندڙ گيمز، سافٽويئر يا وڊيوز کي سندس ڏانهن ميل ڪريو۔۔۔ پر مفت ۾ ميل جي سهولت مهيا ڪندڙ ياهو، گوگل يا هاٽميل 10 ميگا بائيٽ کان وڌيڪ فائيل کي اپلوڊ ڪرڻ نه ڏينديون آهن ۔۔۔
    ان جو حل آهي ته توهان ميگا اپلوڊ ڪندڙ سائيٽس جي مدد وٺو ۔۔۔۔۔۔ پر توهان چاهيو ٿا ته توهان وارو مواد ڪانفيڊينشل آهي ۽ ڪنهن سائيٽ تي اپلوڊ ڪرڻ جو رسڪ نه ٿا کڻي سگهو ته پوءِ توهان کي گهرجي ته ون رار سافٽويئر ذريعي فائيل کي ننڍن ننڍن ٽڪڙن ۾ تبديل ڪريو۔۔۔ ۽ ميل ڪري ڇڏيو۔۔۔
    طريقي ڪار حاضر آهي۔۔۔
    سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري ون رار سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪريو ۽ انسٽال ڪريو۔۔۔۔
    هاڻي مطلوبا فائيل تي مائوس جي مدد سان ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو ۽ Add in Archive تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

    [​IMG]

    هتي جنرل ٽيب ۾ "Split to volume, bytes." ايريا تي اچو ۽ ٽوٽل فائيل مان ڪيتري بائيٽس جا ٽڪڙا ڪرڻ چاهيو ٿا لکو يا وري ڊراپ ڊائون لسٽ کي سليڪٽ ڪري سائيز سليڪٽ ڪريو ۽ ok بٽڻ پريس ڪريو۔۔۔

    [​IMG]

    ٿوري ئي دير ۾ توهان جي فائيلز ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ تبديل ٿي ويندي۔۔۔۔
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪڏهن وڏي سائيز جي فائيل کي ٽڪڙن ۾ تبديل ڪريو۔۔۔

    سائين تمام زبردست ٽپ آهي الله اوهان کي سلامت رکي۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪڏهن وڏي سائيز جي فائيل کي ٽڪڙن ۾ تبديل ڪريو۔۔۔

    سائين رشيد صاحب۔۔۔ ايتري بهترين ٽپ شيئر ڪرڻ جي مهرباني
     
  4. نواب خان ڪيريو

    نواب خان ڪيريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڌنڌو:
    BSC PASS
    ماڳ:
    SAKRAND
    جواب: ڪڏهن وڏي سائيز جي فائيل کي ٽڪڙن ۾ تبديل ڪريو۔۔۔

    lajwab-sharing​
    ادا زبردست شيرنگ آهي،
    پر سائين مون نيٽ تي ڪي جي بي جي باري ۾ پڙهيو آهي ته هي سافٽويئر ٻه جي بي کي ٻه ايم بي ۾ ڪمپريس ڪري سگهي ٿوي! ڇا اهيو صحيح آهي؟
    اگر صحيح آهي ته مهرباني ڪري انهي جي باري ۾ به ڪجهه لکندا۔

    جيئي سنڌ
    sindhsalamatsaathsal​
     
  5. محمد مگسي

    محمد مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪڏهن وڏي سائيز جي فائيل کي ٽڪڙن ۾ تبديل ڪريو۔۔۔

    منهنجا ادا مان سچ ٿو چوان ته جيڪو توهان اسان کي طريقو ٻڌايو آهي مان اصل ۾ ڪيترن ويب سائيٽن ۾ ڏسندو هيم پر مجبور هوندو هيم ته اهو ڪيئن حصن ۾ تقصيم ٿا ڪن ؟ توهان جي مهرباني خاص طور تي مون کي توهان کي سلام آهي محمد مگسي جو ؟

    منهنجي دل ٿي چئي ته مان توهان کي استاد ڪري سڏيان اگر توهان کي اعتراض نه هجي ته
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪڏهن وڏي سائيز جي فائيل کي ٽڪڙن ۾ تبديل ڪريو۔۔۔

    ادا بلڪل اهو سافٽ ويئر ايتري ڪمپريشن ڪري ٿو پر ان جي لاءِ اوهان جي ڪمپيوٽر ۾ ڊاٽ نيٽ فريم ورڪ انسٽال هجڻ ضروري آهي ٻيو ته هي تمام آهستگي سان فائلن کي ڪمپريس يا ڊي ڪمپريس ڪري ٿو۔۔ ايتري دير لڳائي ٿو جو اوهان سٺي ڊي ايس ايل جي هوندي اهي پوري فائل ئي ڊائون لوڊ ڪري وٺو تيستائين به هو ڪمپريشن پيو ڪندو۔۔۔ مطلب ته ڏاڍو سلو آهي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو